موهن ڪلپنا
سوانح
موهن مولچند لالا، 24نومبر 1930ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ جنم ورتو. موهن لالا جو پيءُ بولچند منگهارام لالا اصل سيوهڻ جو رهاڪو ۽ ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ هو. موهن ڪلپنا ننڍي هوندي کان ئي انتهائي ذهين هوندو هو.هن شروعاتي تعليم ڪوٽڙيءَ ۾ حاصل ڪئي. پوءِ سندس مائٽ لڏي ڪراچي ويا. ان ڪري سندس وڌيڪ تعليم ڪراچي ۾ ٿي. ورهاڱو ٿيو ته 16جنوري 1948ع تي سنڌ ڇڏي هن جو سڄو گهراڻو هندستان هليو ويو. سندن اهو سفر ڪراچي مان هڪ پاڻيءَ واري جهاز جي وسيلي بمبئي تائين ٿيو. گهڻا سال پوءِ انهيءَ جلاوطني جي سفر کي ياد ڪندي 1958ع ۾ پاڻ هڪ ڪوتا ”جهاز جي ڊيڪ تي“ لکيائين، جنهن جون ڪجهه سٽون هن ريت آهن:
اڄ حياتي زهر ڍڪ تي پنهنجو ست آ وڪيو
اڄ وڃڻ جو فلسفو ئي زندگي جو فلسفو آ
موت ٿو اڄ زندگيءَ جا حج ڪري
اڄ آ ڇاتي تي زيارت
چڪ ۽ چنبي ڪپ ڇريءَ جي!
هي برابر زهر يگ آ- زهر يگ زهر يگ آ
هيٺ پاڻي مٿي آڪاش آهي
وچ ۾ منهنجو لاش آهي لاش آهي.
موهن ڪلپنا 1941ع ۾ فرقي پرست هندو تنظيم ”جن سنگهه“ ۾ داخل ٿيو، جيڪا هن 1952ع ۾ ڇڏي، جنهن جو ذڪر ڪندي هو پنهنجي آتم ڪهاڻي ”بک، عشق ۽ ادب“ ۾ لکي ٿو:
”هونئن 1949ع کان مان جن سنگهه کان ٽٽي رهيو هئس، پر صفا ڪٽجڻ ۾ ٽي سال لڳي ويا. ورهاڱو ان وچ ۾ ٿيو. جيڪڏهن مان سنگهه ۾ نه هجان ها ته شايد مان سنڌ ڪڏهن نه ڇڏيان ها. مون سپنن سان پيار ڪيو ۽ سپنا ڀارت جي آزاديءَ جا هئا. ڀارت آزاد ٿيو، پر سنڌ ان ۾ ڪانه هئي. ان ڪري مون سنڌ ڇڏي. مان اهڙو ڪو بهانو نٿو ڏيان ته مان ننڍو ٻار هوس ۽ مون کي ڪا سمجهه نه هئي، پر مان غلط رستي تي هليو ويو هئس“.
هندستان لڏي وڃڻ کانپوءِ سندس گهراڻو مشڪلن ۽ مصيبتن ۾ ڦاسي پيو. سگهو ئي سندس پيءُ ۽ ڀاءُ ديهانت ڪري ويا. سندس مالي حالت انتهائي ڪمزور ٿي ويئي. انهن مشڪل حالتن ۾ پنهنجي گهر ڀاتين جو سهارو بڻجي ويو ۽ ننڍي عمر ۾ ئي مختلف نوڪريون ڪرڻ لڳو.
موهن جي طبيعت ۾ ننڍي هوندي کان ئي اديباڻو مزاج هو. موهن ڪلپنا پهرين ڪهاڻي 1948ع ۾ ”آتم هتيا“ جي نالي سان لکي، جيڪا ڪنهن سنڌي فلمي رسالي ۾ ”موهن لالا“ جي نالي سان ڇپي. سندس ٻي ڪهاڻي ”ڦيرو“ سنڌ هند جي اديبن جي وچ ۾ ٿيل بهترين لکڻين جي چٽاڀيٽي ۾ ٻيو نمبر آئي.
