سُندري اُتمچنداڻي
سوانح
سنُدري اُتمچنداڻي 28سيپٽمبر1924ع ۾ ’ناهين جي پڙ‘ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي. هن ميٽرڪ تائين تعليم ’تولارام اسڪول‘ ۾ حاصل ڪئي. ورهاڱي ٿيڻ تي پنهنجي ور اُتم سان گڏجي وڃي بمبئي وسايائين. جتي ايم اي ڪيائين ۽ اتي ’ڪي جي کلناڻي اسڪول‘ جي ڪاليج سيڪشن ۾ سنڌيءَ جي استاد ٿي رهي. هن تعليم دوران حيدرآباد ۾ سنڌي جي مشهور ليکڪ ڪامريڊ اي.جي.اُتم (آسن داس ڄيٺانند اُتمچنداڻي)سان پنهنجي پسند جي شادي ڪئي، کيس ٻه ڌيئر آهن.
ادبي اوسر
سُندري اُتمچنداڻي کي ادب سان چاهه خانداني طور مليو. سندن گهر ۾ تمام گهڻا ڪتاب موجود هوندا هئا. سندس ڏاڏي، پيءُ ۽ ڀائرن جا ڪافي ڪتاب گڏ ڪيل هئا، ”آئون پنهنجي گهر ۾ آخري ٻار هيس، منهنجين ڀيڻن جي شادي ٿي ويل هئي ۽ ڀائر ڪم سانگي ٻاهر رهندا هئا. راند جا موقعا گهٽ هجڻ سبب منهنجو ڌيان گهڻي حد تائين ڪتابن ڏانهن ئي رهيو. ڪتابن پڙهندي منهنجي ذهن ۾ هڪ وڏي ليکڪا ٿيڻ جو سپنو اُڀريو، پر ميدان وغيره ڪجهه به ڪونه هو. اهو سپنو ساڀيان تڏهن ٿيو جڏهن مون کي ورهاڱي وقت اُتم کي ڏسڻ ۽ ساڻس ڳالهائڻ جو موقعو مليو.“
ان وقت سنڌ ۾ ٻين ڪيترين ئي عورتن لکڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، جيڪي ليک پڙهي سندريءَ ۾ ڪافي اُتساهه پيدا ٿيندو هو. ان وقت عورتن جو هڪ گروپ هوندو هو، جتي پڻ سندري جي ڪافي تربيت ٿي. اهو 1936ع کانپوءِ جو دور هو، جڏهن ترقي پسنديءَ جي لهر زورن تي هئي. ”ان ئي درور ۾ مون کي اُتم کي ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ آئون به ساڻس گڏ انهيءَ ڌارا ۾ شامل ٿي ويس.“ سندري ٻڌائي ٿي.
ان وقت 1946ع ڌاري هوءَ عورتن جي هڪ مخزن ”ساٿي“ جي جوائنٽ ايڊيٽر ٿي، پوءِ ’سنڌو سماچار‘ ۽ ’سنڌو سنسار‘ اخبارن جي عورتن جي ڀاڱي جي ايڊيٽر پڻ هئي. ان وقت تائين سندس هڪ ترجمو ڪيل ڪهاڻي پڻ ڇپي هئي. ”باقي جڏهن اُتم جو مون کي پورو ساٿ مليو ته ڄڻ منهنجي اميجينيشن کي پَر لڳي ويا. مان پاڻ کي ائين محسوس ڪرڻ لڳيس ته ڄڻ، ڪن اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ اچي ويئي هيس. جتي منهنجي من جو ڏاڍو وڪاس ٿيڻو هو.“
سُندري جي پنهنجي پهرين تخليق هندستان ۾ ڇپي. اها ڪهاڻي ”ممتا“ هئي. جنهن هندستان جي ڪيترن ئي وڏن ليکڪن ۾ انعام کٽيو، جنهن ڪري سُندري ۾ لکڻ جي لاءِ ڏاڍو اُتساهه پيدا ۽ پاڻ ۾ اعتماد پيدا ٿيس.
