امر جليل
[b]سوانح[/b]
عبدالجليل ولد عبدالغني قاضي 8 نومبر 1936ع تي روهڙي ضلع سکر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم روهڙيءَ ۾ حاصل ڪيائين. ميٽرڪ اين جي وي هاءِ اسڪول، ڪراچي مان، بي اي گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه مان. ايم – اي 1942ع (تاريخ) سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي (ٽيليويزن پروگرام پراڊڪشن) جي ڊگري فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. امر جليل ڪيترن ئي عهدن تي رهيو. جهڙوڪ: ريجنل مئنيجر پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي علامه اقبال يونيورسٽي وغيره شامل آهن.
ڪاليج وارن ڏينهن ۾ پڙهڻ جي دوران امر جليل کي ڪرڪيٽ جو جنون جي حد تائين شوق هوندو هو. پاڻ ڪرڪيٽ کي پنهنجو پهريون عشق قرار ٿو ڏي. ڪرڪيٽ جي انهيءَ شوق جي ڪري امر جليل اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي، گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه ۽ فيڪلٽيز ڪراچي يونيورسٽي طرفان کيڏندي پاڪستان جي گڏيل يونيورسٽين جي لاءِ وڪيٽ ڪيپنگ جو رڪارڊ قائم ڪيو.
ادبي سفر
نوابشاهه گورنمينٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ جي دوران امر جليل جي دوستي قمر شهباز سان ٿي. قمر شهباز جي دوستي جي ڪري امرجليل، نوابشاهه جي ڪيترن ئي اديبن سان مليو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ويو. انهيءَ دور جو ذڪر ڪندي امر جليل لکي ٿو:
”قمر سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ويندو هوس. تعجب ۽ تپرس وچان ڪهاڻيون ۽ شاعري ٻڌندو هوس. تنقيد تي حيران ٿيندو هوس. مون پنهنجي وجود ۾ غير معمولي هلچل جا اهڃاڻ محسوس ڪري ورتا.“
بي – اي ڪري امر جليل ڪراچي موٽي آيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم – اي ايڪنامڪس ۾ داخلا ورتائين. قمر شهباز به ايم – اي انگريزي ۾ داخلا ورتي. ”تڏهن مون پابنديءَ سان لکڻ شروع ڪيو ۽ اڳتي هلي محسوس ڪيو ته لکڻ منهنجي ضرورت آهي. مون پنهنجو پهريون عشق، دستبردار ٿيڻ کان سواءِ، ادب تان قربان ڪري ڇڏيو“. امر جليل لکيو.
امر جليل ”قمر“ جي نالي سان ملندڙ جلندڙ اُچار وارو نالو ”امر“ اختيار ڪيو. ان کان اڳ امر جليل ”جليل پريمي“ جي نالي سان لکندو هو. ون يونٽ ٺهيو ته سنڌ جو الڳ وجود ختم ڪيو ويو ۽ سنڌ سراپا احتجاج بنجي ويئي. انهن ڏينهن جي ڪٿا بيان ڪندي امر جليل لکي ٿو:
”سموري سنڌ ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي پيئي آهي. ماڻهو ميدان تي نڪري آيا آهن. جلسا ٿي رهيا آهن. جلوس نڪري رهيا آهن. احتجاج جا علم بلند ٿي رهيا آهن. آڪٽوبر 1956ع جي ڪا شام آهي. موني بازار، اسٽيشن روڊ جي چوء واٽي تي نوابشاهه جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ٿيڻو هو، جلسي لاءِ قمر شهباز قومي ترانو لکيو آهي، ”وطن جي راهه ۾ وطن جا نوجوان شهيد ٿيو، يابچايو سنڌ کي يا سورما شهيد ٿيو.“ مون قومي گيت لائوڊ اسپيڪر تي ڳايو. وٺ پڪڙ ٿي قمر ۽ مان ڪراچي هليا آياسين ۽ گم ٿي وياسين.“
انهن ڏينهن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ ۽ ڪجهه ٻيا رسالا نڪرندا هئا. پر انهن ۾ ان وقت رباني، شيخ حفيظ، سراج، رشيد، آخوند ،ثميره زرين ۽ ٻيا ڇانيل هئا. تنهن ڪري امر ۽ قمر هندستان جي سنڌي رسالن ڪونج، نئين دنيا، پرهه ڦٽي ۽ ٻين ۾ لکڻ شروع ڪيو. انهي سان گڏ، هنن ٻنهي ڪراچي جي هفتيوار ”آزاد“ ۾ نجمه شيرين جي نالي سان سنڌي ادب ۾ هڪ هٽي جي خلاف جنگ جي شروعات ڪئي.
