ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جنم ۽ تعليم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 16ڊسمبر 1917ع تي تعلقي سنجهوري ضلع سانگهڙ جي ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ محترم علي محمد خان لغاري بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر بلوچ شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي ۽ پوءِ 1929ع ۾ نوشهري جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. پاڻ مئٽرڪ جو امتحان 1936ع ۾ بمبئي (ممبئي) يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. بي-اي (آنرس) 1941ع ۾ بهاءُالدين ڪاليج جهوناڳڙهه مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ بمبئي يونيورسٽي ۾ ٽيون نمبر آيو. ايم-اي مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه مان 1943ع ۾ فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. ايل-ايل-بي پڻ ساڳئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. پاڻ وڌيڪ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا ويا ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ايم-ايڊ ۽ ايڊ ڊي Doctor of Education جون ڊگريون حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر بلوچ 1949ع ۾ واپس ملڪ موٽي آيو.
سرڪاري نوڪريون
وطن موٽي اچڻ کان پوءِ پاڻ ٿوري وقت جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات جي کاتي ۾ ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ وچ اوڀر ۾ تعلقات عامه جي شعبي ۾ سفارتخاني ۾ مقرر ٿيو. سال 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جي شعبي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر صاحب ”سنڌي شعبي“ جو پهريون استاد ۽ سربراهه به رهيو. سال 1958ع تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. سنڌ يونيورسٽي جي تعليم جوشعبو، جيڪو پهرين هڪ ڊپارٽمينٽ هو، پوءِ ان کي ادارو ڪيو ويو، تنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب 1951ع کان 1976ع تائين، پهرين پروفيسر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. سال 1973ع کان 1976ع تائين، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به ٿي رهيو. جنوري 1976ع کان وٺي، آگسٽ 1977ع تائين اسلام آباد ۾ وفاقي حڪومت وزارت تعليم ۾ ’آفيسر بڪار‘ مقرر ٿيو. 1977ع کان وٺي 1979ع تائين وزارت ثقافت ۾، آثار قديمه، رانديون ۽ سياحت ۾ کيس رکيو ويو. انهيءَ دوران 1978ع کان 1979ع تائين وفاقي ريويو بورڊ جو ميمبر به رهيو ۽ ڪجهه وقت لاءِ 1979ع ڌاري قومي ڪميشن تاريخ، تحقيق ۽ ثقافت جو چيئرمين پڻ مقرر ٿيو. 1980ع کان 1982ع تائين اسلام آباد يونيورسٽي جو پهريون (باني) وائيس چانسلر ٿيو. انهيءَ دوران تاريخي ۽ ثقافتي تحقيق جي قومي ڪميشن جو چيئرمين به رهندو آيو. هن ڪميشن جي نئين جوڙجڪ ۾ (سال 1979ع کان 1982ع تائين)ڊائريڪٽر به رهيو. هن اداري جو نالو ”نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ“ مان تبديل ڪري ”نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اسلام، هسٽري، ڪلچر اينڊ سولائيزيشن“ رکيو ويو آهي. 1983ع کان 1990ع تائين هجره ڪائونسل اسلام آباد جو صلاحڪار رهيو. 1990ع ۾ جڏهن ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ قائم ٿي ته کيس انهيءَ جو پهريون چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ 1994ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين.
تصنيف ۽ تاليف
ڊاڪٽر صاحب جو پهريون ڪتاب ”گڏهه“، آگسٽ 1946ع ۾ ڇپيو. طنز مزاح توڙي سنڌي نثر ۾ هي ڪتابڙو اهميت وارو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جو ٻيو ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ آهي. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ جو دهقاني ادب جيڪو نج سنڌي ادب آهي، تنهن جي تحقيق ۽ تلاش بنده جي ڪوشش ۽ ڪاوشن جو عين مقصد رهيو آهي. هيءَ موجوده تحقيق نه رڳو لس ٻيلي جي ادب کي اُجاري ٿي، مگر سنڌ جي دهقاني ادب جي سنڀار سيهڙ لاءِ اهم پيش خيمو آهي.“
اهو خيال ذهن ۾ رکندي پاڻ 1955ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ کي ”لوڪ ادب اسڪيم“ جي رٿا پيش ڪيائين، جنهن جو کيس ئي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.