سندري کي راڳ پڻ تمام گهڻو وڻندو آهي. جنهن جي لاءِ هن سنڌ ۾ ’برهمانند‘ کان باقاعده راڳ ڳائڻ جي سکيا ورتي هئي. انهيءَ کان علاوه هن کي ناٽڪ سان به لڳاءُ آهي. هن اداڪارا جي حيثيت سان ”املهه ماڻڪن جو واپار“ ۽ ٻين ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ پڻ ڪم ڪيو. هن سنڌي فلم ”سنڌوءَ جي ڪناري“ ۾ پڻ سٺي اداڪاري ڪئي. انهن کان علاوه آل انڊيا ريڊيو تان به هن ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ به حصو ورتو.
هوءَ ”سنڌي ساهت منڊل“ ممبئي جي بانيڪار ۽ ”سنڌوناري سڀا“ ۽ ”سنڌو ٻال مندر سوسائٽين“ جو پايو وجهندڙ پڻ آهي.
سُندريءَ جا ڪتاب
سُندري اُتمچنداڻيءَ جا هيستائين ڪيترائي ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ٻه ناول پڻ ڇپجي چڪا آهن. سندس پهريون ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”اڇا وار ڳاڙها گل“ جي نالي سان1965ع ڇپيو. ٻين ڪتابن ۾: تو جنين جي تات (ڪهاڻيون-1970ع) ڀوري (ڪهاڻيون-1979ع) ٻنڌڻ (ڪهاڻيون-1982ع) ۽ ٻه ناول: ڪرندڙ ديوارون-(1953ع) ۽ پريت پراڻي ريت نرالي (1956ع) ۾ شايع ٿيا.
سندس ٻين ڪتابن ۾ ”ڀارت ۽ روس - ٻه ٻانهن ٻيلي“ (مضمونن جو مجموعو (1975ع)، مئڪسم گورڪي جوناول ”ٽٽل ساز“ جي نالي سان ترجمو (1956ع)، ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو ”هڪ سسئي، سئو سور، 1978ع ۽ مليالم ناول جو ترجمو ’ساگر جي سنٿان‘ پڻ ڇپيل آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ هن هڪ سئو روسي ڪوتائن جو ترجمو ”امن سڏي پيو“ 1966ع ۾ ڪيو. شولو خوف جي لکڻين جي ترجمي تي ٻڌل ”شولو خوف جي جهلڪ“ 1975ع بريزنيف جي يادگيرين تي ٻڌل ٽي ڪتاب ملايا زيمليا (1978ع) نئون جنم (1978ع)۽ ڪنواري ڌرتي (1979ع) ۾ ڇپيا ۽ روس جو سفرنامو ”نئين سڀيتا جو درشن“ 1980ع ۾ شايع ٿيل اٿس.
سُندريءَ کي سندس ڪيترين ئي معياري ڪهاڻين ۽ ڪتابن تي مختلف انعام پڻ مليا آهن. سندس ڪهاڻين تي نئين دنيا جي ڪهاڻي چٽاڀيٽِي ۾ 1954ع ۾ انعام مليس. ”کير ڀريا هٿڙا“ ڪهاڻي کي 1960ع ۾ ۽ ”وڇوڙو“ تي انعام حاصل ڪيل اٿس. 1966ع ۾ ”امن سڏي پيو“ ڪتاب تي ”سوويت لئنڊ نهرو امن“ انعام حاصل ڪيائين ۽ 1978ع ۾ رشيا جو انعام پڻ حاصل ڪيو ۽ سوويت يونين جو سرڪاري سطح تي دورو پڻ ڪيو.
سُندري اُتمچنداڻي هڪ حقيقت پسند ليکڪا آهي. سندري ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ لڳاتار ڪهاڻيون لکندي پئي آئي آهي. هن ٻه سوَن کان به وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن. ايترو لڳاتار ۽ ايتريون ڪهاڻيون لکڻ جو شرف شايد ئي ٻي ڪنهن سنڌي ليکڪا کي حاصل ٿيل هجي.
