علي بابا
”علي بابا، سنڌي ساهت جو اهو اڻٿڪ، اربيلو ۽ مست الست ليکڪ آهي، جيڪو جُڳن کان ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين، ڪيٽي کان ڪشمور تائين، موهن کان سون مياڻيءَ تائين ۽ کيرٿر کان کاري تائين سنڌ جي اتهاس کي کيڙيندو رهيو آهي.“
سوانح
علي محمد ولد محمد رمضان بلوچ 1940ع ڌاري ڪوٽڙي ضلع دادوءَ ۾ جنم ورتو. علي محمد اڳتي هلي ”علي بابا“ جي نالي سان مشهور ٿيو. علي بابا جو واسطو روايتي ”رند“ قبيلي سان آهي، جيڪو پنهنجي مشهور قومي ’سردار مير چاڪر خان رند‘ جي حوالي سان مشهور آهي. علي بابا جا وڏڙا، اوڻيهين صدي ۾ ، بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ ويٺا. علي بابا جو پيءُ محمد رمضان ريلوي ۾ شنٽنگ پائلٽ هو.
علي بابا پرائمري تعليم نانگو لائين ميونسپل اسڪول ڪوٽڙي ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ شيردل خان ميونسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ داخل ٿيو. پاڻ جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي رهيو هو ته امتحان هال ۾ هڪ ڇوڪر کي ڀونڊو ڏيڻ تي هڪ استاد کيس امتحان هال مان ڪڍي ڇڏيو، علي بابا پوءِ وري اسڪول جو منهن نه ڏٺو.
علي بابا پهرين ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو. اُتي هن ستن سالن تائين ڪم ڪيو، تنهن کان پوءِ علي بابا هڪ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر ٿي ڪم ڪيو. 1965ع کانپوءِ نوڪرين جي انهن جهنجهٽن کان آجو ٿي لکڻ پڙهڻ کي لڳو ۽ لکڻ ئي علي بابا جي گذر سفر جو وسيلو بنجي ويو .
انهيءَ دور (1965ع) ڌاري علي بابا لکڻ شروع ڪيو، سندس شروعاتي ڪهاڻيون شمشيرالحيدري ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپيون. علي بابا لکڻ جي حوالي سان ملندڙ اُتساهه جو ذڪر ڪندي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو:
”منهنجي ننڍپڻ جي ماحول ۾ کوڙ شيون هيون، منهنجو طبيعت جو لاڙو به هو. ڪتاب به هئا. ڏاڍا سٺا ڪتاب هوندا هئا. ٻارن جي لاءِ باتصوير سوشلسٽ ڪتاب ايندا هئا، جنهن ۾ ڏيکاريل هوندو هو ته ڪيئن نه هڪ غريب گهر ۾، هڪ انگريز ڪٽنب ماني جي ميز تي ويٺل آهي. ۽ ڪاٺ جي اڻ غريباڻي ميز تي انهن جي حصي ۾ گدري جون اڻپور يون ڦارون آهن. ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. انهن ڪتابن جو به منهنجي تربيت ۾ هٿ آهي. پر مان سمجهان ٿو ته اسان جي ڳوٺ (ڪوٽڙي) ۾، اسان جو هڪڙو مائٽ، ستن ستن ڏينهن جي لمبي ڪٿا کڻندو هو. اهو شخص پنهنجي خوبصورت انداز ۾ ڳالهه کڻندو هو، سيف الملوڪ جي، حاتم طائي يا شهزادي، شهزادن ۽ پرين جي ۽ اها ٽي ٽي ڏينهن يا ڇهه ڇهه ڏينهن هلندي هئي. پر ان جي ڳالهه کڻڻ جي انداز ايترو ته سهڻو هوندو هو، جو اسان جي اکين اڳيان فلم هلندي هئي ۽پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ان ڳالهه جا ڪردار اسان جي خوابن جا مهمان ٿي رهندا ها.“
علي بابا ننڍي وهي ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ انهي وقت هو جيڪو ڪجهه لکندو هو، تنهن جو ڪو واضح تصور وٽس نه هو ۽ لکي پنا ڦاڙي ڇڏيندو هو، پر اڳتي هلي انهي شوق ئي کيس باقاعده لکاري بنائي ڇڏيو.
