شيخ اياز
سوانح
شيخ اياز جنهن جو سڄو نالو مبارڪ اياز آهي، تنهن 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو غلام حسين هو. شيخ صاحب شروعاتي تعليم شڪارپور ۾ ورتي. مئٽرڪ شڪارپور هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. پوءِ ڊي-جي ڪاليج ڪراچيءَ مان 1945ع ۾ بي-اي فلاسافيءَ ۾ ڪيائين. انهي کان پوءِ کيس پي-ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو خيال ٿيو. هو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي نگرانيءَ ۾ اول ٽئگور ۽ پوءِ علامه اقبال تي ٿيسز لکڻ لڳو. 1947ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي گذاري وڃڻ کان پوءِ شيخ اياز پي-ايڇ ڊي جو خيال لاهي ڇڏيو ۽ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي خيال کان ايل ايل بي ۾ داخلا ورتائين. 48-1947ع ۾ اها ڊگري حاصل ڪري 1950ع ۾ عبدالحئي قريشي ۽ پوءِ خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو.
ادبي کيتر
بي-اي جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ شيخ اياز ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن شڪارپور ۾ رهڻ لڳو. ڪراچي ۾ رهڻ جي دوران هواُتان جي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. هن موهن پنجابي سان گڏ قائم ڪيل ”باغي منڊل“ پاران ڪتابن شايع ڪرائڻ جو سلسلو جاري رکيو. باغيءَ پاران شيخ اياز جي ڪهاڻين جي مجموعي ”سفيد وحشيءَ“ کان پوءِ جون 1947ع ۾ شيخ اياز جوترتيب ڏنل ڪتاب ”اسان جي سنڌ“ ڇپايو ويو. ”اسان جي سنڌ“ ۾ ترقي پسند ليکڪن جون ڪهاڻيون هيون. شيخ اياز انهيءَ ڪتاب جو جيڪو فڪري مهاڳ لکيو، تنهن کي پڙهي، سندس فڪري، ادبي،سماجي، اقتصادي ۽ قومي شعور کي داد ڏيڻو ٿو پوي.
انهن ئي ڏينهن شيخ اياز شڪارپور مان هڪ ماهوار رسالو ”اڳتي قدم“ جاري ڪيو. اڳتي قدم جا فقط ٽي پرچا نڪري سگهيا. پهرين پرچو آگسٽ 1947ع، ٻيو پرچو سيپٽمبر1947ع ۽ ٽيون پرچو آڪٽوبر 1947ع ۾ نڪتو. ”اڳتي قدم“ رسالو جاري ڪرڻ وقت شيخ اياز جي عمر 24 سال هئي. ”اڳتي قدم“ رسالي ترقي پسند تحريڪ جو سگهارو تصور پيش ڪيو. محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
”اڳتي قدم“، سنڌي ادب جي ترقي پسند لاڙن کي جاڳايو، گڏ ڪيو ۽ پاڻ ڀرو ڪيو. اياز ان رسالي جا فقط ٽي پرچا ڪڍيا، پر اُن جي ٿورڙي حياتيءَ ۾ هن رسالي سنڌي ادب جي نڪ ۾ جا غلاميءَ جي ناڪيلي پيل هئي، اها لاهي ڦٽي ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجو مقصد، پنهنجي راهه ۽ پنهنجو ارادو عطا ڪيو.“
شاعري
شيخ اياز جو پهريون شعر 1938ع ۾ ”سدرشن“ مخزن ۾ ڇپيو. پوءِ اهو شاعري جو سلسلو هلندو رهيو. ان زماني ۾ اياز شاعريءَ کان سواءِ ڪهاڻيون پڻ لکندو هو. سندس پهرين ڪهاڻي اڻويهين سالن جي عمر ۾ ڇپي. جيڪا ”سهڻي سير ۾“ جي عنوان سان، ماهوار ”سنڌو“ جي 1942 ع جي پرچي ۾ شايع ٿي. سندس ٻي ڪهاڻي، ”هڪ شمع جا ٻه پروانا“ جي عنوان سان ”سنڌو“ ۾ ئي ڇپي. اهڙي طرح ”سنڌو“ جي جنوري 1947ع جي پرچي ۾ سندس هڪ ڪهاڻي ”ٻروچڪي رت“ جي عنوان سان شايع ٿي. اهي ۽ ٻيون ڪهاڻيون ”سفيد وحشي“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيون.
