طارق اشرف
سوانح
سيد اشرف علي ولد سيد لطف علي شاهه 5 جولاءِ 1940ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي پاڻ ”طارق اشرف“ جي نالي سان مشهور ٿيو. شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ ئي حاصل ڪيائين، سندس تعليم ايم-اي تائين هئي.
طارق اشرف کي ادبي ذوق ننڍي هوندي کان ئي هو. جڏهن به خرچي ملندي هيس ته هو هيراآباد جي بوڪ ڊپو تان ڪتاب وڃي وٺندو هو. ان وقت ٻارن جي ڪتابن جي پويان ٻارن ۾ ذوق پيدا ڪرڻ جي لاءِ پروليون وغيره ڏنيون وينديو هيون. پوءِ جڏهن ورهاڱو ٿيو ۽ لڏپلاڻ ٿي ته حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽي ۾ لڏي وڃڻ وارا هندو سامان رکي وڪڻندا هئا. انهن ۾ ڪتاب به شامل هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته اهي سامان ۾ سڀني کان سستا هوندا هئا، تنهن ڪري طارق اشرف پنهنجي جيب خرچي مان گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ورتا. انهن ۾ نٽ همسن جو ناول ”بُک“ (Hunger) به شامل هو. انهيءَ وقت جيترو به بينگالي ادب، بينگال ۾ سرجيو هو، اهو گهڻو ڪري سنڌي ۾ ترجمو ٿيو هو. طارق اشرف ننڍي عمر ۾ ئي ٽئگور، شرت چندر بئنرجي ۽ ٻين جا اڪثر ڪتاب جيڪي سنڌي ۾ ترجمو ٿيا هئا، سي پڙهي ڇڏيا، انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي طارق اشرف لکيو:
”مون ننڍڙي عمر ۾ ايترو سٺو ادب پڙهي ڇڏيو هو، جو انهيءَ کان پوءِ جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي رسالا نڪتا ته اهي منهنجي معيار کان گهڻو گهٽ هئا، تنهن ڪري مون اردو ادب پڙهڻ شروع ڪيو. پهرين اسلامي تاريخي ناول، پوءِ انهن مان بيزار ٿي منشي پريم چند، ڪرشنچندر، منٽو، عصمت چغتائي، رام لعل، ڪنهيا لال ڪپور ۽ ٻين کي پڙهيم.“
انهيءَ کان پوءِ طارق اشرف جو رجحان اردو ادب ڏانهن ٿي ويو. پاڻ پهرين سنڌي ڪهاڻي 59-1958ع ۾ جمال ابڙي جي ”بدمعاش“ پڙهيائين. اها کيس ايتري ته وڻي جو پوءِ ڳولهي ڳولهي جمال ابڙي جي ڪهاڻين کي پڙهيائين، پوءِ جڏهن طارق اشرف ڇپائي جوڪم شروع ڪيو ته پاڻ جمال ابڙي جي ڪهاڻي جي مجموعي ”پشو پاشا“ جو ڇاپو ”بدمعاش“ جي نالي سان ئي ڇپيائين ۽ طارق اشرف جي لفظن ۾ ته ’اهو ڇاپو هڪ ئي ڏينهن ۾ فقط حيدرآباد ۾ کپي ويو‘. ڪنهن سنڌي ڪتاب جو ايترو تيز وڪرو اڄ تائين نه ٿيو آهي، جيترو ”بدمعاش“ جو ٿيو.
جمال ابڙي جي ڪهاڻين سان گڏ طارق اشرف کي ان وقت جن ٻين ڪهاڻين متاثر ڪيو، انهن ۾ بشير مورياڻي جي ڪهاڻي ”چُهڙي“ ۽ رشيد ڀٽيءَ جي ڪهاڻي ”بُڻ“ کيس گهڻيون وڻيون. ”چُهڙي“ جو ته پوءِ پاڻ اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيائين.
طارق اشرف جي پهرين ڪهاڻي ”دري“ عبرت مخزن ۾ 1960ع ۾ ڇپي، تڏهن عبرت مخزن جو ايڊيٽر ”پروانو ڀٽي“ هوندو هو، پر طارق اشرف جي صحيح معنى ۾ ادبي ميدان ۾ واقفيت شمشيرالحيدري، ٽماهي ”مهراڻ“ جي وسيلي ڪرائي، جيڪو انهن ڏينهن ”مهراڻ“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽرهو.