علي بابا، سنڌي ٻولي جو اهو پورهيت اديب آهي، جنهن پنهنجي قلم کي مڪمل سچائي سان لکڻ ۾ مصروف رکيو. هن پنهنجي قلم مان لڳ ڀڳ ٽن سئون کان به وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون. ٽيلي ڊراما لکيا، ريڊيي لاءِ ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکيون. فلم اسٽوريون لکيون، اسٽيج ڊراما لکيا.
علي بابا هڪ سئو کان به وڌيڪ ٽي وي ڊرامه ۽ سيريل لکيون، جن مان هڪ ڊرامي ”دنگيءَ منجهه درياءُ“ (1976ع ۾) کي ميونخ جي عالمي ميلي ۾ ٽيون نمبر بهترين ڊرامو قرار ڏيئي ”ايوارڊ“ سان نوازيو ويو. انهيءَ ميلي ۾ دنيا جي 79 ملڪن حصو ورتو. انهي کان سواءِ علي بابا جي ٻين به ڪيترن ئي ڊرامن شهرت حاصل ڪئي ۽ مڃتا ايوارڊ کٽيا. علي بابا جي ٻين مشهور ڊرامن ۾ ٻاليشاهي، موکي متارا، مومل راڻو ، هوشو شيدي، رقص حيات (اهو موهن دڙي جي ناچڻي ۽ زندگي بابت هو) وغيره شامل آهن.
علي بابا جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1983ع ۾ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي نالي سان ڇپيو. جنهن ۾ علي بابا جون ارڙهن ڪهاڻيون شامل هيون. ڪتاب تي لکيل مهاڳ نما مضمون ۾ نصير مرزا لکي ٿو:
”پهرين ڪهاڻي کان آخري ڪهاڻي تائين، سنڌي ڪهاڻيءَ جي ارتقا جو ساٿ ڏيندي، مسلسل نئون علي بابا جنم وٺندو رهيو آهي. موضوع جي لحاظ کان سندس ڪهاڻي ”فور فيسڊ“ رهي آهي. سماجي، سياسي، تاريخي ۽ هاڻي داخلي، سماجي ۽ سياسي ريفرنس سان لکيل ڪهاڻين ۾ هن سوسائٽي جي اندرين ڀڃ ڊاهه کي ڏاڍي ذهانت سان لکيو آهي. سياسي پارٽي جي مينيفيسٽو سان ميچ ڪن ٿيون ته گڊ! نه ته سياسي طور تي، توڻي ادب ۾ علي بابا نه هن پاسي نه هُن پاسي!
......اها حقيقت به آهي ته، علي بابا وٽ اظهار مان ماڌيم طور پنهنجو ڊڪشن ۽ پنهنجو ايڊيم آهي. نواڻ ڀريو، بلڪل اوريجنل!“
علي بابا جي ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ”آيل ڙي اولاڻا“ 1984ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڪتاب ”علي بابا جون ڪهاڻيون“ (ڀاڱو پهريون-1994ع) ۾ ڇپيو، هن ۾ علي بابا جون ڪُل 59ڪهاڻيون شامل آهن.
