محمد ابراهيم جويو
جنم ۽ تعليم
محمد ابراهيم جويو 13آگسٽ 1915ع ۾، تيرٿ لڪيءَ جي ڀر ۾ هڪ ننڍي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ جنم ورتو، جيڪوسنڌو درياءَ جي اُٿل پٿل ڪري ميسارجي چڪو آهي، سندس والد جو نالو محمد خان جويو هو. پاڻ اڃا ننڍو ئي هو، جو سندس پيءُ گذاري ويو. ٿوري وقت بعد هن جي والدهه به گذاري ويئي، تنهن کان پوءِ هي پنهنجي ڏاڏيءَ جي سنڀال هيٺ رهيو.
محمد ابراهيم جويي ابتدائي تعليم ’آباد‘ جي سنڌي اسڪول ۾ ورتي. اُتي چار درجا پڙهي، پوءِ لڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو.اُتي ٻه درجا پڙهي، 1928ع ۾ سن جي اسڪول ۾ داخل ٿيو. اُتان ٽي درجا پاس ڪري، 1930ع ڌاري ڪراچي جي سنڌ مدرسي ۾ اچي پڙهڻ ويٺو، جتي کيس نهايت لائق استاد مليا، ڪجهه وقت لاءِ علامه دائود پوٽو مدرسي جو پرنسپال رهيو. پاڻ 1934ع ۾ سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ پاس ڪري، ڊي-جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتي جي لائق ۽ فائق استادن جي نگرانيءَ ۾ هو تعليم پرائيندو رهيو. پاڻ اُتان 1938ع ڌاري، بي اي جو امتحان پاس ڪيائين.
نوڪريون
ڪاليج جي تعليم کان پوءِ، محمد ابراهيم جويو سنڌ مدرسي ۾ ماستري جي نوڪري ڪرڻ لڳو. 1940ع ۾ بمبئي بي-ٽي پڙهڻ ويو. جتان 1941ع ۾ موٽي آيو. سنڌ مدرسي ۾ڪجهه وقت نوڪري ڪرڻ بعد، هن هڪ ڪتاب ”سيوَ سنڌ، سيوَ دي ڪانٽيننٽ“ انگريزيءَ ۾ لکيو، جنهن تان ڪاوڙجي مدرسي جي صدر پير الاهي بخش، کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. جويي صاحب سنڌ مدرسي ۾ ڏهه سال ماستري ڪئي. 1948ع ۾ ٺٽي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ورتائين ۽ اُتي به ٻه سال کن ماستري ڪيائين ۽ جڏهن اهو اسڪول، سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو ته ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد ۾ بدلي ٿيس. جويي صاحب سڄي عمر تعليم ڏيڻ جو ئي ڪم ڪيو، پنهنجي انهيءَ ماستري نوڪريءَ جي حوالي سان هڪ هنڌ لکيو اٿس، ”ٻي ڪا نوڪري، شروع ۾ ئي نه مون ڳولي، نه مون ڪئي“.
سنڌي ادبي بورڊ ۾
1951ع ۾ سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ (جيڪو پوءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ٿيو) جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي رهي 1961ع تائين سنڌي ٻولي، ادب ۽ تاريخ جي وڏي خدمت ڪئي. 1961ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾واپس ٿيو، جتي رهندي 1963ع ۾ اضافي طور، کيس بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. جويو صاحب ڪجهه وقت جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر، ڪجهه وقت گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ جو هيڊماستر، ڪجهه وقت لاءِ رجسٽرار ايگزيمينيشن، انسپيڪٽر آف اسڪول خيرپور ڊويزن، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سنڌ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو پهريون سيڪريٽري ۽ پوءِ ميمبر ٿي رهيو. 1973ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. 1997ع ۾ کيس سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي چيئرمين مقرر ڪيو ويو.
سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ جي دوران سنڌي ٻُولي، لغت، ادب ۽ تاريخ بابت ڇپجندڙ اڪثر ڪتاب سندس نظر مان نڪرڻ کان پوءِ ئي ڇپجڻ جوڳا سمجهيا ويندا هئا. بورڊ جا ڪئين اهڙا ڪتاب جيڪي مترجمن کان غير معياري ترجمو ٿي ايندا هئا. جويو صاحب، انهن جي ترجمي کي سڌاري سنواري اهڙو ته معياري بنائي ڇڏيندو هو، جو هوند اهي ڪتاب نئين سر ترجمو ٿيل سمجهجن ته ڪر چڱو، پر اهي ڪتاب جويي صاحب جي بدران، انهن ئي مترجمن جي نالي سان ڇپجندا هئا.سنڌي ادبي بورڊ کي سنڌ جي ماضي جي ادب جي حفاظت جو ڀنڊار بنائڻ لاءِ جويي صاحب رات ڏينهن محنت ڪئي.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ ، جويي صاحب جنهن جذبي سان ڪم ڪيو، انهيءَ بابت سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي:
”جويي صاحب بورڊ ۾، سنڌي ادب لاءِ اهو مشنري جذبو ڏيکاريو، جهڙو ڊاڪٽر عبدالحق اردو ادب جي لاءِ ڏيکاريو هو. پهرين اٺن سالن ۾ بورڊ جو ڪم ڏيکاريو، اهڙو شايد پاڪستان يا هندستان جي ٻئي ڪنهن به اداري مشڪل ڪيو هوندو، ڪم جو اهو سهرو جويي صاحب جي سر تي وڃي ٿو.“
مهراڻ جي ادارت
سنڌي ادبي بورڊ ۾ اچڻ، ۽ مهراڻ جي ايڊيٽري سنڀالڻ ۽ ”گل ڦل“ جي ادارت ڪرڻ ۽ اداريا لکڻ جويي صاحب جو اُتم ڪارنامو آهي. جويي صاحب مهراڻ رستي ”جديد سنڌي ادب“ جي آبياري ڪئي. 56-1955ع جي ”مهراڻ“ رسالن جا لکيل سندس ايڊيٽوريل، خاص ڪري ”آزادي“،”ون يونٽ“،”اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ“،”ٻولي“،”سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا“، ”فنڪار جا ڳوڙها“، ”ٻولين جي ڏي وٺ“،”نج سنڌي لفظ“،”ٻه ڀور“،”ادب جي درگاهه“،”انسانيت“ وغيره پنهنجو مٽ پاڻ آهن ۽ اندازو ٿي وڃي ٿو ته هن ڪهڙي سوچ ۽ ساڃاهه تحت سنڌي ادب جي آبياري ڪرڻ ٿي گهري ۽ اها عملاً ڪري به ڏيکاري. ”مهراڻ“ جي انهن اٺن اشاعتن ۾ شامل ادب دوستن جي خطن ۾ هڪ پيغام ڏنل آهي. مهراڻ جي ادارين ۽ ان ۾ شايع ٿيل خطن ۽ ٻي مواد مان پتو پوي ٿو ته جويو صاحب سنڌي ادب جي معيار کي ڪيڏو نه اُتاهين پد تي کڻي ويو هو. انهيءَ ئي (مهراڻ واري) زماني ۾ جمال ابڙو هڪ افسانه نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور اُڀريو، رسول بخش پليجو ادبي تنقيد ڏانهن مائل ٿيو ۽ شيخ اياز جي شاعري بلوغت کي پهتي.
سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت
1973ع ۾ سرڪاري نوڪري تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ جويي صاحب جي زرخيز ذهن ”سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽوَ سوسائٽي“ جي رٿا تي سوچيو ۽ عمل ڪيو ۽ هڪ ٻارهن نقاطي پروگرام جوڙي، رجسٽر ڪرائي،پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم شروع ڪيو. انهيءَ جي پڌرنامي ۾ سوسائٽيءَ جي مقصدن جي وضاحت ڪندي، جويو صاحب لکي ٿو:
”ٺلهو سرڪار تي ڀاڙڻ بدران اسين پاڻ تي به ڀاڙڻ گهرون ٿا. اسين اڀرا آهيون. اسين هيڪلا آهيون، اسين سڀ خالي هٿين آهيون، پر ان جو اسان کي ڪو خيال ڪونهي. اسين ڪنهن سان وڙهڻ نٿا گهرون. اسين ڪنهن به ٻوليءَ يا اُن کي مليل يا ان جي حاصل ڪيل ڪنهن درجي جا انڪاري يا مخالف نه آهيون. اسين فقط پاڻ اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. اڳتي وڌندڙ ادب، وطن دوست ادب آهي، جنهن ۾ رهندڙ انسان امن ۽ خير ۾رهڻ ۽ خوش رهن. اڳتي وڌندڙ ادب مذهب دوست ادب آهي، جنهن مذهب جي معنى انسان شناس فڪر ۽ انسان پسند عمل آهي. اڳتي وڌندڙ ادب، انهيءَ ڪري، سڀ کان وڌيڪ انسان دوست ادب آهي. مرونئپو ڪڍي، اُن ۾ ماڻهپو اُڀاري ٿو. اهڙي ادب کي اسين ترقي پسند ادب سڏيون ٿا. اسان جي خيال ۾ جيڪو ادب انهيءَ معنى ۾ ترقي پسند آهي، سو ئي ادب آهي، ٻي حالت ۾ اُهو ادب، ادب ئي نه آ هي، چاهي اُن تي عقيدتمنديءَ، ايمان ۽ نعريبازي جا ڪيترا به غلاف چڙهيل ۽ گل جڙيل ڇو نه هجن.“
جويي صاحب انهيءَ سوسائٽي جي پليٽ فارم تان ڪيترائي اهم ۽ ناياب ڪتاب، معياري گيٽ اپ ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڇپرائي پڌرا ڪيا.
سنڌ ۾ جويي صاحب جو ڪردار ۽ حيثيت، هڪ فڪري اُستاد ۽ سونهين واري رهي آهي. هن اُتم انسان سنڌ جي بقا ۽ وجود ۽ همھ گير اوسر جي لاءِ ڪيتريون ئي شاندار ۽ اڻ وسرندڙ خدمتون انجام ڏنيون آهن. هي غير معمولي ڪردار رکندڙ شخص حقيقي معنى ۾ قومي سرواڻ هئڻ جي باوجود سدائين پس منظر ۾ ڪارڪن ٿي رهيو.
نصابي ڪتابن جي جوڙ جڪ
جويي صاحب جو، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ پوءِ ميمبر جي حيثيت ۾ نصابي ڪتابن جي ترتيب ۽ تياريءَ ۾، خاص هٿ رهيو. هن سنڌ جي مڃيل تعليمي ماهرن جي صلاح. مشوري ۽ نظرثاني کانسواءِ، اڪثر ڪتابن کي مستند نه سمجهيو ويندو آهي ۽ هن ڪيترن ئي درسي ڪتابن جا سبق لکڻ جو ڪم ڪيو ۽ ڪن درسي ڪتابن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو، جن ۾ سماجي اڀياس (تاريخ) 1961ع قابل ذڪر آهي.
جويي صاحب جو، پنهنجو تخليقي ۽ طبعزاد مضمونن ۽ ڪتابن کان سواءِ دنيا جي ادب مان چونڊ ۽ بيحد ڪارائتا ڪتاب ۽ ليک، وقت بوقت سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ کي مالا مال ڪندو رهيو. جويي صاحب جي ترجمي جي فن تي روشني وجهندي نامياري دانشور سراج ميمڻ لکيو آهي:
”ترجمي لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾ محمد ابراهيم جويي جي فڪر کي وڏو دخل رهيو آهي ۽ اهو فڪر آهي ته جيڪي ڪتاب ترجمو ٿين، سي نه رڳو ادب ۾ اضافو آڻين. پر سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾ ٻه قدم اڳتي نين.“
سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جي اهميت ۽افاديت بابت خود جويو صاحب لکي ٿو:
