غلام حسين رنگريز
سوانح:
غلام حسين رنگريز 18اپريل 1945ع تي ميرپور بٺوري ۾ شفيع محمد رنگريز جي گهر ۾ جنم ورتو. شرعاتي تعليم ميرپور بٺوري ۾ ئي حاصل ڪيائين. اڳتي هلي ايم اي پوليٽيڪل سائنس، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائين. پاڻ 1963ع ۾ پرائمري استاد ٿيو. 1967ع ۾ سيڪنڊري استاد ٿيو ۽ 1977ع ۾ وائيس پرنسپال جي عهدي تان رٽائرد ڪيائين.
ادبي اوسر
غلام حسين رنگريز کي اسڪول جي زماني کان وٺي ادبي ڪتابن جي پڙهڻ، مضمونن ۽ شعرن لکڻ سان خاص دلچسپي رهندي آئي.تنقيد، شاعري ۽ فلسفو، علم، ۽ فن سندس پسنديده موضوع رهيا آهن. انهن ڏينهن ميرپور بٺوري ۾ ”بزم ادب“ ۽ ”تحريڪ تعمير ادب“ جون ادبي محفلون ٿينديون هيون. جن ۾ رنگريز سرگرميءَ سان حصو وٺندو هو ۽ انهن ادارن سان سلهاڙجڻ سان سندس لکڻين ۾ پختگي، مقصديت، معنويت، رنگ ۽ رچاءَ پيدا ٿيو. اڳتي هلي سندس وابستگي سنڌي ادبي سنگت سان ٿي، جنهن جي ڪري مٿس جديد ۽ ترقي پسند اثرن رنگ ڄمايو.
غلام حسين رنگريز جي علمي ۽ ادبي تربيت ۾ عبدالفتاح عبد بٺورائي جوبه وڏو حصو رهيو، جيڪو پنهنجي وقت جوانتهائي ذهين، ڄاڻو، تحرير توڙي تقريرجو شهسوار ۽ بهترين شاعر پڻ هو. عبدالفتا عبد، نه رڳو ”بزم صوفياءِ سنڌ“ سان لاڳاپيل هو، پر هو جديد فڪر ۽ قومپرستي واري شعور سان مالامال هو. رنگريز سندس ساٿ ۾ نه رڳو ادبي سر گرمين، پر قومي تحريڪن ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو ۽ ذهني طور تي محترم جي ايم سيد جي قومي فڪر ۽ترقي پسند سوچ جي ڪري مقامي توڙي غير مقامي سطح تي عتاب جونشانو بنايو ۽ کيس 1974ع ۾ گرفتار ڪري اڍائي مهينا سينٽرل جيل ڪراچي ۾ رکيو ويو. مٿس الزام هو ته هن محترم جي ايم سيد جي ڪراچي ۾ ٿيل سالگرهه جي موقعي تي ٿيل مشاعري ۾ پنهنجو شعر پڙهيو.
نه رڳو اهو پر مارشلا جي دور ۾ کيس ذهني ۽ جسماني طور تي تنگ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڳوٺ ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي مان بدلي ڪري مختلف هنڌن تي رکيو ويو. ائين رنگريز پنهنجي ترقي پسند سوچ ۽فڪر رکڻ سبب مٺياڻي،نوابشاهه، حيدرآباد، خيرپور ميرس ۽ ڪراچي ۾ نوڪريءَ سانگي هلندو رهيو. سندس اها دربدري ڪيترائي سال جاري رهي. انهيءَ دوران غلام حسين انگريز جا تحقيقي، علمي ۽ ادبي مقالا نهايت اهم حيثيت والارين ٿا. تنهن کانسواءِ پاڻ ڪهاڻيون لکيائين۽ ترجما پڻ ڪيا اٿس. گڏوگڏ هڪ سٺو ڪالم نويس پڻ رهيو آهي. سندس ڪالم ”جي چوانءِ سچ“ ڪافي وقت ”عوامي آواز“ ۾ ڇپجندو رهيو.
سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي
غلام حسين رنگريز جي سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي ۽ سندس غير تڪراري شخصيت هئڻ جي ڪري 1988ع ۾ کيس ان وقت سنگت جو بنا مقابلي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو جڏهن سنگت پنهنجي غير تڪراري ۽متحده محاذ واري حيثيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ سخت ڪوشان هئي. رنگريز جو سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل وارو دور حقيقي معنى ۾ سنگت جو اڪيڊمڪ دور رهيو. پاڻ پنهنجن ٻن سالن جي پيريڊ دوران،سنگت کي حقيقي معنى ۾ ادبي تنظيم بنائڻ لاءِ زبردست ڪوشش ڪيائين ۽ انهيءَ ۾ڪامياب ويو،نه رڳو اهو پر انهي وقت ٺهندڙ سنڌي قومپرستن جي اتحاد ”سنڌ قومي اتحاد“ بابت به سنگت جو موقف چٽي نموني رکيائين ۽ سنگت کي ڪنهن سياسي اتحاد ۽ تنظيم جي ذيلي فرنٽ کان بچائڻ ۽ فڪري طور تي متحده محاذ طور قائم رکڻ لاءِ زبردست ڪوششون ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڪافي ويجها دوست پڻ مٿس ناراض ٿيا. اڳتي هلي اهو اتحاد پان مرادو اختلافن جي ور چڙهي ختم ٿي ويو ۽ وقت ثابت ڪيو ته غلام حسين رنگريز جو موقف صحيح هو.
تنهن کانسواءِ 1988ع وارين ملڪي چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ بحال ٿيل جمهوريت ۽ مارشلا جي خاتمي تي پڻ تنظيمي طور تي سنڌي ادبي سنگت جو لائحه عمل ۽ پاليسي طور، ڪاروباري ڪميٽي کان هڪ دستاويز منظور ڪرايائين. سنگت جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو، جو سنگت موجوده ملڪي صورتحال ۽ جمهوريت بابت چٽو لائحه عمل اختيار ڪيو ۽ جمهوري عمل جي آجيان ڪئي ويئي، انهي لائحه عمل واري دستاويز ۾ چيو ويو:
”سنڌي ادبي سنگت سنڌ، ملڪ ۾ بحال ٿيل جمهوريت تي مشروط اطمينان جو اظهار ڪندي، هن نقطه نظر جي پذيرائي ڪري ٿي ته جمهوريت جي قيام سان گڏ،ان جي استحڪام جي لاءِ سوچڻ، لوچڻ ۽ لکڻ به اديب جي ذميدارين ۾ شامل آهي.
سنڌي ادبي سنگت چاهي ٿي ته هن ملڪ جي سڀني ماڻهن کي سڀئي جمهوريت حق ۽ آزاديون بنا ڪنهن امتياز ۽ تخصيص جي ملڻ گهرجن، جمهوريت جي قيام ۽ استحڪام جو مدار وڌيڪ جمهوريت هئڻ تي آهي.
جمهوريت جي قيام بعد اديب ۽ عوام جو رول ختم نٿو ٿئي، پر ويتر وڌي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته حڪمرانن جي آپيشاهي، ساڻس لاڳاپيل مستقل مفادن جي ڦرلٽ ۽ ڪامورا شاهيءَ جو ڏاڍ هڪ طرف وڌڻ جو خطرو درپيش رهي ٿو ته ٻئي طرف جمهوريت دشمن قوتن جي سازش جا سلسلا تيز ٿيو وڃن. اهڙي صورتحال ۾ اديب ۽ عوام جو محض ڪنهن مخصوص گروهه جي فائدي ۾ ملڪي معاملن کان لاتعلق رهي خوشفهمين جي جنت ۽ فرحت جي خيالي ننڊ سمهڻ جو عمل درست نه آهي. انهيءَ ٻٽي ذميواري کي شعوري طرح سمجهڻ ۽ زندهه مسئلن تي بنا ڪنهن مصلحت جي خيالن جو اظهار ڪرڻ جمهوري روايتن ۽ قدرن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.
سنڌي ادبي سنگت نه لازمي طور تي حڪمرانن جي حمايت لاءِ ٻڌل آهي ۽ نه لازمي طرح مخالفت تي سندرو ٻڌي بيهڻ جي لاءِ تيار آهي. هر اهو ڪم جيڪو سنڌي قوم، ٻولي ۽ ادب لاءِ نفع بخش هوندو، ان جي حمايت ڪئي ويندي ۽ هر اهو عمل جنهن سان سنڌي قوم کي، ادب ۽ ٻوليءَ کي تر جيترو به ڇيهو رسندو، ان جي مخالفت ڪرڻ، سنگت جو آئيني، انساني ۽ اخلاقي فرض هوندو....“
انهن سڀني ڳالهين ۽ ڪمن کان به وڌيڪ غلام حسين رنگريز جو سنگت جي حوالي سان اهم ڪم ”سنگت پبليڪيشن“ جو قيام ۽ انهي طرفان چار پرچا ڪڍڻ هو. رنگريز جي انهي اهم قدم سبب سنگت پنهنجي حقيقي ادبي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ لڳي، سنگت پبليڪيشن جا اهي چار ئي پرچا سنگت جي تاريخ ۽ سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت والارين ٿا.