1960ع م طارق اشرف پنهنجي دوست غلام نبي مغل سان گڏجي هڪ اشاعتي ادارو ”اداره ادب نو“ قائم ڪيو، جنهن هڪٻئي پٺيان ٽي ڪتاب شايع ڪيا. ”پهريون قدم“، ”ٻيو قدم“، انهن مان پهرينءَ ۾ مختلف ليکڪن جا شعر ۽ ڪهاڻيون ۽ ٻي ۾ فقط ڪهاڻيون هيون. اداري جو ٽيون ڪتاب ”شمشيرالحيدري“ جي شاعري جو ڳٽڪو ”لاٽ“ هو.
جون 1964ع ۾ ”اداره نو ادب“ ٻه ڪتاب، طارق اشرف جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”سونهن، پٿر ۽ پيار“ ۽ غلام نبي مغل جو ڪتاب ”نئون شهر“، ٻٽو ڪتاب ڪري ڇپايو. ”ٻٽو ڪتاب“ سنڌي ۾ پهريون تجربو هو. هن ڪتاب کي ٻنهي پاسي ٽائيٽل هئا. هڪ پاسي ”سونهن پٿر ۽ پيار“ ۽ ٻي پاسي ”نئون شهر“.
طارق اشرف جو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”زندگيءَ جو تنها مسافر“ 1978ع ۾، ۽ ٽيون ڪهاڻي ڪتاب ”درد جا ڏينهن، درد جون راتيون“ 1982ع ۾ ڇپيو. 1992ع ۾ طارق اشرف جي ٽنهي ڪتابن ۽ وڌيڪ لکيل ڪهاڻين کي هڪ ئي مجموعي ”بند اکين ۾ ڪجهه سپنا، ڪجهه يادون“ ۾ ڇپيو ويو. جنهن ۾ سندس سڀئي ڪهاڻيون شامل آهن، جن جو تعداد 42 آهي. ڪتاب جو پيش لفظ ماهتاب محبوب لکيو آهي.
سهڻي جو اجراءَ
”اداره نو ادب“ پاران ڪجهه ڪتاب ڇپرائڻ کان پوءِ دوستن جي صلاح ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن سُٺي رسالي جي نه هئڻ کي محسوس ڪري، ”طارق اشرف“ ماهوار ’سهڻي‘ جو اجراءُ ڪيو ۽ اها مخزن پاڻ لڳاتار نوَ سال ڪڍيائين. پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي گورنمينٽ ۾ جڏهن غلام مصطفى جتوئي سنڌ جو وڏو وزير هو ته هن سنڌي ٻولي جي اسي ڪتابن ۽ رسالن تي پابندي هڻي ڇڏي. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت بظاهر ته جمهوري حڪومت هئي، پر انهيءَ ۾ اظهار جي آزادي ڪانه هئي. جنهن جو ذڪر ڪندي طارق اشرف سهڻي پبليڪيشن جي ڪتاب سهيوڳي ادب (جنوري 1978ع) جي ايڊيٽوريل ۾ لکي ٿو:
”هيءَ فوجي حڪومت آهي، پر ڀٽي جي عوامي حڪومت کان ڪنهن حد تائين لکڻ جي لاءِ آزادي آهي. ڀٽي جي عوامي حڪومت ۾ سنڌي پريسن، اسي ڪتابن ۽ سڀني برک رسالن تي پاپندي وڌي ويئي هئي ۽ ڪيترائي اديب سالن جا سال جيلن ۾ پي سڙيا.“
طارق اشرف جي انهن مٿين لفظن جو اهو مطلب ڪونهي ته ڪو اها (جنرل ضياءُالحق) جي فوجي حڪومت بهتر هئي، اها فوجي حڪومت ته پاڪستان جي تاريخ جي بدترين حڪومت هئي. فوجي حڪومت جو مٿيون قدم هڪ وقتي قدم هو. تنهن کان پوءِ يارهن سالن جو اهو آمريتي دور هر لحاظ کان سنڌ توڙي، ملڪ لاءِ خراب ثابت ٿيو.
