محمد عثمان ڏيپلائي
سوانح
محمد عثمان ڏيپلائي 13جون 1908ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي ڏيپلي شهر ۾ حبيب الله ميمڻ جي گهر ۾ ڄائو. سندس والد ننڍو واپاري هو. پاڻ اُتي ئي ست درجا سنڌي پاس ڪيائين. مائٽ کيس ”سڪيلڌي“ ۽ اڪيلي پُٽ هئڻ ڪري انگريزي تعليم جي لاءِ ”مٺي“ موڪلي نه سگهيا. هڪ مولويءَ کان ڪجهه فارسي پڻ پڙهيو. اڳتي هلي پنهنجي ذاتي صلاحيتن جي ڪري گجراتي، هندي، اردو، گرمکي ۽ انگريزي مان به پوري پُني واقفيت حاصل ڪيائين.
پاڻ پهرين واپار ڪرڻ لڳو، پر انهيءَ مان آمدني صحيح نه ٿيڻ سبب، ٽيهن سالن تائين زميندارن جي نوڪريءَ ۾ رهيو.
ڏيپلائي صاحب کي ننڍي هوندي کان ئي اخبار ۽ آکاڻين پڙهڻ جو شوق هوندو هو. انهيءَ زماني ۾ ”خليق“ مورائي ’ترقي‘ رسالو ڪڍندو هو، جنهن کي پڙهڻ سان منجهس لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. سندس پهريون افسانو ”علمي دنيا“ رسالي ۾ ”چنڊ سهڻو يا انسان“ ڇپيو ۽ وري انهيءَ ئي رسالي ۾ ”فريبي دنيا“ لکيائين.
ڏيپلائي صاحب ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو هوشيار هوندو هو. پاڻ جڏهن چوٿين درجي ۾ پڙهندو هو ته هٿ سان لکيل هڪ هفتيوار اخبار ”فرحت آثار“ ڪڍندو هو. جيڪا پاڻ سڄو هفتو هٿ سان لکندو هو. جنهن ۾ آکاڻيون ۽ لطيفا وغيره هوندا هئا.
ڏيپلائي صاحب جي 1934ع ۾ خليق مورائيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن جي چوڻ تي ”قرآني دعائون“ لکي شايع ڪرايائين. اهو سندس پهريون ڪتاب هو. اڳتي هلي اها لکڻ جي عادت منجهس ايتري ته پختي ٿي ويئي، جو سوين ڪتابن جو ليکڪ بنجي ويو ۽ ’ڏيپلائي‘ نالو سندس هر تصنيف جو ٽريڊ مارڪ بنجي ويو.
محمد عثمان ڏيپلائي کي جيڪا گهڻي شهرت حاصل ٿي، اها ڏيپلائي جا اسلامي ناولن واري سلسلي ذريعي ٿي. پهرين کيس جاسوسي ناول پڙهڻ جو شوق هوندو هو، پر پوءِ جڏهن عبدالحليم شر جا تاريخي ناول هٿ چڙهيس ۽ خليق مورائي جو ناول ”سُندري“ پڙهيائين ته منجهس اهڙا اسلامي ناول لکڻ جو شوق جاڳيو. تنهن کان سواءِ منشي صادق، نسيم حجازي ۽ راشدي الخيري جي ناولن به مٿس وڏو اثر ڪيو. ڏيپلائي جيڪو پهريون ناول لکيو اهو ”سنگدل شهزادي“ هو، جيڪو منشي صادق جي ڪتاب ”آرمينا ڪا چاند“ تان ماخوذ ڪيل هو. پاڻ اهو ڪتاب پنجاهه روپيا اوڌر کڻي شايع ڪرايائين. بعد ۾ کيس خيال آيو ته اهوسلسلو هلڻ گهرجي. ائين پاڻ ٽه ماهي ڪتابن جي سلسلي جو اعلان ڪيائين ۽ ”اسلاميھ دارالاشاعت“ جي نالي سان ميرپور خاص ۾ هڪ ننڍڙو ادارو قائم ڪيائين. اهڙي طرح شوق ۾، پنجاهه رپين جي اُڌاري رقم سان شروع ڪيل انهيءَ اداري، سنڌي ٻولي کي ڏيپلائي جي قلم مان ڪئين ڪتاب ڇپائي ڏنا.