هندستان ۾ موهن ڪلپنا سنڌي لپيءَ جي سوال تي سدائين جهيڙيندو رهيو. هن ڪڏهن به ديوناگري لپيءَ جي حمايت نه ڪئي ۽ ديوناگري لپي ۾ نه لکڻ جو قسم کنيائين ۽ توڙ تائين انهيءَ تي قائم رهيو. هن هندستان ۾ ادب ۾ نظرياتي سوال تي سدائين ترقي پسند اديبن سان جهيڙيو ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ گنو سامتاڻي، راجن چاولا ۽ موهن ڪلپنا انهيءَ جهيڙي ۾ اڳيان اڳيان رهيا ،جنهن جو ذڪر ڪندي موهن ڪلپنا لکي ٿو، ”ادب ۾ اسان ٽنهي ڪميونسٽن جو زبردست مقابلو ڪيو ۽ اسان کي ”ٿري ائنگري مين آف سنڌي لٽريچر“ جو خطاب مليو. اسان ترقي پسندن کي قوميت جي صليب تي لٽڪائي ڇڏيو“.
انهيءَ ڇڪتاڻ جو ذڪر موهن ڪلپنا پنهنجي مقالي ”سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش“ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، جيڪو 1963ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو.
موهن ڪلپنا هڪئي وقت ڪهاڻيون،ناول، ڊراما ۽ رپورتاز پڻ لکيا. سندس لکيل ڊراما آل انڊيا ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان پيش ٿيا. پاڻ هڪ سٺو شاعر پڻ هو. هن آزاد نظم ۽ نثر نظم گهڻو لکيو. سندس شعري مجموعو ”جهاز جي ڊيڪ تي“ 1983ع ۾ شايع ٿيو.
موهن ڪلپنا جو ن لکڻيون سڪ، محبت، وڇوڙي، قوميت ۽ سنڌ جي عشق سان سرشار آهن، هن پاڻ کي سدائين جلاوطن سمجهيو، کيس سنڌ سان بي انتها پيار هو. هو چوندو هو. ”مان اڪثر رات جو خواب ۾ پاڻ کي سنڌ گهمندي ڏسندو آهيان“.
موهن ڪلپنا جي ڇپيل ناولن، ڪهاڻين ۽ ٻين ڪتابن جو وچور هيٺين ريت آهي.
ناول: آواره (1953ع) لگن (1954ع) عورت (1956ع) زندگي (1957ع)پٿر جو جگر، ميڻ جي دل (1958ع) وشواس (1959ع) رڃ ۽ پاڇا (1966ع)پيار جي پڇاڙي (1969ع) جلاوطني (1974ع)تون منهنجي سندرتا جو آرنڀ آهين (1975ع)ماءُ (1979ع) ڪانءُ ۽ سمنڊ (1981ع) درد جو درياهه (1992ع).
ڪهاڻيون:
موهي نرموهي (1961ع) چاندني ۽ زهر (1964ع) فرشتن جي دنيا (1967ع) پيار ۽ پاپ (1977ع) اها شام (1982ع) اٺين ڪٿا (1991ع).
ٻارن لاءِ ناول: سرڳ جي ڳولا (1958ع)
رپورتاز: اڃا رات باقي آهي (1955ع)
جيوني: فنڪار ۽ فيلسوف (1973ع)آفتاب انقلاب (1975ع)
خط: منهنجا هم وطني (1975ع)
آتم ڪهاڻي: بک، عشق ۽ ادب (1984ع)
موهن ڪلپنا جي اڪثر ڪتابن جا هنڌ کان علاوه سنڌ ۾ پڻ ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. موهن ڪلپنا 19جون 1992ع تي الهاس نگر (هندستان) ۾ ديهانت ڪئي. افسوس جو کيس سنڌ جا وڻ ٻيهر ڏسڻ نصيب نه ٿيا. جنهن جي اڳڪٿي هن پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ هنن لفظن ۾ ڪئي هئي:
”گوبند مالهي چوي ٿو ته هو واپس موٽڻ کان اڳ ڪڏهن نه مرندو مونکي اهڙي ڪابه خوش خيالي ڪونهي. مان ايئن ئي جلاوطنيءَ ۾ ئي ڳري سڙي ختم ٿي ويندس، پوءِ شايد ڪي ماڻهو ڳالهه ڪندا: ”هڪ هئي سنڌ ۽ هڪ هو موهن ڪلپنا، ٻنهي هڪ ٻئي سان ڏاڍي محبت ڪئي، پر ملي نه سگهيا.“