سهڻي جا شخصيت نمبر
”سهڻي“ رسالو نوَ سال هليو. انهيءَ رسالي جتي ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪيون، اتي سنڌي ۾ پهريون ڀيرو ”شخصيت نمبر“ پڻ ڪڍيا. سهڻي جي انهيءَ پهرين دور ۾ طارق اشرف ٻه شخصيت نمبر ”امر جليل نمبر“ ۽ ”نسيم کرل نمبر“ ڪڍيا. جنهن جو ذڪر ڪندي طارق اشرف لکيو:
”مان چاهيندو آهيان ته ليکڪ جي عظمت جو اقرار سندس زندگيءَ ۾ ئي ڪجي. کيس مانُ،مرتبو، عزت، سندس زندگي ۾ ئي ڏجي. مون انهي تي ڪجهه عمل به ڪيو آهي. امر جليل ۽ نسيم کرل جا نمبر سندس زندگي ۾ ئي ڪڍيم.“
سهڻي جا هي ٻئي نمبر ”امر جليل ۽ نسيم کرل“ جي شخصيت ۽ فن جو مڪمل احاطو ڪن ٿا. بيشڪ طارق اشرف ۽ سهڻي جو اهو وڏو ڪارنامو هو.
سهڻي جو ٻيو دور
ٻئي دور ۾ سهڻي جو پهريون پرچو مارچ 1989ع ۾ نڪتو ۽ اهو دور طارق اشرف جي وفات 14 اپريل 1992ع تائين قائم رهيو. انهيءَ دور ۾ به طارق اشرف ”سهڻي“ جي اڳين روايت کي برقرار رکيو ۽ شيخ اياز تي ٻه شاندار ۽ ضخيم نمبر مارچ 1990ع ۾ ۽ ٻيو مارچ 1991ع ۾ ڪڍيو. اهي ٻيئي پرچا شيخ اياز جي شاعري ۽ شخصيت جي ڪيترن ئي پهلوئن تي روشني وجهن ٿا. جيئن طارق اشرف، شيخ اياز نمبر ۾ لکيو:
”اياز اها ڳالهه پسند ڪري يا نه ڪري، پر منهنجي اها خواهش هئي ته اياز جي فن ۽ شخصيت تي هر پهلوءَ تي لکڻ گهرجي. بهرحال، مون شيخ اياز تي ”سهڻي“ جي پاران ٻه نمبر ڪڍي، سندس عظمت جو اعتراف،سندس زندگيءَ ۾ ئي ڪيو آهي. پر اياز جهڙي ليکڪ تي سوين نمبر نڪرن ته به گهٽ ٿيندا.“
سهڻي جو ڪردار
سهڻي جا ٻيئي دور، سنڌي ادب جي حوالي سان اهميت وارا آهن، سهڻي ڪئين نوان ليکڪ پيدا ڪيا. جن اڳتي هلي وڏو نالو ڪڍيو. سهڻي هڪ رسالو ڪونه هو، سهڻي هڪ تحريڪ هئي، هڪ تحرڪ هو، سهڻي هڪ ڇاڻي هئي، جيڪا سٺا اديب ڇاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي هنج ۾ وجهندي هئي.
سهڻي جي پهرين دور جا ايڊيٽوريل ”سهڻي“ جي جان هونداهئا. بقول ماهتاب محبوب جي:
”طارق اشرف جا سنجيدگي، گهرائي ۽ وڏي سوچ مان لکيل ايڊيٽوريل ۽ سياسي/ ادبي مضمون پڻ اجائي لفاظي جي بدران سدائين ڌيان ڇڪائيندڙ لڳندا آهن. پوءِ چاهي اهي ايڊيٽوريل نوان هجن يا پراڻا، جڏهن به پڙهي ڏسبا ته وقتائتا لڳندا، جن کي پڙهي ذهن جا ڪپاٽ کليو وڃن.“
اهڙي ئي هڪ ايڊيٽوريل (جولاءِ 1973ع)جي پرچي ۾ پنهنجي طرفان ۾ ”بنگلاديش منظور...منظور...منظور“ جي سري هيٺ لکيل ايڊيٽوريل ۾ هن لکيو:
”اڄ جيڪي بنگلاديش نا منظور، نامنظور ڪري رهيا آهن، اهي ڪي پاڪستان جا خير خواهه ڪونهن. نڪو ملڪ جي محبت خاطر اهي بنگلاديش نامنظور جو نعرو هڻي رهيا آهن. اهي اُهي ساڳيا غدار ،قاتل، الشمس ۽ البدر جهڙن خونخوار ٽولن جا باني ڪار آهن. جن بنگال ۾ قتل عام ڪرايو. اُهي پنجويهه سال بينگال جو استحصال ڪندا رهيا ۽ هاڻي جڏهن بينگال هنن جي چنبي مان آزاد ٿي ويو آهي ته اهي بنگال جي وجود کان انڪاري پيا ٿين.“