ڏيپلائي صاحب طبيعت جو بيحد جذباتي ۽ پُرخلوص انسان هو، جنهن ڪري شروع کان وٺي مختلف عمل ۽ ردعمل جوشڪار رهيو. سندس پهريون ردعمل مولوي عبدالرحيم پڇمي ۽ مولوي احمد ملاح جي اثر هيٺ پير پرستيءَ خلاف بيداريءَ بابت ٿيو ۽ پوءِ مرشدن ۽ پير پرستي جي خلاف سڄي عمر هن جو قلم تلوار بنجي وهندو رهيو. سندس لکڻيءَ ۾ طنز ۽ تنقيد تمام گهڻي هوندي هئي. پاڻ مرشدن جي خلاف ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جهڙوڪ:مرشد جي نٿ، مرشدجي ڏاڙهي، مرشد جي ٽنگ، مرشد جو گهوڙو، مرشد جي ديڳ، مرشد جي ڪهاڙي وغيره شامل آهن. اهڙي طرح مرشدن جي ڪرتوتن تي پاڻ اٽڪل ٽيهارو کن ڪتاب لکيائين.
اهڙيءَ طرح پوءِ اسلامي جوش ۾ اچي هندن تي گهڻائي پنهنجي قلم جي ذريعي حملا ڪيائين. اهڙن ڪتابن ۾ ”گلستان حسن“، ”شيوا جي“، ”شيش محل“، ”ڏاهري رنگ محل“ شامل آهن ۽ اهو سلسلو به گهڻو وقت هليو.
1941ع ۾ جنگ جي ڪري، پني جي ڪوٽا تي سختي هئي ۽ ڪتاب جي لاءِ اخباري ڪاغذ جي استعمال تي پابندي وڌي ويئي. اخبارن ۽ رسالن کي سرڪاري اگهه تي پنو ملي سگهيو ٿي، پر ڪتابي ڪاغذ جي قيمت بليڪ تي پنجوڻ تي پهچي ويئي. ان ڪري ڏيپلائي پنهنجي ڪتاب سلسلي کي ماهوار ”عبرت“ رسالي جو نالو ڏنو. جيئن پنو سولائي سان ملي سگهي. جلد ئي پني تي ”پيپر ڪنٽرول آرڊر“ جاري ڪيو ويو، جنهن ڪري ڏيپلائي ”عبرت“ کي هفتيوار بنايو ۽ اڳتي هلي اها روزانه عبرت جي صورت اختيار ڪري ويئي ۽ 1958ع ۾ اها قاضي اڪبر کي وڪڻي ڏنائين.
ان وچ ۾ ڏيپلائي صاحب 1942ع ۾ دائمي طور تي حيدرآباد اچي رهيو. حيدرآباد واري دور ۾ ڏيپلائي جو مولانا مودودي جي جماعت اسلامي سان اتفاق ۽ اختلاف قابل ذڪر آهي. شروع ۾ جماعت کي زور وٺرائڻ لاءِ جماعت جي پوري پٺڀرائي ڪئي ۽ مودودي جي هرتازي تقرير سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين ۽ نيٺ سڄي پريس جماعت اسلامي جي لٽريچر ڇپڻ جي حوالي ڪيائين. پر جلد ئي هو جماعت اسلامي جي حقيقت کان واقف ٿي ويو ۽ انهي کان بدظن ٿي ويو ۽ مذهبي اڳواڻن کي زميندارن، سرمائيدارن ۽ سيٺين جا ڇاڙتا سمجهڻ لڳو، جنهن جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو:
”آخر مون هي مذهبي تماشو به ڏٺو ته جيڪي شخص مذهبي فريب ڏين ٿا، سي سڀ در حقيقت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سيٺين ۽ سرمائيدارن، حاڪمن ۽ زميندارن جا ڇاڙتا آهن ۽ اهي عوام کي ڪنهن نه ڪنهن طرح، سمجهي يا بي خبريءَ ۾ سندس انساني حقن کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. “
ڏيپلائي صاحب 1949ع کان ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند ماڻهن جي اثر هيٺ آيو ۽ پوءِ ”انسانيت“ جي نالي ۾ نوان ڪتاب ۽ مضمون لکيائين ۽ رسالو ”انسان“جاري ڪيائين ۽ ڪيترائي ڪتاب لکي ۽ترجمو ڪرائي شايع ڪيائين، جن ۾ ”امڙ“ (گورڪي جو ناول) چار داڻا، ماڻهو ۽ ڌرتي، سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري (ڪرشن چندر جو ناول ترجمو:سراج) وغيره شامل آهن. ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ مڪمل طور تي حب الوطني جي جذبي ۾ رڱجي ويو.