”ترجمي جي افاديت جي سلسلي ۾ هيءُ پڌرو دليل به پيش ڪري سگهجي ٿو ته انساني فڪر جي واڌ ۽ پکيڙ دنيا ۾ جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي، اهڙي ڪنهن به ٻئي ذريعي سان ٿي نه سگهي آهي. هدستان ۽ يونان جي ادب ۽ علم جو عربيءَ ۾ نقل ۽ يورپ جي ٻولين جي علمي ۽ ادبي ذخيري جو دنيا جي ٻولين ۾ منتقل ٿيڻ جديد مهذب دنيا جي ڄاڻ جون اهي زوردار ٻه ڌارائون اُن جي مهذب بنجڻ ۽ مهذب هجڻ جو مکيھ سبب آهن. اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي ته عالمي ادب ۽ فڪر جي اُتاري جي جيڪڏهن سڀ کان وڌ نه ته به لازمي طور وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي.“
سراج ۽ خود جويي صاحب جي مٿين راءِ جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن اسين جويي صاحب جي ترجمو ڪيل ڪتابن جي فهرست تي نظر ڪنداسين ته اسان کي نظر ايندو ته هي عظيم اُستاد ۽ ڏاهو، ڏاڪي به ڏاڪي پيڙهيل هيسيل ۽ غلام ماڻهن جي فڪري ۽ذهني تربيت ڪندو نظر ايندو ۽ ان تربيت ۾ به هڪ ترتيب نظر ايندي. انهيءَ سلسلي ۾ سندس پهريون ڪتاب اسلام جو تاريخي ڪارنامو (1945ع)، فرانس جي انقلابي مفڪر روسو جو ”ايملي عرف تعليم“ (1950ع)، يونان جي اديب ۽ تعليم دان پليوٽارج جو مضمون ”ٻارن جي تعليم“ (1972ع)، هاورڊ موئر جو ”وحشي جيوت جا نشان“ (1976ع)، برٽالت بربخت جو ڊرامو ”گليلو“ (1977ع)،اسٽيفن زويگ جو ”فڪر جي آزادي“ (1977ع)، ائنڊ بلائٽن جو ”ٻارن جو مسيح“ (1980ع)، جارج پوليزر جو ”فلسفي جوابتدائي ڪورس“ (1983ع)، جي ايم مهڪريءَ جي مضمون جو مجموعو ”محڪريءَ جا مضمون“ (1985ع)، پائلو فراريءَ جو ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ (1990ع)۽ ”فرينچ انقلاب“ (1990ع)، شامل آهن.
سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ فڪري غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ جويي صاحب جي کنيل قدمن جي سلسلي ۾ مٿين ترجمو ڪيل ڪتابن کانسواءِ سندس لکيل ۽ مرتب ڪيل هيٺيان ڪتاب پڻ اهم حيثيت والارين ٿا:
(1) سنڌ بچايو-ننڍو کنڊ بچايو (انگريزيءَ ۾) 1947ع، (2) شاهه، سچل، سامي (سنڌي ۽ پوءِ اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو ٿيو، 1978ع)، (3) ماڻهوءَ جو ڀاڳ (1980ع)، عورت زاد (1983ع)، (5) اسان جي ٻولي، اسانجي تعليم (1996ع)، (6) هوءَ جا ٽهڪي باهڙي (1996ع)، (7) مُٺ مُٺ موتين جي (1997ع)، (8) ٻولي، ادب، تعليم، (1998ع)، (9) خط، ٻن اديبن جا (1999ع)، (10) ڳالهيون ڪتابن جون (ٻه ڀاڱا-2000)، (11) خط ٻن استادن جا. (12) The betrayal, Sindh the Day for freedom (1-11) (13) سنڌ منهنجي خوابن جي (2008)، (14)سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي (2007)، (15) پيار، نباهه ۽ اٿاهه (خط، 2009ع)، (16) سنڌ تعليمي تحريڪ (ڪتابڙو، 2010ع)، (17) Sindho Desh، (جي ايم سيد جو ڪتاب سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ جو انگريزي ترجمو).
مٿين ڪتابن کان سواءِ جويي صاحب جاڪجهه اڻ ڇپيل ڪتاب پڻ موجود آهن.
سنڌ جا چوٽي جا اديب، دانشور ۽ ڏاها جويي صاحب کي پنهنجو ادبي استاد ۽ سونهون تسليم ڪن ٿا. انهن ۾ شيخ اياز، سراج، رسول بخش پليجو، غلام مصطفى جتوئي، عبدالغفور الستيءَ جا نالا شامل آهن. هونئن به جويو صاحب سنڌ ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسند فڪر جي ٻاريل مشعل ۽ انهيءَ ۾ ادا ڪيل سرواڻي جي ڪردار سبب سڀئي روشن خيال فڪر رکندڙن جو استاد ئي ته آهي.