اهي جيڪي اڄ بنگلاديش نامنظور جا نعرا هڻي رهيا آهن. انهن جو وڏو ڪارڻ بهاري آهن. ڇاڪاڻ جو جيستائين بنگلاديش کي تسليم ڪونه ڪبو، اُتي جا بهاري پاڪستاني سڏبا ۽ پاڪستاني هئڻ جي ناتي انهن کي ڪوبه پاڪستان ۾ اچڻ کان روڪي نٿو سگهي. اهي ڄاڻن ٿا ته جنهن ڏينهن بنگلاديش تسليم ٿي ويو، بهارين جو اچڻ بند ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته پوءِ بهاري هڪ الڳ ۽ خودمختيار ملڪ جا باشندا هوندا ۽ هڪ ملڪ جا باشندا ٻئي ملڪ ۾ ايئن آساني سان نه اچي سگهندا. بهاري اهي خوني ۽ قاتل آهن، جن جا هٿ بيگناهه بينگالين جي رت سان رنڱيل آهن. مودودي جماعت جا ڇاڙتا بهارين کي پاڪستان ۾ درآمد ڪرڻ ٿا گهرن ته جيئن پاڪستان جي اصلي ۽ غريب عوام جو خون ناحق ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. جيئن سندن استحصالي قوت وڌي.“
طارق اشرف جي انهي ايڊيٽوريل جي روشني ۾ اڄ ڪجهه شاونسٽ پناهگير ۽ مذهبي جماعتن پاران ”بهارين کي گهرائڻ“ جي مطالبن کي ڏسنداسين ته مٿين صورتحال ۾ ذرو به فرق نه ايندو.
طارق اشرف کي ”اظهار جي آزادي“ جي ڏوهه ۾ ٻه ڀيرا جيل ۾وڌو ويو. پهريون ڀيرو 1975ع ۾ جيڪو عرصو ٻاويهن مهينن تي ٻڌل هو. اهو جيل وارو عرصو پڻ طارق جو لکڻ جي حوالي سان سجايو ويو. جيل ۾ پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جهڙوڪ: ٻاويهه مهينا جيل ۾ (ٻه ڀاڱا)، جيل گهاريم جن سان، اڌ ملاقات، ميرو ڌاڙيل (جيڪو هڪ ڌاڙيل مير محمد لانگاهه جي حياتي جو احوال آهي).
ٻيو ڀيرو طارق اشرف کي 1983ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. اهو جيل وارو عرصو ٽن مهينن تي ٻڌل هو، جنهن طارق اشرف کان ”هٿين هٿ ڪڙول“ (جيل جي ڊائري)لکرايو.
مٿين رسالي ۽ ڪتابن کان سواءِ طارق اشرف 79-1978ع ۾ ”تخليق پبليڪيشن“ جي سري سان به ڪجهه ڪتاب ”چڱو ادب“ ”سهيوڳي ادب“ وغيره ڪتابي سلسلا ترتيب ڏنا. تنهن کان سواءِ ڪجهه ٻيا ڪتاب پڻ ترتيب ڏنا، جهڙوڪ: چونڊ ڪهاڻيون، انٽرويو ۽هڪ ڪتاب ”بنگال ۾ هڪ اجنبي“ (ابراهيم جليس جي سفر نامي) جو ترجمو پڻ ڪيائين، وغيره شامل آهن.
طارق اشرف ۽ سهڻي جو ڪردار سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت والاري ٿو ۽ اهو نه رڳو هڪ ڌار ڪتاب جي تقاضا ٿو ڪري، پر سهڻي جي ٻنهي دورن جي ايڊيٽوريل کي گڏي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي گهرج آهي. جيئن انهيءَ دور جي سنڌ ۽ ملڪي حالتن تي ڪير لکڻ چاهي ته کين گهربل مواد هڪ هنڌ گڏ ٿي ملي.