هاڻ ڏيپلائي هڪ وطن دوست، انسان دوست اديب بنجي چڪو هو. هڪ طرف هوءَ ”اسلاميھ دارالاشاعت“ جي ذريعي سنڌي ماڻهن کي صحيح مذهب جي سمجهاڻي ڏيئي رهيو هو، ته ٻي طرف اداره انسانيت جي بهترين اصولن جي پرچار ڪري رهيا هئا، ۽ وري ٽئين طرف ”عبرت“ جي سلسلي سان ادبي ۽ سياسي سجاڳيءَ جا سبب پيدا ڪري رهيو هو. هاڻ کيس وطن سان وابستگيءَ جو حق ادا ڪرڻ جو خيال آيو. ان لاءِ هن ”لطيف پبليڪيشن“ جي نالي سان ڌار ادارو قائم ڪيو. ”جپاني گڏي“، ”1887ع جو بلوه“ ۽ ”غازي انور پاشا“ انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون آهن. انهيءَ کان سواءِ حُر تحريڪ تي سندس لکيل ضخيم ناول ”سانگهڙ“ هڪ شاندار ڪتاب آهي، جنهن ۾ انگريزن خلاف ”حُر هلچل“ کي افسانوي ۽دلچسپ انداز ۾ پيش ڪيو اٿيس.
انهيءَ سڄي عمل ۾ ڏيپلائي صاحب جا ڪيترائي ڪتاب ضبط ڪيا ويا ۽ مٿس ڪيس داخل ڪري کيس جيل ۾ پڻ وڌو ويو، سندس ناول ”سانگهڙ“ به 1961ع ۾ جيل ۾ هئڻ جي دوران حر قيدين کان گڏ ڪيل حقيقتن تي لکيو اٿس.
ڏيپلائي صاحب کي پهريون ڀيرو ايوب خان جي مارشل لاء ۾ ڪميونسٽ سڏي گرفتار ڪري لاهور موڪليو ويو، جتي کيس فيض احمد فيض، مرزا ابراهيم، دادا فيروزالدين منصور، دادا امير حيدر، فضل الاهي قربان ۽ ٻين ترقي پسند رهنمائن سان گڏ رکيو ويو. جن جي خيالن ۽ جدوجهد ڏيپلائي صاحب کي ڪافي متاثر ڪيو. ٻي ڀيري کيس 1961ع ۾ گرفتار ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو ۽آخر ڀيرو کيس ”شيخ المشائخ“ ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ 1976ع ۾ گرفتار ڪيو ويو.
مٿين ڪتابن ۽ رسالن کان سواءِ پاڻ 1969ع کان ”ساڻيهه ڊائجسٽ“ ۽ روزاني ”سنڌ ٽائيمس“ پڻ شايع ڪيائين.
ڏيپلائي مرحوم جو نالو سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ تمام مٿاهون نظر اچي ٿو، جنهن ادب ۽ صحافت کي ڪارِ پيغمبري سمجهي استعمال ڪيو. پاڻ نه رڳو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو، پر هڪ تحريڪ پڻ هو، جيڪو ”جيسين هئي جيئري ورچي نه ويٺي“ وانگر ٻنهي ميدانن جو شهسوار رهيو. بقول شاعر ”نشتر“ ناٿن شاهي جي:
ادب جي لاءِ بنجي ڏيپلائي انقلاب آيو،
۽ بنجي سنڌي ساهت لاءِ هر خوشي آيو،
”صحافت“ لاءِ بنجي ڏيپلائي زندگي آيو.
سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ڪهنه مشق صحافي ۽ اديب 8فيبوري 1981ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
محمد عثمان ڏيپلائي جا مختلف موضوعن تي لکيل ڪتاب:
اسلام تي
شان القرآن، ارشاد الخلفا، اسلام ۽ ايمان (ترجمو)، اسلامي انقلاب (ترجمو)، انتخاب صحيح بخاري (حصو اول)، انتخاب صحيح بخاري (حصو ٻيو)، انساني حق، ايمان جي ڪسوٽي، ايمان مفضل (ترجمو)، پنج سورتون تفصيل سان، تعليم القرآن، جهاد جي حقيقت (ترجمو)، حج جي حقيقت، حقيقت اسلام، حقيقت قادياني، خطبات اسلام، خطبات اسلام (ٻيو ترجمو)، خطبات اسلام (ٽيون حصو)، دين شريعت، دينيات، روزي جي حقيقت، زڪوات ۽ خيرات، سلامتي جو رستو، سچو ايمان، سرفروشان اسلام، عبادتون ڪلمون پاڪ ۽ ڪلمو پليت، ڪلمي پاڪ جي حقيقت، ڪلمي پاڪ جي معنى ۽ تفسير، ڪفر ناس، قرآن انقلابي، قرآني خزانو، قرآني دعائون يا واليءَ در وينتيون، گلشن عبرت عرف شان مسلم، مسلمان ٿيڻ جي لاءِ علم جي ضرورت، مسلمان عورت، نبوت محمدي ﷺ، نماز جي حقيقت، يارهن سورتون ۽ نماز سولي سنڌي سان (مٿيان سڀ ڪتاب گهڻي ڀاڱي ترجمو ڪيل آهن).
نفسيات: راحت ڀري زندگي.
سياست: مسلم ليگ جي بهتري.
لسانيات: سنڌي استاد، اردو استاد.
طبيعات: ائٽم جي تاريخ
علم الانسان: انسان جي تاريخ، دنيا جي تاريخ، يونان کان اڄ تائين جي تاريخ.
لطيفيات: شاهه جو رسالو (1950ع)شاهه جورسالو (1957ع) شاهه جو رسالو (1962ع).
افسانا
آزاد چونڊ، ابتو ڦيرو، اسپيني شهزادو، اسپيشل امام، افضل مهيھ، اقبال جي ڀيڻ، اڪيلو منارو، اورنگزيب جو انصاف، اوليائن مار، بابر جو هل، بخار جو خيمو، بزدل نورجهان، سومار شاهه جو ٻئي گدڙ، پارس، پٿر دل، پنج گڏيون، پوڙهو اُٺ، ڀڳل موٽر، ڀلي ولايت، ڀل اکيون، تپيدار جي رپورٽ، ٺاڪر جي ڦڪي، ٺٽي جا ڏاڙهون، ٺٺ شاهه، جيل جو تيل، جيل جو ڊاڪٽر، جن جو موت، جوڙي (ترجمو)، حضرت خالد جو روزو، خير جون خوبانيون، طرف شرڪ برباد، چنڊ جو جبل، چند سهڻو يا انسان، چوڏهين صديءَ جا چار درويش، حق جو رعب، درگاهه شريف، دستگير جي يارهين، ڏاڏا جي سارنگي، ڏائڻ، ڍڳن جو لشڪر، راضي شاهه جي روڪ، رڍ بيبي، رنگا رنگي دنيا، سائنس جو پٽ، سُڃي جو سير، سستي رڍ، شاهه جي ڊگري، شاهي پروانو، شرڪ ٽوڙ، شرڪ ناس، طاقت جو بينظير نسخو، علماءِ حق جو شان، غدار دکن، غدار جي عزت، غيرت جو ٽهڪو، قلندر جو هندورو، قهر جي ڪهاڙي، ڪارا ڪافر، ڪاڪوس هڙتال، ڪاليءَ جي ڪرپا، ڪاوڙيل مريدياڻي، ڪنواري ماءُ، ڪنواري ڪلي، ڪنيز السلام، کدڙي جي گادي عرف مرشد جي ڪڪي، کنڊ جون ڳوڻيون، ککر ۾ کڙو، کيت پارو ٻڪر، گڏهه جو پيءُ گنهگار، ڳري جي ڳالهه، ڳاڙها مرچ، ڳڙ جو سير، لال جهنڊو، لڏيندڙ جون نشانيون، مرشد جو اُٺ، مرشدجو ٻڪر، مرشد جون ٽنگون، مرشد جو چاليهو، مرشد جو حج، مرشد جو ڪهاڙو، مرشد جو ڪنڊو، مرشد جو گهوڙو، مرشد جو ونڊ، مرشد جي پڳڙي، مرشد جي درگاهه، مرشد جي ديڳ، مرشد جي ڌيءَ، مرشد جي ڏاڙهي، مرشدجي سزا، مرشد جا قدم، مرشد جي ڪانچ، مرشد جي مار، مرشد جي ننڊ، مرشد جي ننهن، مرشد جي وهر، مزيدار ڪڪڙ، مسلمانن لاءِ نهايت نازڪ وقت، مصري مومل، معصوم مجاهده، مينا بازار، ٻانگ ۽ لوڻ، نانگي شاهه جو ڪنڊو، سڀاڳي مريدياڻي، نڀاڳي مڱ، نٿ جو حج، نر ماديءَ جو فرق، نغارن جا قيدي، نيت جو ڦل، وڏي ڀاءُ جو ڪم، وڏيري جي رات، وطن فروش، ووٽن جي پيتي، هلر، هندستان کان پاڪستان، ۽ آواز ايندو رهيو ۽ مٽر ڏرجي ويو، يزيد جو ڀيڻويو.