سُندري جي لکڻ ۾ هڪڙو ئي ريئلزم (حقيقت پسنديءَ) وارو اسٽائيل اهو آهي، جنهن جي لاءِ هو خود به محسوس ڪري ٿي ته ”ڪوبه حساس فنڪار نئين زماني جي حقيقت کي ڪيئن نه محسوس ڪري سگهندو آهي. اهي تبديليون هرفنڪار جي رت ۾ شامل هونديون آهن، جيڪي سندس لکڻين ۾ اچي وڃن ٿيون.“
”مون ٽيڪنڪ ڄاڻي ٻجهي ناهي اپنائي.مون نواڻ کي پنهنجو پاڻ جي حد تائين رکيو آهي ۽ اها آئي به آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه نه ڪجهه پڙهبو ۽ سوچبو رهجي ٿو. هڪ لڳاتار بدلجندڙ وايومنڊل به رهجي ٿو ۽ ان ۾ پيدا ٿيندڙ واقعن جي نوعيت به بدلجندڙ ۽ نئين هجي ٿي. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته اظهار به ان خاص صورتحال مطابق هجي ته اهي سڀ ڳالهيون ملي ڪري هڪٻئي (Alternate) يا تبديلي طرف وٺي وڃن ٿيون. منهنجي ڪهاڻين ۾ به جائز سڀاويڪ حد تائين اهم تبديليون آيل آهن.
ڪهاڻين کانسواءِ سُندري جا ٻه ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ۽ ”پريت پراڻي، ريت نرالي“ سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت والارين ٿا.
”ڪرندڙ ديوارون“ هڪ گهريلو ناول آهي، جنهن ۾ شادي ۽ گهريلو ماحول ۾زال ۽ مڙس جي هڪٻئي لاءِ عزت ۽ همدردي ڏيکاريل آهي. هن ناول ۾ لڏپلاڻ کانپوءِ سنڌ مان هندستان لڏي ويلن جي حالتن ۽انهيءَ وقت جي معاشي ۽ اقتصادي حالتن جو ذڪر ڪيل آهي. جنهن ۾ روزگار جو مسئلو پڻ اچي وڃي ٿو، ”ڪرندڙ ديوارون مون انهي وقت لکيو هو، جڏهن سچ پچ اسان جي سماج جون ديوارون ڪري رهيون هيون. اسين مڊل ڪلاس جا ماڻهو جڏهن هتي آياسين، تڏهن ڏاڍا ڊنل هئاسين. اسان جي چؤگرد اقتصادي ديوار هئي، سا ته ڪري اچي پٽ پئي هئي. ڪهڙيون نه ڏکوئيندڙ حالتون هيون اهي.......اهي حالتون رڳو منهنجي گهر جون نه هيون. پر اسان جو سڄو سنڌي سماج پيڙهجي رهيو هو. اهو ئي درد هو، جنهن مون کان اها آکاڻي لکائي ۽ اها ئي آکاڻي ان وقت جي سنڌي سماج جو عڪس آهي. هڪ اتهاس آهي.“
’پريت پراڻي، ريت نرالي‘،سندري جو ٻيو ناول آهي. ناول جو موضوع پڻ عنوان وانگر انوکو آهي. پيار هڪ پراڻو ازلي ۽ همه گير جذبو آهي، پر وقت بوقت روپ مٽائيندو رهي ٿو. انهي موضوع کي سندري تمام سلجهيل ۽ سهڻي طريقي سان پيش ڪيو آهي. انهيءَ کانسواءِ ڪردارن جو موضوع سان لڳاءُ به ٺهي اچي ٿو.
هن ناول جي باري ۾ تنوير عباسي پنهجي راءِ ڏيندي چوي ٿو ”هي ناول سُندري جي بهترين تخليق آهي. هن ۾ ڪردارن جي نفسياتي ڪيفيتن جو چٽو ۽ باريڪ مطالعو پيش ڪيو ويو آهي. سڀئي ڪردار فطري سلجهيل، حقيقت پسند ۽ متوازن ذهن جا مالڪ آهن. انهي ڪري ناول جو موضوع ۽ ڪردارن جو اُن سان لاڳاپو رهي ٿو“.
سُندري هينئر ممبئي / هندستان ۾ رهي ٿي. سندس تخليقي سفر جاري آهي.