سنڌ جو اساسي ادب
سنڌي ٻوليءَ جي هن عظيم محقق لسانيات ۽ ادب جي موضوع تي ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ جهڙو شاندار ڪتاب لکيو. موسيقي جي ميدان ۾ پڻ ”سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ“ سندس شاندار ڪتاب آهي. اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي سهيڙ ۾: ”ڪليات حمل“ (1953ع)، ”ميين شاهه عنايت جو ڪلام“ (1966ع)”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام (1968ع)، ”ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري“ (1968ع)، ڪليات سانگي (1969ع)، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو (1982ع)، راڳ نامون (1981ع)، رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو (1985ع)، خليفي نبي بخشي صاحب جورسالو (1966ع)، سنڌي ٻوليءَ جو منظوم آڳاٽو ذخيرو (1988ع)، قاضي قادن جو رسالو (1999)اهم ڪتاب آهن.
لطيفيات
1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ قائم ٿيو ته ”شاهه جي رسالي“ جو معياري ايڊيشن تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. پهريون اهو ڪم مختلف عالمن جي حوالي ڪيو ويو، پر اهو ڪن سببن جي ڪري پورو ٿي نه سگهيو ۽ نيٺ اهو مختلف مرحلن مان گذرندو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حوالي ٿيو. ڊاڪٽر صاحب پهرينءَ مرحلي ۾ جن ڪتابن جو مطالعو ڪري، پيش لفظ ۽ وضاحتون لکي شايع ڪرايا، سي هي هئا: مير عبدالحسين سانگيءَ جو ”لطائف لطيفي“ (1967ع)، مرزاقليچ بيگ جو ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (1972ع)، ”پنج گنج“- صوفي سبحان بخش جي ترتيب ۽ بيدل جي تصنيف (1976ع)، فقير صوفي محمد صديق جو راڳ نامون (1981ع) آهن. اهي ڪتاب شاهه جي سوانح ۽ فڪر جي ماخذن طور شايع ڪيا ويا.
اُن بعد پهريائين برٽش ميوزم وارو قلمي نسخو (1969ع) شايع ڪيو. تنهن کان پوءِ ٽن اهم قلمي نسخن کي ڀيٽي 1974ع ۾ ”شاهه جو رسالو“ ۽ ڏهن قلمي نسخن جي آڌار تي ٽيون شاهه جو رسالو (1977ع) ۾ شايع ڪرايو.
مٿين رسالن ۽ ڪتابن کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب ٻه ٻيا به تحقيقي ڪتاب تيار ڪيا، جيڪي ”شاهه جي رسالي جا سرچشما“ (1972ع) ۽ ”شاهه جي رسالي جي ترتيب“ (1974ع) ۾ ڇپيا.
مٿين ڪتابن ۽ رسالن کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب شاهه جي رسالي جي جامع ۽ مستند معياري متن تيار ڪرڻ ۽ ان کي ڏهن جلدن ۾ شايع ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. اهو هڪ وڏي همت، محنت، حوصلي جو ڪم هو. اهڙي طرح 1983ع کان وٺي 1998ع تائين پندرهن سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين ڊاڪٽر صاحب رات ڏينهن ”شاهه جي رسالي“ جي انهيءَ رِٿيل رِٿا تي ڪم ڪيو ۽ پورو ڪيو ۽ هاڻي ڏهه ئي جلد ڇپجي چڪا آهن.
انهن ڏهن ئي جلدن جو مختصر تفصيل هن ريت آهي:
• جلد پهريون: جنهن ۾ شاهه جي سوانح، ۽ رسالي جي تاريخ تي حقيقي مقدمي سان گڏ، سُرڪلياڻ ۽ سُريمن ڪلياڻ جو مستند متن تفصيلي سمجهاڻي سميت شامل آهي.
• جلد ٻيو: جنهن ۾ سُر کنڀات، سُر بروو، سُر سري راڳ ۽ سُر سامونڊي جو مستند متن تفصيلي سمجهاڻي سميت شامل آهي.