ناول
آخري اُميد، آخري سبق، آفريقا جي شهزادي، افضل شهيد، امڙ، انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان، ايراني شهزادي، بلبل ايران عرف آخري اُميد، بهادر طارق عرف فتح اسپين، حور بغداد، حيدر علي، جاپاني گڏي، جلوه اسلام، جنگ ترڪ و جرمن، چين جو چنڊ، دفتر اسلام، دفتر اسلام (وڌايل) دمشقي شهزادي، ڏاهري رنگ محل، ڍڳن جو لشڪر، راجا هري سنگهه جي درٻار، رت پياڪ رهزن، روم جي راڻي، سانگهڙ، ستيارت ستياگره، سسي نيزي پاند (ترجمو ۽ تلخيص) سلطان ٽيپو شهيد، سلطان سبڪتگين ۽ جئپال، سلطان صلاح الدين، سمرقند جو صوف، سنگدل شهزادي، سومناٿ سندري، سوڊان جي سونهن، شاهه امان الله، شڪست چين، شوڪت اسلام (اول) شوڪت اسلام (حصو ٻيو) شهيد ڪربلا، شير شاهه ۽ همايون،شيوا جي شيش محل، عرب جي لاڏي، عروج اسلام (ٻه ڀاڱا)، عصمت جي قيمت،عيد جو چنڊ، غازي انور پاشا (چار حصا)، غازي اورنگزيب عالمگير، غازي احمد شاهه ابدالي، غازي مصطفى ڪمال، فتح اسلام، فتح فلسطين، فتح يرموڪ، فتح العرب، ڪارا ڪافر، ڪاشي جا پاپڙ، ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، ڪتي جو....، ڪفر و اسلام، ڪراچي جو ڪوس، ڪوريا جي ڪنوار، گلستان حسن، گمراهه مسافر، قسطنطنيه جي شهزادي، محمد بن عبدالوهاب، محمود غزنوي، مجاهد اسلام، مجاهد ڪشمير، مجاهد مصر، مسلمان بادشاهه، ناتال تحفو، نازنين سمرنا، نازنين يورپ، نورِ توحيد (چار ڀاڱا)، نيل ڪنوار، وهابين جو بابو، هندو مسلمان اتحاد، هوشربا جي شهزادي، 1957ع جي جنگ آزادي (ٻه ڀاڱا).
ناٽڪ
اسلام تي مقدمو، پئچائتي پدمڻي، ڊاڪٽر ناٽڪ، ڏڪار ناٽڪ، سجائي موڙي، شاهدي ناٽڪ، عجيب شاهدي، غيرت عرف نورجهان جو پُٽ، ڪانگريس ناٽڪ، ڪورٽ ناٽڪ، مرزا غازي بيگ، نجومي ناٽڪ، واڀيئڙو.
آکاڻيون: بهادر مسلمان، درد دل، رنگا رنگي دنيا.
مضمون: ڪنواريون مائون.
ادبي تنقيد: بقول اياز (مهاڳ) صفائي، شيخ المشائخ، مڪو ۽ ڊئنزگ.
تاريخ
تاريخ بهادران اسلام (ٻه ڀاڱا)، تاريخ بهادران اسلام (وڌايل ۽ سڌاريل) جنگ بدر، روسي مسلمان، فتح ايران (ٻه ڀاڱا)، فتح شام فتوحات اسلام (ٻه ڀاڱا)، ڪربلا کان پوءِ، هندستان جي اسلامي تاريخ، هندستان جي سڄي تاريخ (ويدن جو زمانو)، سيرت الرسول، سيرت مصطفى، سيرت محمدي ﷺ، سيرت الصديقي، سيرت عثمان، سيرت الحيدري، سيرت الفاطمھ، سيرت امام حسين، شاهه جيلاني، انقلاب ايران (جيڪو ڏيپلائي جو آخري ڪتاب هو).
شخصيات
اردو مان ترجمو ٿيل ڪتاب، غازي احمد شاهه ابدالي ۽ مجاهد مهر آهن.