نسيم احمد کرل
سوانح
نسيم احمد ولد حاجي عبدالڪريم کرل 29جون 1939ع تي اڳوڻي خيرپور رياست جي ڳوٺ ’کرل‘ تعلقي گمبٽ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم 45-1944ع دوران پرائمري اسڪول عبدالڪريم کرل ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ 1948ع کان 1955ع تائين حاصل ڪيائين. مئٽرڪ آرٽس 1955ع ۾ ڏنائين ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌمسلم ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ٿيو ۽ 1959ع ۾ گريجوئيشن پاس ڪيائين. ڪاليج جي پڙهائي دوران پروفيسر اياز قادري ۽پروفيسر غلام مصطفى شاهه سندس اُستاد رهيا.
پنهنجي ان شاگردي (نسيم کرل)جو ذڪر ڪندي اياز قادري لکي ٿو:
”ان وقت ايس-ايم-ڪاليج ۾ پهرين سال آرٽس ۾ ٽي شاگرد اهڙا هئا، جن کي پنهنجي ٻوليءَ سان محبت ۽ لکڻ لاءِ شوق هو. اهي هئا، جمال رند، خواجه سليم ۽ نسيم کرل ـ ٽيئي خيرپور ناز هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاڪ ڪري ڪراچي آيا هئا ۽ ٽئي سنگتي هئا. آئون ٽنهي کي سنڌي ادبي سنگت ۾ وٺي آيس. اڳتي هلي ٽنهي سنڌي ڪهاڻي ۾ چڱو نالو ڪمايو.“
انهيءَ وقت 58-1957ع ۾ نسيم کرل بي-اي فائينل جو شاگرد هو. سنڌ مسلم ڪاليج شاگردن جي مئگزين جي سنڌي ڀاڱي جي ايڊيٽنگ جو ڪم نسيم کرل جي حوالي ڪيو ويو. نسيم جي محنت ۽ اورچائي جي ڪري ’ڪاليج مئگزين‘ جو سنڌي ڀاڱو نهايت ڪاميابي سان نڪتو.
ڪاليج ڇڏڻ کان پوءِ نسيم باقاعده ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات ڪئي. ان کان اڳ ڪجهه ڪهاڻين جا ترجما پڻ ڪيائين جيڪي ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيا. نسيم جي طبعزاد لکيل پهرين ڪهاڻي 1958ع ۾ ”سُور سمجهي ڪو“ جي نالي سان شايع ٿي.
نسيم جو ڪهاڻيون
1992ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران خيرپور ۾ ”ڪهاڻي ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ نامياري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو هو:
”مان ٻاهرين ادب ۾ ڪهاڻي جو ابو چيخوف کي سمجهندو آهيان. عالمي طرح هن جهڙي ڪهاڻي ڪوئي نه لکي سگهيو آهي. اردو ادب ۾ منهنجي خيال ۾ سعادت حسين منٽو تي اچي ڪهاڻي بيهي ٿي وڃي. اهڙي نموني سنڌي ڪهاڻي جو وڏو ڪهاڻيڪار ’نسيم کرل‘ کي ٿو سمجهان. مختصر ڪهاڻي جي باري ۾ منهنجي راءِ اها آهي ته عالمي طور تي ٻاهرين ڪهاڻي کي ٽي-بي ٿي پئي ۽ چيخوف سان گڏ ان جو به انت ٿي ويو. اردو ڪهاڻي گهڻو شراب پي خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ سنڌي ڪهاڻي کي گولي هنئي ويئي.“
عبدالقادر جوڻيجي جي انهي راءِ ’سنڌي ڪهاڻي‘ جي حوالي سان وڏي بحث جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ سنڌي ڪهاڻي تي مختلف زاوين کان بحث ڪيو ويو.
نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ تشبيهن جي حوالي سان سنڌيءَ جو هاڪارو عالم پير حسام الدين راشدي لکي ٿو:
”نسيم تشبيهون ۽ لفظن جي سلسلي ۾ نه ڇڙو ٻهراڙيءَ جي زبان تي قبضو رکي ڄاڻي، پر منجهس ٻهراڙي ۽ شهري زندگيءَ جو هڪ ئي وقت ۾ عجيب و غريب امتزاج آهي. شهرن جي فيشن ايبل تشبيهن تي پڻ کيس اوتري ئي قدرت حاصل آهي.“
انهيءَ سلسلي ۾ مولانا گرامي پنهنجي مضمون ”سنڌ جو افسانوي ادب ۽ کرل جو فن“ ۾ لکي ٿو:
”نسيم کرل جي افسانوي ادب جي جائزي وٺڻ کان پوءِ، ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته نسيم کرل جذبات ۽ ان جي ترجماني جو ماهر آهي. سندس فن جو هر پهلو تيز ۽ تلخ جذبات جي پيداوار آهي. نسيم کرل جي فن ۾ زبان ۽ بيان جي شدت ۽ خطابت وانگر جوش ته آهي، پر منجهس هڪ همدرد انسان واري نرمي ۽ دلسوزي به آهي، جا تلخ ۽ طنزيه انداز ۾، سماج جي ڪن گندگين تي، نشتر به هڻي ٿي ڪڍي.“
نسيم کرل جي افسانن جو جائزو وٺندي برک نقاد رسول بخش پليجو لکي ٿو:
”نسيم کرل سنڌي افساني کي ٻه مکيھ ڳالهيون ڏنيون آهن. ڳالهه جي ڪاريگري واري وڍ وئيٽ ۽ سلائي ۽ سنڌي محاورا.“
ڳالهه جي تسلسل کي وڌائيندي غلام علي الانا لکي ٿو:
”نسيم کرل جون ڪهاڻيون هر لحاظ کان نمائنده ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين ۾ ڪم آندل ٻولي، سندس ڪهاڻين جا موضوع، سندس ڪردار، ڪهاڻين ۾ ڇيڙيل مسئلا، جدا جدا عنوانن تحت آهن، جن تي گهڻو ئي ڪجهه لکي سگهجي ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ ڪافر، گٽس، مڪسڊ گرل، گذريل واردات، ڪني آڱر، پهرين مراد، اٽالو پڊنگ ۽ چوٽيهون در سنڌي ادب جو بهترين سرمايو آهن.“
ڳالهه رڳو اتي به ڪانه ٿي کٽي، تنوير عباسي جي لفظن ۾ ته:
”ڪي ڪهاڻيون جديد سوسائٽي جي پوري ۽ مصنوعي ماحول تي پڻ لکيون اٿائين. انهن ۾وڏن ماڻهن جي مصنوعي حياتي ۽ سندن اخلاقي پستيءَ جو سهڻو نقشو چٽيو اٿائين. نسيم هڪ پاسي ٻهراڙي جي سماج جي اونهاين تي وڃيو پهچي ته ٻئي پاسي وري ڪاموري شاهي جي اندر ليئو ٿو پائي. ٻئي سماج کان ڪوهين پري، پر تڏهن به ٻنهي جي ٺهڪندڙ تصوير چٽڻ ۾ هيءَ ڪمال ڪيو ڇڏي.“
نسيم کرل جي ڪهاڻين جي باري ۾ آغا سليم جي راءِ ڪيڏي نه وزندار آهي:
”نسيم کرل ڪٿي ڪٿي جملن جو استعمال نئين انداز سان ڪري مشتاق شوري جي ٽهيءَ جو ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پنهنجي اسٽائيل ۾ شعوري ڪوشش سان تبديلي آڻڻ ۽ گرامر جون حدون اورانگهي، جملن کي نئين جوڙجڪ ڏيڻ سان ڪوبه ليکڪ نئين ٽهي جو ساٿ ڏيئي نٿو سگهي. ڳالهه جملن جي جوڙجڪ ۽ استعمال جي نه آهي، پر احساساتي رويي جي آهي. نسيم جي ڪهاڻي جي ڪردارن، فارم، ٻوليءَ ۽ خود زندگي ڏانهن اڄ به اهو ئي رويو آهي، جيڪو اوائلي دور ۾ هو.“
عبدالقادر جوڻيجي جي مٿين راءِ’سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳي‘ کي طارق اشرف جي هنن لفظن سان ڀيٽينداسين ته ڪيڏي نه هڪجهڙائي نظر ايندي. طارق اشرف لکيو:
”نسيم کرل جي وڃڻ سان سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪ باب پورو ٿيو، جيڏيون شاندار، بلڪه شاهڪار ڪهاڻيون نسيم لکيون، سنڌي ۾ گهٽ ڪهاڻيڪارن اهڙيون ڪهاڻيون لکيون آهن. مان اهو چوندس ته سندس ڪهاڻين ۾ جيڪي خوبيون آهن، اهي خوبيون سنڌي جي گهٽ ڪهاڻين ۾ ملنديون. نسيم جي ٻولي شاندار ۽ پلاٽ جي چونڊ لاجواب ۽ ٿيم بهترين، تنهن کان علاوه گهرائپ، پختگي هڪ هڪ لفظ توريل تڪيل.“
نسيم کرل جي ڪهاڻين جا ٽي مجموعا: ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ (1968ع)، ”چوٽيهون در“ (1973ع) ۽ ”ڊمي“ شايع ٿيل آهن. ”ڊمي“ ۾ سندس ڪجهه مضمون ۽ اڻ پوري ڪتاب ”هو جي وڻ وندر جا“ مان ڪجهه دلچسپ باب پڻ شامل ڪيل آهن. اهو ڪتاب سندس وفات کان پوءِ 1984ع ۾ شايع ٿيو. انهن مضمونن کي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته نسيم کرل سٺو مضمون نگار پڻ هو. اهو مضمون مروج اسٽائيل کان هٽي ڪهاڻي واري رنگ ۾ لکيل آهن.
نسيم کرل کي 14جولاءِ 1978ع تي قتل ڪيو ويو.