• جلد ٽيون: جنهن ۾ سُر گهاتو، سُر کاهوڙي، سُر ڪاپائتي، سُر بلاول، سُر پرڀاتي، سُر ڪارايل ۽ سُر ڏهر جو مستند متن تفصيلي سمجهاڻي سميت شامل آهي.
• جلد چوٿون: جنهن ۾ سُر سسئي جي پنجن سُرن (آبري، معذوري، ڪوهياري، ديسي، حسيني) جو مستند متن سمجهاڻي سميت شامل آهي.
• جلد پنجون: جنهن ۾ سُر راڻو، سُر ليلان، سُر ڪاموڏ ۽ سر سورٺ جو مستند سمجهاڻي سميت شامل آهي.
• جلد ڇهون: جنهن ۾ سُر رپ، سُر پورب، سُر رامڪلي ۽ سُر آسا جو مستند متن تفصيلي سمجهاڻي سميت شامل آهي.
• جلد ستون: جنهن ۾ سُر مارئي، سُر سهڻي ۽ سُر سارنگ جو مستند متن سمجهاڻي سميت شامل آهي.
• جلد اٺون ۽ نائون: مٿين ستن جلدن ۾ ڪيل تحقيق جي نتيجي تي مشتمل شامل آهن.
• جلد ڏهون: جنهن ۾ سُر ڪلياڻ کان سُر بسنت تائين، جنهن ۾ شاهه کان سواءِ ٻين سالڪن ۽ شاعرن جو ڪلام شامل آهي، جنهن کي ”رسالي جو ڪلام“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
سنڌي لوڪ ادب اسڪيم:
سنڌي لوڪ ادب جي سهيڙ ۽ ترتيب جي رٿ ’سنڌي ادبي بورڊ‘جي آڏو 1955ع ۾ رکي ويئي ۽ 1956ع ۾ اها اسڪيم منظور ڪئي ويئي. هي محنت ۽ جاکوڙ وارو ڪم ڊاڪٽر بلوچ جي حوالي ڪيو ويو. 1957ع ۾ ”لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس“ قائم ڪري، ڊاڪٽر صاحب، سوين ڪارڪنن جي سٿ سان، وڏي محنت ۽ لگن سان مواد جي ترتيب ۽ مواد کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جو گشت ڪري، ڪچهريون سڏائي پڻ مواد گڏ ڪيائين. 1959ع ۾ لوڪ ادب سلسلي جو پهريون ڪتاب ”مداحون ۽ مناجاتون“ شايع ڪيو ويو ۽ 1991ع ۾ رِٿا جو چاليهون ڪتاب ”هنر“ ڇپجي پڌرو ٿيو. انهن چاليهن جلدن مان ست جلد لوڪ ڪهاڻين ۽ باقي ٻين موضوعن جهڙوڪ: قافيون، ڏور، بيت، ٽيهه اکريون، مولود، مناقبا، سينگار شاعري وغيره جا آهن.
هن تاريخ ڪم جي سهيڙ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي پنهنجي ساٿين سان گڏ محنت ڪندي، ڇٽيهه سال لڳا. لوڪ ادب سلسلي جي چاليهن ئي جلدن جي ’فهرست‘ جيڪا 250 صفحن تي مشتمل آهي. هن گڏيل پورهئيءَ جو اعلى مثال آهي. جيڪا سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌري ڪئي آهي. هن رٿا کان سواءِ انهيءَ ئي سلسلي جا ٻيا ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ (1950ع) لاکو ڦلاڻي (1989ع)، سڀ رنگ(1968ع)، ”رهاڻ هيرن کاڻ (ڀاڱو پهريون) (1999ع)رهاڻ هيرن کاڻ (ڀاڱو ٻيو، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون) پڻ ڊاڪٽر صاحب جي محنت ۽ قلم جو ڪارنامو آهن. (هن وقت تائين ”رهاڻ هيرن کاڻ“ جا ڏهه جلد ڇپجي چڪا آهن).