انهن چئن پرچن کانسواءِ غلام حسين رنگريز پنهنجي سيڪريٽري جنرل واري دور جي ٻه سالا ڪارڪردگي رپورٽ پڻ ڇپائي پڌري ڪئي. جيڪو پڻ سنگت جو اهم رڪارڊ آهي ۽ سنگت جي ماضيءَ جي سڄي تاريخ ۾، رنگريز جو ئي ٻه سالا دور اهڙو آهي، جنهن دوران مرڪز توڙي شاخن جي هر ٿيندڙ سرگرمي، انهيءَ ڪتابڙي ۾ محفوظ آهي.
غلام حسين رنگريز جي علمي ۽ قلمي پورهئي طور چار ڪتاب هيستائين ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته شاعري ترجمي، ۽ مضمونن جا ڪتاب قلمي صورت ۾ وٽس موجود آهن. هيٺ انهن ڪتابن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
1- سرمد ڇا ٿو سوچي
هي ڪتاب رنگريز جي تاريخي ۽ تحقيقي مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس مضمون ’ڌاريان ۽تاريخ جو جائزو‘، ’هنڌ خالي ڪريو تحريڪ‘، ’حقيقت حجاج جي‘ (حجاج بن يوسف بابت) انسان جي تلاش (يوناني ڏاهي ديوجانس قلبي بابت) سرمد ڇا ٿو سوچي. (صوفي سرمد شهيد بابت) ۽ ’ڏو ٿي سا ڏورين‘ شامل آهن. هي ڪتاب حقيقت ۾ تاريخ جون جهلڪيون آهن، جيڪو ڌارين پاران ٿيندڙ قومي جبر۽ مذهبي آڙ ۾ ٿيندڙ جبر بابت حقيقتن تان پردو کڻي ٿو.
2- وکر سو وهاءِ
غلام حسين رنگريز جو هي ڪتاب ادبي مضمونن جومجموعو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ف م لاشاري ڪتاب بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”غلام حسين رنگريز جي مضمونن جي هن ڪتاب جو مقصد ۽ مواد منجهان ثابت ٿئي ٿو ته سڀني انسانن جو ماڳ ساڳيو آهي. ”وکر سو وهاءِ“ ۾ همعصر عالمي ادب منجهان هڪ سگهاري چونڊ ڪري، موضوعن تي محنت سان لکي، هڪ طرف ادب جي ڪردار ۽ اهميت کي نروار ڪيو ويو آهي، ته ٻئي پاسي پنهنجي دور جي سنڌي ادب جون ڪجهه هيڻايون سامهون آنديون ويون آهن، ته جيئن کين ختم ڪري سگهجي.....هڪڙي پاسي هعمصر عالمي ادب جي اهم نمونا آهن. ۽ ٻئي طرف پنهنجي هيڻاين کي ظاهر ڪري سنڌيءَ ۾ ٿيندڙ تخليقي عمل کي سگهارو بنائڻ جو ارادو آهي.“
3- غلام جا ٽهڪڙا
هي ناٽڪ مشهور الف ليلوي داستانن منجهان آهي، پر اهو الف ليلى جي مروج نسخي ۾ نه آهي. هن جو سنڌي ترجمو انگريزيءَ تان ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪبير چوڌري بنگالي مان انگريزي ۾ آندو. الف ليلى جي ٻين آکاڻين جي ڀيٽ ۾ فلسفياڻي خيال آرائي ۽دل ڇهندڙ شاعري جو ميل آهي. بيشڪ هن ڪتاب جو ترجمو، سنڌي ادب ۾ هڪ اهم واڌارو آهي. هن جو تعاروف مولانا گرامي لکيو آهي.
4- اکين اُڃ اَپار
هي غلام حسين رنگريز جي شاعري جو مجموعو آهي. جنهن ۾ سندس گيت، غزل وايون ۽ نظم شامل آهن. هي ڪتاب 2005ع ۾ ڇپيو.