نورالدين سرڪي
سوانح
نورالدين سرڪي ولد ڪمال الدين سرڪي 5مارچ 1927ع تي شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم اُتي ئي حاصل ڪيائين، مئٽرڪ 1945ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان ڪيائين. انگريزي جي تعليم ’نيو ايرا اسڪول شڪارپور‘ مان حاصل ڪيائين، جتي کيئل داس فاني، سندس اُستاد هو، جيڪو شيخ اياز جو پڻ اُستاد هو. انهيءَ دور جو ذڪر ڪندي کيئل داس فانيءَ، پنهنجي هڪ خط ۾ نور الدين سرڪي کي لکيو: ”هڪ ڀيري نيو ايرا اسڪول ۾ قاضي صاحب انسپيڪشن تي آيو.مان توهان کي جنرل انگلش ۽ سنڌي پڙهائيندو هوس. مان قاضي صاحب کان پڇيو، ”ٽرانسليشن ڪير پڙهائيندو آهي؟“ مان چيو، ”مان“ ۽ سنڌي مان پڙهائيندو آهيان. “منهنجو جواب ٻُڌي، شاهه صاحب جو بيت پڙهيائين.
تتيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
عجيب ۽ ٽپڻو سوال پڇيائين ته انهن سٽن جي جنهن کي معنى اچي، اهو اُن جو انگريزي ترجمو پڻ ڪري ٻڌائي، مون کي ياد آهي ته اهو هڪ يگانو شاگرد تون ئي هئين، جنهن هيئن ترجمو پيش ڪيو.
“Awake, arise and stop not, till the goal is reached.”
قاضي صاحب منهنجي پٺي ٺپري چيو، ”ماستر صاحب! توهان جي ڇوڪر ته غضب ڪري ڇڏيو.“ ۽ مان بيحد خوشيءَ سان گڏ، فخر پڻ محسوس ڪندو رهيس. ان کان پوءِ درياهه ۾ ڪروڙين ڪيوسڪه پاڻي وهي ويو هوندو، لکين ٻيا شاگرد هٿن مان نڪتا، پر تو جهڙو ذهين ۽ قابل ملڻ محال آهي.“
سرڪي صاحب انٽر سائنس 1947ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج، شڪارپور سنڌ، فرسٽ ايئر 1948ع اين-اي-ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، ڪراچي، بي-اي (آنرس) 1937ع سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج، شڪارپور سنڌ، ايم-اي 1955ع ۾ ايس-اي آرٽس ڪاليج ڪراچي، ۽ ايل-ايل-بي ايس-ايم لا ڪاليج، ڪراچيءَ مان 1955ع ۾ ڪيائين.
نورالدين سرڪي 1948ع ۾ انجنيئرنگ پڙهندو هو، پر ملڪ اندر سياسي ۽ سماجي تبديلين سبب ۽ ڪجهه ترقي پسند سياسي ۽ ادبي جماعتن ۾ سرگرم ٿيڻ سبب انجنيئري پڙهڻ ڇڏي ڏنائين. اهو سندس زندگيءَ جو هڪ هنگامي دور هو. انجنيئرنگ ڇڏي واپس شڪارپور موٽي وڃڻ کان پوءِ بي- اي ڪرڻ سان گڏ نيو ايرا هاءِ اسڪول ۾ 1951ع کان 1953ع تائين ماستري به ڪيائين. اڳتي هلي ڪراچي موٽي اچي 1954ع کان 1967ع تائين اسلاميھ آرٽس ڪاليج ۾ سنڌي ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پڻ ٿي رهيو.