جامع سنڌي لغات:
سنڌيءَ ۾ لغت نويسيءَ جو فن ته آڳاٽو آهي، پر لغت نويسيءَ جي تاريخ ڪا ايتري پراڻي ڪونهي. انهيءَ سلسلي ۾ وقت بوقت مختلف عالمن اهو ڪم پنهنجي سِر پي ڪيو آهي. 1951ع ۾ بورڊ جي نئين سِر جوڙجڪ ٿي ته سنڌي لغات جي تياري جي اسڪيم وري سامهون آئي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي جامع سنڌي لغات ٽن سالن اندر تيار ڪرڻ ڏيڻ جو ڪم سونپيو ويو.
انهيءَ سال سنڌ يونيورسٽيءَ بورڊ ڪئمپس ۾ ”جامع سنڌي لغات“ جي تياريءَ واسطي مرڪزي آفيس قائم ڪئي ويئي. جنوري 1952ع کان لغت تي باقاعده ڪم جي شروعات ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۾ ڌار ڌار ورڪر مقرر ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن هن ڪم جي تڪميل ۾ پنهنجو نور نچويو. جن ۾ محمد بخش واصف، رشيد احمد لاشاري، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، سيد سردار علي شاهه، محمد اسماعيل شيخ جا نالا قابل ذڪر آهن.
ڊاڪٽر بلوچ قومي جذبي سان ”جامع سنڌي لغات“ جي تياريءَ جو ڪم ڪيو. ڪڏهن ٻارهن ڪلاڪ ته ڪڏهن پندرهن ۽ سورهن ڪلاڪ به روزانو اهو ڪم ڪندو رهيو. نيٺ پنهنجي ساٿين جي مدد سان پهرين چئن اکرن (ا-ب-ٻ-ڀ) جو پهريون جلد 1954ع ۾ تيار ٿيو ۽ مختلف مرحلن مان گذرندو 1960ع وڃي ڇپيو. ائين اهو ڪم مختلف رنڊڪن ۽ مسئلن هوندي به هلندو رهيو۽ ٻيو، ٽيو، چوٿون ۽ پنجون جلد ڇپجي پڌرو ٿيو. ائين سنڌ جي هن مايه ناز فرزند لغت جو اهو شاندار ڪم ڪري ڏيکاريو، جنهن تي سنڌيءَ ٻولي سدائين ناز ڪندي رهندي.
سنڌي اردو ۽ اردو سنڌي لغت
وزارت تعليم پاران 54-1953ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي کي هڪ ”سنڌي اردو لغت“ جي تياري ۽ اشاعت جي گذارش ڪئي ويئي. انهي وقت يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر علامه آٰءِ آءِ قاضي هو. جنهن اها آڇ هڪدم قبول ڪئي ۽ ٻنهي لغتن کي جامع ۽ معياري بنائڻ جي لاءِ هڪ خاڪو جوڙيو ويو، جيئن ته اهي لغتون مختصر عرصي ۾ تيار ڪرڻيون هيون، تنهن ڪري 500، 500صفحن جي لغتن جي تياريءَ جو خاڪو جوڙيو ويو ۽ ڊاڪٽر بلوچ اهو ڪم شروع ڪيو. اهڙي طرح ”سنڌي اردو لغت 866صفحن تي شايع ڪئي ويئي. ۽ ”اردو سنڌي لغت“ 589صفحن تي مشتمل آهي.
اهي ٻيئي لغتون ترتيبوار 1959ع ۽ 1960ع ۾ ڇپجي پڌريون ٿيون. ”جامع سنڌي لغات“ 3088صفحن ۽ 93000لفظن ۽ اصطلاحن تي مشتمل آهي. هنن لغتن جي ترتيب ۽ تدوين ۾ ڊاڪٽر بلوچ سخت محنت ۽ جانفشاني کان ڪم ورتو.
هڪ جُلدي سنڌي لغات
سنڌي لغت نويسي ڊاڪٽر بلوچ جو وڏو ڪارنامو آهي. 1991ع ۾ پاڻ جڏهن ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ جو باني چيئرمن ٿيو ته لغت جو وڌيڪ ڪم هٿ ۾ کنيائين ۽ هڪ جلدي سنڌي لغات جي رِٿا تيار ڪيائين. هن لغت جي ترتيب ۾ ساڳيا ”جامع سنڌي لغات“ وارا بنياد سامهون رکيا ويا. البت گهٽ استعمال ٿيندڙ ڏکيا علمي ۽ ادبي لفظ، طبي ۽ فني اصطلاح، قبيلن، قومن ۽ شهرن وغيره جا نالا ڪڍي، اُن ۾ جامع سنڌي لغات جو اختصار شامل ڪيو ويو. ڪجهه نوان لفظ پڻ شامل ڪيا ويا. ائين هي لغات 1998ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي، جيڪا 729صفحن ۽ 27000ستاويهه هزار لفظن تي مشتل آهي.
