اياز قادري
سوانح
اياز حسين قادري. 19جنوري 1927ع تي ميان جي ڳڙهي قادري پاڙي ۾ جنم ورتو. سندس والد غلام سرور فقير، تعليم کاتي ۾ آفيسر ۽ غزل جو سٺو شاعر پڻ هو. تنهن کان سواءِ هن جون صحافت ۾ پڻ ڪافي خدمتون هيون. هن هڪ هفتيوار اخبار ”الحقيقت“ به ڪڍي هئي. سندس نانو حاجي زوار حڪيم فقير ميان علي محمد قادري، پڻ غزل جو استاد شاعر ۽ سنڌي شاعريءَ جي پهرينءَ رسالي ”گلدسته“ جو ايڊيٽر هو. سندس ڪتاب ”ديوان قادري“ سنڌي ادب جو اُملهه سرمايو آهي: قادري خاندان جون سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنل آهن، جيڪا هڪ ڌار مضمون جي تقاضا ٿي ڪري. ايئن اياز قادري هڪ علمي ۽ ادبي ماحول ۾ اک کولي.
اياز قادري اڃا ننڍو، پنجن ورهين جوئي هو، جو سندس والد راهه رباني وٺي ويو.
اياز قادري سنڌ جي انهن اعلى پايه جي ڪهاڻيڪارن مان هو، جن ڪهاڻيءَ کي سماجي حقيقت نگاريءَ جي حوالي سان اهم موڙ ڏنو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مقصدي ادب کي هٿي ڏيارڻ ۾ اياز قادري هڪ اهم نالو آهي. سندس ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعو ”بلو دادا“ جيڪو 1957ع ۾ ڇپيو. ٻولي، توڙي بلاغت ۽ سلاست جي حوالي سان اعلى پايي جو ڪتاب آهي. اڳتي هلي ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن اياز قادري جي ڪهاڻي ”بلودادا“ کان متاثر ٿي، ساڳئي طرز تي ڪهاڻيون لکيون ، جيئن جمال ابڙي جي ”پشو پاشا“ ۽ غلام ربانيءَ جي ”شيدو ڌاڙيل“.
اياز قادري بنيادي طرح شاعر هو ۽ غزل جي صنف تي کيس وڏو عبور حاصل هو. سندس پي-ايڇ-ڊي جي ٿيسز ”سنڌي غزل جي اوسر“ جيڪا ٻن جلدن ۾ شايع ٿيل آهي. انهيءَ ۾ هن غزل جي حوالي سان نهايت تفصيل سان بحث ڪيو آهي. انهيءَ ۾ هن غزل سميت هر هڪ صنف، ان جي گهاڙيٽن ۽ اهميت جو وچور شامل ڪيو آهي. شاعري جي حوالي سان اهڙو تاريخي ۽تحقيقي ڪم ڪنهن ٻي سنڌي اديب جو نظر نه ٿو اچي. اهو ڪتاب جڏهن 1984ع ۾ ڇپيو ته انهي جي زبردست واکاڻ ڪئي ويئي. ڪتاب جي مُنڍ ۾ ”ناشر طرفان“ ۾ مهتاب اڪبر راشدي ڪتاب جي اهميت بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿي:
”اياز قادريءَ بلاشبھ هن ٿيسز لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. ’سنڌي غزل جي اوسر‘۾ جيڪي مواد آيل آهي، سو اڳتي هلي، انهيءَ ميدان ۾ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ وڏي رهنمائي جو باعث ٿيندو.“
”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ سنڌي غزل جي تواريخ ابتدا کان وٺي جديد دور تائين قلمبند ڪئي ويئي آهي ۽ انهن ادارن، مشاعرن، ادبي ڪانفرنسن ۽ شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن سنڌي غزل جا مختلف دور قائم ڪري، انهن جو ان وقت جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي لاڙن جي روشنيءَ ۾، نئين انداز ۽ نئين سوچ سان تجزيو بيان ڪيو آهي. ۽ هر دور جي نمائنده شاعرن جي حياتي جو احوال، ڪلام جو نمونو ۽ ڪلام تي تبصرو ڏنو آهي .حقيقت ۾ ”سنڌي غزل جي اوسر“ سنڌي شاعري ۽ ادب جي اوسر ۾ اُملهه واڌارو آهي.
اياز قادريءَ اهو پي-ايڇ-ڊي مقالو علامه غلام مصطفى قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکيو.
اياز قادري جي عمر جو گهڻو حصو ڪراچي ۾ گذريو. 1949ع ۾ ايس-ايم-لياري هاءِ اسڪول چاڪيواڙي ۾ ماستر جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين ۽ 1987ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو چيئرمين جي حيثيت سان رٽائرڊ ڪيائين. ان کان پوءِ ”شاهه عبدالطيف چيئر“ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر ايڊوائيزر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
شاهه لطيف جو ترجمو
ڊاڪٽر اياز قادري سنڌ جي سرتاج شاعر عبدالطيف ڀٽائي جو پڻ وڏو پارکو هو. هن شاهه جي شاعري جي سڀني پهلوئن تي قلم کنيو، تحقيقي مقالا لکيائين ۽ شاهه جي پيغام کي عام ڪيائين. سندس ڪيترائي مقالا ۽ مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا. ”مون مطالع سپرين“ شاهه جي ڪلام تي تحقيقي مقالن جو ئي ڳٽڪو آهي، تنهن کان سواءِ ڊاڪٽر اياز قادريءَ شاهه جي رسالي جو نثري اردو ترجمو پڻ ڪيو، جيڪو ٽن جلدن ۾ شايع ٿيو، جنهن جي اعتراف طور اردو ٻوليءَ جي نامياري شاعر افتخار عارف لکيو:
”اياز قادري جي ڪوشش جي ڪري اردو ٻوليءَ وارن لاءِ شاهه لطيف جي عارفاڻي پيغام کي سمجهڻ لاءِ راهه هموار ٿي.“
سنڌي ادبي سنگت جو ٻانيڪار
ڊاڪٽر اياز قادري جي ٻي وڏي سڃاڻپ اها آهي ته 17 آڪٽوبر 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي نئين سر تنظيم ڪاري کان پوءِ انهيءَ جو پهريون سيڪريٽري جنرل چونڊيو. انهي حوالي سان پاڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانين ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. تنهن کان سواءِ ڊاڪٽر اياز قادري 1954ع ۾ ”جمعيت الشعرا سنڌ“ جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو.
صحافتي خدمتون
اياز قادري هفتيوار ”نوجوان“ ڪراچي، 1948ع، هفتيوار ”ناخدا“ ڪراچي 1955ع، سنڌ مسلم ڪاليج مئگزين 1955ع، هفتيوار ”الحقيقت“ لاڙڪاڻو 65-1964ع جوايڊيٽر ۽ سنڌ ڪواٽرلي (انگريزي، ڪراچي) جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو.
ڪتاب
مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کان سواءِ ”مٽيءَ لڌو مان“ (سوانح-تحقيق) 1970ع، ”عشقيه داستان“ 1985ع، پرين جون ڪهاڻيون (لوڪ ادب1981ع) مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (ٽي ڀاڱا-ترجمو) پڻ ڇپيل آهن.
ڊاڪٽر اياز قادري 71سالن جي عمر ۾ 15ڊسمبر1997ع تي وفات ڪئي. کيس لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ دفنايو ويو.
تازو قادري قلم قبيلي پاران سندس شاعريءَ جو مجموعو اڳوڻين توڙي بعد ۾ لکيل ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو شايع ڪيو ويو آهي.