علي بابا جو ناول ”موهن جودڙو“ (حصو پهريون) 1985ع ۾ شايع ٿيو. اهو ناول پهريون ماهوار ”روح رهاڻ“ ۽ پوءِ ”نئين زندگي“ ۾ قسطوار ٿي ڇپيو هو. انهيءَ ناول جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو:
”علي بابا سندس ناول ”موهن جو دڙو“ ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي. ٻولي کان وٺي منظر نگاريءَ تائين ڪٿي به سندس گرفت ڪمزور پوندي محسوس نٿي ٿئي. ڪاش! علي بابا ”موهن جو دڙو“ جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو ناول مڪمل ٿي وڃي ته هرمن هيس جي ”سڌارٿا“ کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻهي سگهي ٿو.“
علي بابا ”موهن جو دڙو“ ناول جو ٻيو حصو مڪمل ڪري ڇو نه سگهيو آهي. انهي جو جواب ۾ علي بابا هڪ انٽرويو ۾ چيو:
”تون يقين ڪر ته لکڻ جي ڌنڌي ۾ منهنجو ارڪو ترڪو چٽ ٿي ويو. سهڻا گهوڙا هئا، عاليشان بگيون هيون، ٽي گهر هئا، سڀ تباهه ٿي ويا، ڇو ته مان انهن ڏانهن ڌيان نه ڏيندو هوس ۽ نه ئي انهن جي مرمت ڪرايم. جيڪي پئسا هٿ ۾ ايندا هئا ته وڃي ڪتاب خريد ڪندو هوس ۽ ٽي ٽي چار چار ڏينهن سوچيندو هوس ته منهنجو ناول اڳتي ڪيئن وڌي؟ ڪهڙو ڪردار ايندو هاڻي؟ ڇاڪاڻ ته مان پلان ڪري نه لکندو آهيان ته ڀئي هاڻي هي آهي، ۽ پوءِ هو ايندو ۽ پوءِ فلاڻو. فلاڻو هوندو ئي ڪونهي. اڳيان بلڪل هڪ ڀت هوندي آهي. ڪابه شئي نظر نه ايندي آهي. اهي سڀ شيون هڪٻئي جي مهابي پاڻ ئي تخليق ٿينديون وينديون آهن. پنهنجي وقت سان، جيئن ماڻهو پنهنجي وقت سان ڄمندا ۽ مرندا آهن. جيڪڏهن ان وقت تائين ڪو ڪردار مري چڪو آهي ته مون ناهي ماريو. ضرورتن ۽ حالتن ماريو آهي. مان ته هڪ بي وس تلخيقڪار آهيان، منهنجي هٿ ۾ ڪجهه ڪونهي. مان ته خدا جي ۽ انهن جي رحم ڪرم تي هوندو آهيان.“
مٿين ناول کان سواءِ علي بابا، ٻارن لاءِ پڻ هڪ ناول ”سنڌباد جو سفر“ لکيو آهي. اهو ناول 1993ع ۾ ڇپيو. انهيءَ ناول جي لکڻ جي وارتا بيان ڪندي علي بابا مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون هي ناول ”سنڌباد جوسفر“ 1992ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. سچ ته انهي ناول مون کي ڇٺي جي ٿڃ ياد ڏياري ڇڏي. پوءِ به مان محسوس ڪريان ٿو ته مان ان ناول سان بلڪل نباهي نه سگهيو آهيان. ڪٿي ته برابر مون انهيءَ ناول کي هڪ ننڍڙي ٻار جيان لکيو آهي ته، ڪٿي وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان. ڪٿي ٻولي ٻاراڻي آهي ته ڪٿي علي بابا جو قلم هلي ويو آهي. سڄي ناول ۾ مون پاڻ کي وچ ۾ لڙڪندي محسوس ڪيو آهي. ان ڪري اها ڳالهه ٻارڙن تي ٿو ڇڏيان. هو انهي ڳالهه کي ڪيئن ٿا محسوس ڪن. مون ناول ۾ ”سنڌ باد“ سيلاني کي سنڌي ڏيکاريو آهي ۽ ڪوشش ڪئي اٿم ته باقي سڀ ڪردار سنڌ سان تعلق رکندڙ هجن! جيئن هوٿل پري، گوڪل ديوَ، پاراشر رشي، ته جيئن ناول اصلوڪو ۽ سنڌي لڳي. سڄي ناول ۾، مون ڪٿي به ڪردارن هٿان رت وهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، حقيقي زندگيءَ ۾ سنڌ ۾ ايترو ته رت وهايو ويو آهي، جو ان جي گنجائش نه رهي آهي.“
علي بابا جي ڪهاڻي جا ڪردار انڌا ،گونگا،ٻوڙا نه پر پنهنجو وجود پاڻ مڃائيندڙ، هن ڌرتي جا ڌڻي، اظهار ۽جرئت جا مالڪ آهن. علي بابا ڪهاڻي، ناول، ناٽڪ، جنهن به صنف کي ڇهيو آهي، انهن کي شاندار ۽ جاندار بنائي ڇڏيو اٿس. اها تخليقي سگهه ئي آهي جيڪا علي بابا جي ذهن ۽قلم جي ميراث آهي ۽ اها سگهه ۽ ميراث شل سدائين سلامت رهي.