مٿين لغتن کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب اڻويهين صدي جي برک عالم آخوند عبدالرحيم عباسي جي ”جواهر لغات اڪيچار سنڌي“، جنهن جي تياريءَ جو عرصو 1845-1951ع وارو چيو وڃي ٿو. ان جي اشاعت ڪئي ۽ انهي تي مهاڳ لکيو. هيءَ لغت 1993ع ۾ شايع ٿي.
مٿينءَ ڪم کي نظر ۾ رکندي ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر صاحب جو ٻن حوالن سان نالو پهرين صف جي عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. (1)لوڪ ادب جي سهيڙ ۽ (2)لغات نويسي.
تاريخ تي تحقيق
مٿينءَ اهم ڪم کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب تاريخ جي تحقيق تي پڻ وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ عربي ۽ فارسيءَ ۾ سنڌ جي علمي،ادبي ۽ تاريخي ورثي کي گمناميءَ مان ڪڍي ظاهر ڪرڻ جي هڪ تفصيلي رٿا تيار ڪئي. انهي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب ٽي تاريخي ڪتاب ايڊٽ ڪيا. اهي هئا: بيگلار نامون، (مصنف ادراڪي بيگلار) تاريخ طاهري (ليکڪ: طاهر محمد نسياني) لبِ تاريخ سنڌ (ليکڪ: خداداد خان)
مٿين ڪتابن کان علاوه ڪجهه ٻيا اهم ڪتاب پڻ ڊاڪٽر صاحب ترتيب ۽ تدوين ڪيا: جن ۾ چچ نامون، تاريخ معصومي، تحفتھ الڪرام شامل آهن.
تنهن کان سواءِ ”باقيات از“، ”احوال ڪهلوڙه“ ۽ ”تاريخ بلوچي“ (مصنف: عبدالحميد جوکيو) پڻ ترتيب ڏيئي ڇپايا.
مٿين ڪتابن کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جا انگريزي ۾ پڻ ڪجهه ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي ڇپيل آهن، جن جا نالا آهن:
1. Lands of Pakistan
2. Sindh, Studies in History.
۽ سوين مقالا شامل آهن.
ٻيو مختلف ڪم
مٿين ڪتابن ۽ رٿائن کي مڪمل ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽر بلوچ تاريخ تي ٻيو به ڪافي ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ”سومرن جو دور“ (1980ع)، سنڌيءَ ۾ لکيل ۽ ڪيترن ئي عربي، فارسي ۽ اردو ڪتابن جي ايڊيٽنگ پڻ شامل آهي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا پيش لفظ،مهاڳ ۽ مقدمه پڻ لکيا آهن، جيڪي نهايت مدلل ۽ محققانه آهن. ڪتابن جي لحاظ سان انهن مقدمن جو اسلوب ڌار ڌار آهي.
تنهن کان سواءِ ڊاڪٽر بلوچ جو پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين جي حوالي سان هڪ ڪتاب ”منهنجو ڳوٺ جعفري خان لغاري“ پڻ ڇپيل آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ”تحفه پاڪستان“ ۽ ”ستاره قائداعظم ايوارڊ“ به ملي چڪا آهن. ان کان سواءِ سال 1979ع ۾ کيس صدارتي ايوارڊ ”حسن ڪارڪردگي“ به مليو.
ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو ٻڳهڻو دانشور آهي، جيڪو پنهنجي ڪم جي حوالي سان سدائين سنڌي ادب جي اُفق تي آفتاب ۽ مهتاب جيان جرڪندو ۽ پنهنجي علم جي روشنيءَ چوڏس پکيڙيندو رهندو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 6 اپريل 2011ع تي وفات ڪئي.