اڳتي هلي طارق اشرف جي ”سهڻي“ ۽ حميد سنڌي جي ”روح رهاڻ“ جو ساٿ حاصل ٿين.
امر جليل جي پهرين ڪهاڻي ”اِندرا“ 1956ع ۾ رسالي ”ادا“ نوابشاهه ۾ ڇپي. هن پهريون اسٽيج ڊرامون ”انسان“ لکيو، جيڪو نيشنل ٿيٽرس ڪراچي ۾ 1963ع ۾ اسٽيج ٿيو. سندس ريڊيو لاءِ لکيل پهريون ڊرامون ”درياءُ توتي دانهن“ هو، جيڪو 1967ع ۾ حيدرآباد اسٽيشن تان نشر ٿيو. ٽيليويزن تان سندس پهريون ڊرامون ”ماءُ“ ڪراچي سينٽر تان 1967ع ۾ ٽيلي ڪاسٽ ٿيو. امر جليل پهرين فلم، جنهن جا ڊائيلاگ لکيا اها ”نوري ڄام تماچي“ هئي. جيڪا 1968ع ۾ رليز ٿي. سندس پهريون اخباري ڪالم ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي جي 4 مئي 1982ع جي اشاعت ۾ ڇپيو. سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ”دل جي دنيا“ 1969ع ۾ ڇپيو .جنهن تي کيس سنڌالاجي طرفان1970ع ۾ پهريون انعام مليو. ۽ 1971ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ ادبي انعام ڏنس. امر جليل 1962ع ۾ ”ڪونج“ رسالي بمبئي طرفان ڪرايل ”هند-سنڌ“ ڪهاڻي چٽا ڀيٽيءَ ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو. ”روح رهاڻ“ رسالي طرفان 1965ع ۾ کيس ”ادبي انعام“ ڏنو ويو. ”بادل“ رسالي جي عوامي ايوارڊ جي چٽاڀيٽي ۾ 1967ع ۾ بهترين افسانه نگار لاءِ کيس سڀني کان وڌيڪ ووٽ مليا. مهراڻ آرٽ اڪيڊمي پاران کيس 1982ع جو بهترين، ڪالم نويس ايوارڊ، فلم ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“ لاءِ مليو. 1983ع ۾ کيس پاڪستان ٽيليويزن سندس ڊرامي ”ماءُ“ لاءِ ”رول آف آنر“ جو اعزاز ڏنس، 2000ع ۾ کيس ”لطيف ايوارڊ“ ۽ 2009ع ۾ کيس سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ”لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏنو ويو، تنهن کانسواءِ کيس ٻيا به ڪيترائي ڏيهي ۽ پرڏيهي ايوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن.
امر جليل تي 1955ع ۾ ون يونٽ خلاف شاگرد تحريڪ ۾ بهرو وٺڻ تي گرفتاري جا وارنٽ نڪتا. 1968ع ۾ سندس ڪهاڻي ”هڪ لاش ۽ راتين جو رولاڪ“ تي بندش پئي ۽ ”روح رهاڻ“ رسالي جو سالنامو بندش هيٺ آيو. 1971 ع ۾ سندس ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ تي انڪوائري هلي، پر انڪوائري جي نتيجي اچڻ کان اڳ يحيى خان جي فوجي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو. 1973ع ۾ ’سهڻي‘ ۾ شايع ٿيل سندس ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ سبب ڊي-پي-آر تحت وارنٽ نڪتس. اڳتي هلي. سهڻي جي انهيءَ پرچي تي بندش وڌي ويئي ۽ طارق اشرف کي جيل ۾ وڌو ويو.
امر جليل نه رڳو هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار رهيو آهي، پر هو هڪ مشهور ڪالم نويس پڻ آهي. سندس سنڌي، اردو ۽ انگريزي جي روزانين اخبارن ۽ هفتيوار رسالن ۾ لکيل ڪالمن جي پڙهندڙن جو هڪ وسيع حلقو آهي. سندس انهن ڪالمن جو تعداد هزارن ۾ آهي.
امر جليل پنهنجو پهريون اردو ڪالم ”ڪڇ سچ، ڪڇ جهوٽ“ جي نالي سان ”هفتيوار الفتح“ ڪراچي ۾ 1974ع ۾ لکيو. اڳتي هلي سنڌي ۾ ”سڀ ڪوڙ“ ۽ اردو ۾ ”سڀ جهوٽ“ جي نالي سان سنڌي ۽ اردو جي ڪيترين ئي اخبارن جهڙوڪ: هلال پاڪستان، عبرت، ڪاوش، خبرون ۽ خبرين (اردو) ۽ جنگ (اردو) ۾ لکيا. انگريزي ۾ روزاني ڊان ۾ هفتيوار ڪالم ”Mystic Notes“ جي نالي سان لکندو هو.