سرڪي صاحب جو والد مرحوم ڪمال الدين سرڪي ڪلارڪ هو، کيس لکڻ پڙهڻ، راڳ ۽ ساز جو گهڻو شوق هو. اڳتي هلي مولوي عبدالڪريم چشتي جي صحبت ۾ خلاف تحريڪ جي اثر هيٺ هندستان ڇڏي، جهاد خاطر ريل گاڏيون ڀري وڃي افغانستان نڪتا. سرڪي صاحب جو والد ڪمال الدين سرڪي پڻ نوڪري ڇڏي، زندگيءَ جي سڄي ميڙي چونڊي، پنهنجي ٻن ڀائرن جي حوالي سان ڪري ڪابل هليو ويو، جڏهن اُتان موٽيو ته وري انگريز سرڪار جي نوڪري نه ڪيائين. هو 1934ع ۾ وفات ڪري ويو. تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته سرڪي صاحب جي ذهن ۾ پنهنجي والد جي انهي سرگرميءَ جا اولڙا هئا، جن اڳتي هلي سندس سياسي شعور ۽ سرگرمين ۾ رهبري وارو ڪردار ادا ڪيو.
جنهن وقت سرڪي صاحب جي والد وفات ڪئي، انهيءَ وقت، هي پهريون درجو سنڌي پڙهندو هو. پوءِ جڏهن انگريزي تعليم لاءِ نيو ايرا اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي کيئل داس فاني سندس استاد هو. نصاب ۾ ٽالسٽاءِ جون آکاڻيون به رکيل هيون، جن سرڪي جي ذهن تي وڏو اثر وڌو. اتي فانيءَ کيس انسان دوستي ۽ هڪجهڙائي جا اصول سيکاريا. شاعريءَ جو علم عروض سيکاريو ۽ هن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪيو. کيئلداس فاني هڪ ڀيري کيس مثال ڏيندي چيو، ”هڪ ماڻهوءَ کي پهرڻ لاءِ سئو وڳا آهن ته سئو ماڻهن کي هڪ به وڳو ناهي.“ فانيءَ جو ڏنل اهو مثال کيس سڄي عمر ياد رهيو ۽اڳتي هلي جڏهن سرڪيءَ هن نابرابريءَ واري سماج جي خاتمي لاءِ 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ته اهو مثال به سندس سامهون هو.
شڪارپور ۾ جماڻي هال ۽ ڪرشنا لئبرري ۾ وڃي هو پنهنجي پڙهڻ جي اُڃ اُجهائيندو هو، جتي سڄي هندستان جا رسالا ۽ اخبارون اينديون هيون. انهن مان بولچند راجپال جو ماهوار ”سنڌو“ رسالو ۽ ٻيو ڄيٺمل پرسرام جو ”روح رهاڻ“ رسالو وڏي شوق سان پڙهندو هو. انهن رسالن ۾ عبدالڪريم گدائي، حيدر بخش جتوئي، برڪت آزاد، هري دلگير،گوبند مالهي ۽ لطف الله بدوي لکندا هئا. ڪرشنا لئبرري ۾ نائيٽ ڪلاسن ۾ هندي پڙهائيندڙ سوشلسٽ خيالن جو هڪ مزدور ڪارڪن غلام محمد هوندو هو، جنهن کي ”بام“ سڏيندا هئا. انهيءَ جي صحبت ۾ نه رڳو. سرڪي اخبار ”قومي جنگ“ پڙهندو هو، پر اقبال جي شاعري جي مطالعي ۾ به خاص دلچسپي وٺندو هو.
انهيءَ وقت سرڪي صاحب مسلم ليگي خيالن جو هو ۽ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو. 1945ع کان 1947ع تائين اُن جو پهرين جوائنٽ سيڪريٽري ۽پوءِ سيڪريٽري ٿيو. دوستن سان اُٿ ويهه ۽ مطالعي جي ڪري، اڳتي هلي،سندس خيالن ۾ تبديلي آئي ۽پاڻ 1948ع م ڪميونسٽ پارٽيءَ جوميمبر ٿيو. انهيءَ دور ۾ سندس واسطو ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ سان ٿيو. پوءِ اڳتي هلي جڏهن 1956ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ته سرڪي صاحب انهيءَ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو ۽ سنگت سان لاڳاپيل رهيو.
1950ع ۾، ترقي پسند ساٿين جي رٿ ۽ سهڪار سان، سرڪيءَ هفتيوار ”صداقت“ اخبار جاري ڪئي، جنهن جو نورالدين سرڪي انچارج هو. قادر بخش نظاماڻي انهيءَ جو ايڊيٽر ۽ رسول بخش پليجو، اسسٽنٽ ايڊيٽر طور اُن ۾ ڪم ڪندا هئا. ”صداقت“ اخبار، سنڌ ۾ سياسي شعور ۽ ترقي پسند ادب جي پيڙهه جو پٿر هئي، جنهن کي اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت وڌيڪ ترقي وٺائي. ”صداقت“ اخبار اٽڪل ڏهه ٻارهن مهينا باقاعدگيءَ سان نڪتي. صداقت ۾ ترقي پسند ادب کان سواءِ، ايٽم بم ۽ جنگ جي خلاف زوردار نموني امن جي بين الاقوامي اپيل تي صحيحن جي مهم ۾ تمام گهڻن ماڻهن حصو ورتو. انهيءَ اخبار ۾ محمد ابراهيم جويو، ع-ق-شيخ، رسول بخش پليجو، جمال ابڙو، ابن حيات پنهور ۽ٻيا ڪيترائي اديب لکندا هئا. جمال ابڙي جون پهريون ۽ بهترين ڪهاڻيون ”پيراڻي“ ۽ ”خميسي جو ڪوٽ“ پهرين ”صداقت“ ۾ ئي ڇپيون. شيخ اياز جي شاعريءَ تي پهريون ڀيرو ڀرپور تبصرا ”صداقت“ ۾ ئي لکيا ويا، جيڪي رسول بخش پليجي لکيا. سرڪي صاحب انهيءَ اخبار ۾ لکندو هو. ان کان سواءِ ٻين روزاني اخبارن ”نئين سنڌ“، هفتيوار ”صبح سنڌ“ نوابشاهه، ٽماهي ”مهراڻ“ ۽ ماهوار ”سوجهرو“ ۾ به لکندو هو.
سرڪي صاحب، ويهن کان ٽيهن سالن واري زندگيءَ جا ڏهه سال ادبي ۽ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو. انهيءَ دوران هن شاعري ڪئي، ادبي مضمون لکيا ۽ ترجما به ڪيا. 1957ع ۾ سندس شادي ٿي، سندس گهر واري بيگم شمس به سُٺي لکندڙ ۽ مترجم رهي آهي. پاڻ سرڪي صاحب سان، شادي کان اڳ، اردوءَ ۾ افسانا ۽ ادب لطيف لکندي هئي. تنهن کان سواءِ استاد محمد ابراهيم جويي جي همت افزائي تي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڏنل ڪتاب ”سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا“ پڻ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو.
سرڪي صاحب 1957ع ۾، ٽالسٽاءِ جي ڪتاب ”واٽ دين مسٽ وي ڊوُ“ جو سنڌي ترجمو ڪيو، جيڪو ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ پاران 1957ع ۾ ڇپرايو ويو ۽ اُن وقت اهو ڪتاب سڄي ننڍي کنڊ ۾ فقط سنڌي ۾ ترجمو ٿي ڇپيو.اُهو ڪتاب سرڪي صاحب پنهنجي زندگي جي رهنما اصول طور ڪتب آندو.ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1994ع ۾ ڇپيو.
سياسي حوالي سان، سرڪي صاحب، شاديءَ کان ٿورو اڳ، پنهنجون سرگرميون گهٽائي ڇڏيو هيون. البت 73-1972ع ۾ نعپ (نيشنل عوامي پارٽي) جو ميمبر ٿيو.
مٿين ڪتاب کان سواءِ شاهه لطيف جي چونڊ شعرن جو مجموعو ”جي تو بيت ڀانيا“ (1999ع) ۽ هند جي سنڌي اديبن ۽ دوستن جي چونڊ خطن جو مجموعو ”ڪي وسرن نه مُور“ (2001ع) ڇپيل اٿس.
نورالدين سرڪي 26سيپٽمبر 2007ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.