امر جليل جي ڪهاڻين ۽ ڪالمن جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: دل جي دنيا (ڪهاڻيون)، جڏهن مان نه هوندس (ڪهاڻيون)، رني ڪوٽ جو خزانو(ڪهاڻيون)، تاريخ جو ڪفن (ڪهاڻيون)، منهنجو ڏس آسمان کان پڇو (ڪهاڻيون)، ٽيون وجود (ڪهاڻيون)، سنڌو منهنجي ساهه ۾ (ڪالم)، تنهنجون منهنجون ڳالهيون (ڪالم)، راهون جداجدا (ڪهاڻيون)، هن ڄار ۾ (ڪهاڻيون)، ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ (ناول)، جيجل منهنجي ماءُ (ڪالم 2008ع) امر جليل جون اوائِلي ڪهاڻيون (2009ع)، ”چنڊ وسامي پيو“ (ڪهاڻيون 2009ع)، ادب ۽ سياست (ڪالم) 2010ع، اندرا (2010ع)، سرد لاش جو سفر (ڪهاڻيون، 2010ع)، لهندڙ سج جي لام (2010ع) ۽ چرٻٽ ۽ چيني جون ڪهاڻيون (2011ع) شامل آهن. امر جليل، سنڌي ٻولي جو هڪ گهڻو پڙهجندڙ ۽ مقبول ليکڪ هئڻ سان گڏ ڪافي تڪراري پڻ رهيو آهي. سندس ڪهاڻين تي وقت بوقت گوڙ مچندو رهيو ۽ ڪافي الزام پڻ لڳس. سندس ڪهاڻين تي گهڻو ڪري ٻن قسمن جا الزام لڳندا رهيا آهن. هڪ ته فحش آهن ۽ ٻيو ته اسلام، پاڪستان ۽ قومي يڪجهتي جي خلاف آهن.
انهن الزامن جي جواب ۾ امر جليل چوي ٿو:
”ادب تي ان قسم جا غير معياري ليبل فقط ڏتڙيل ۽ ذهني طرح فاقه ڪش معاشرن ۾ لڳايا ويندا آهن، جي ليکڪن جي پوليس وارن هٿان تذليل ڪرائي ويندي آهي. ڪابه ڪهاڻي نه ڪنهن جي حق ۾ هوندي آهي ۽ نه ڪنهن جي خلاف، ڪهاڻي پنهنجي نوعيت ۾ لفظن جو آئينو هوندي آهي، جنهن ۾ معاشرو، پنهنجي شڪل ڏسي وٺندو آهي. جهڙي شڪل هوندي تهڙو عڪس آئيني ۾ نظر ايندو. اُن ۾ آئيني جو ڏوهه نه آهي. مان مڃان ٿو ته ڪجهه آئينا ڪانويڪس قسم جا هوندا آهن، جن ۾ شڪليون وت کان وڏيون ۽ وڌيڪ بدنما نظر اينديون آهن. ڳالهه اصل ۾ هن ريت آهي ته ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ليکڪن کي، خاص طرح تخليقي ادب جي ليکڪن کي، نهايت بدمعاش ۽ تخريبڪار سمجهيو ويندو آهي. معاشري ۾ سڌارو آڻڻ جي بدران ليکڪن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. کين ڇا لکڻ گهرجي ۽ ڇا نه لکڻ گهرجي، ان جي باري ۾ هدايتون جاري ڪيون وينديون آهن. ان کان وڌيڪ مضحڪه خيز صورتحال جو تصور ڪري نه ٿو سگهجي.“
امر جليل جي فن ۽ شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مرحوم طارق اشرف 1973ع ۾ سهڻي جو هڪ ضخيم ”امر جليل نمبر“ ڪڍيو، جيڪو نه رڳو امر جليل جي فن ۽ شخصيت جي حوالي سان، پر سنڌي ادب ۾ جيئرن ليکڪن تي نمبر ڪڍڻ جي هڪ نئين روايت هئي.
انهي نمبر ۾ امر جليل جي ڪهاڻين، شخصيت تي سنڌي ٻولي جي ڪيترن ئي سرموڙ ليکڪن جا مضمون شامل آهن.
امر جليل جي ڪهاڻين جا اردو، انگريزي، ۽ پنجابي ٻولين سميت ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو پنجابي ترجمو ”امر ڪهانيان“ جي نالي سان ۽ انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو مجموعو Love, Longing & Death, (Mystic Stories) 2007ع ۾ ڇپيو.