اڳتي هلي شيخ صاحب ’نيو ايرا اسڪول‘ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران شعرو شاعريءَ جي تربيت پنهنجي استاد کيئلداس فاني کان حاصل ڪندو رهيو، جنهن جو اعتراف ڪندي پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو اٿس:
فاني! او فاني لافاني مون لاءِ تون،
تون جو طوفاني، آهي منهنجيءَ ڏات.
شيخ اياز جو پهريون شعر ”سدرشن“ ۾ شايع ٿيو، جيڪو شعر ترجمو هو ۽ اهو اصل ’سوامي هيمراج‘ جو هو. سندس ٻيو شعر ماهوار ”سنڌو“ جي نومبر 1938ع جي پرچي ۾ شايع ٿيو. اهو زمانو شيخ صاحب جي تربيتي ۽ مطالعي وارو زمانو هو. شيخ اياز هوشيار ته ننڍي هوندي کان ئي هوندو هو ۽ مطالعو به خوب ڪندو هو. شيخ اياز ڪاليج جي زماني ۾ لئبرريءَ ۾ قدم رکندو هو ته ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪتاب ساڻس ڳالهائيندا هجن. ۽ سندس مطالعي جي ڪري ڪاليج جا پروفيسر به کيس انگريزي جو ”ياد حافظ“ چوندا هئا.
اردو شاعري
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي هندن ۽ خاص ڪري سنڌي ليکڪن جي لڏي وڃڻ ڪري ترقي پسند سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو ۽ اردو اديبن جي لڏي اچڻ جي ڪري، ماحول ۾ ڪجهه تبديلي آئي. انهيءَ زماني ۾ شيخ اياز جي اردو اديبن سان اُٿ ويهه ٿيڻ لڳي ۽ شيخ اياز به اردوءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳو. اهڙي طرح جڏهن ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ وجود ۾ آئي ته شيخ اياز کي ان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. سندس اردو شاعريءَ جو اردو شاعرن تي ايترو ته اثر پيو، جو مشهور اديب ۽ شاعر آفاق صديقيءَ سندس اردو ڪلام ترتيب ڏيئي، ”بوئي گل نا لئه دل“ جي نالي سان شايع ڪرايو. اهو ڪتاب 1954ع ۾ ڇپيو.
شيخ اياز پنهنجي اردو شاعريءَ بابت لکي ٿو:
”مون ورهاڱي کان اڳ اردوءَ ۾ ڪڏهن به شاعري نه ڪئي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ۽ مون کي اردوءَ تي ڪافي عبور حاصل هو ۽ منهنجو اردو مطالعو نهايت وسيع هو. سن 1947ع ۾ جڏهن مون نارايڻ شيام کي بمبئي وڃڻ جي لاءِ پاڻيءَ جي جهاز تي ڇڏيو هو ته مون کي سنڌ جي ادبي دنيا ڊانواڊول ٿيندي نظر آئي هئي.
سنڌي اديبن جي اڪثريت هندو هئي ۽ اهي لڳ ڀڳ سڀ لڏي ويا هئا....... ان وقت مون بي انتها تنهائي محسوس ڪئي هئي ۽ پيدا ٿيل خلا کي ڀرڻ لاءِ مون ڪيئي اردو اديب دوست ڪيا هئا.....پهريون ڀيرو مون اردو ۾ 1948ع ۾ شاعري ڪئي ۽ ترقي پسند مصنفين ۽ حلقئه احباب ذوق ۾ پڙهندو هئس.“
شيخ اياز 1952ع تائين اردو شاعري ڪئي ۽ پوءِ ڇڏي ڏنائين.
سنڌي شاعري
شيخ اياز اردو شاعريءَ کان ڪناراڪشي اختيار ڪرڻ کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ڏانهن موٽيو ۽ هن ڀرپور نموني سنڌي شاعري ڪئي ۽ هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين. خاص ڪري بيت، وائي، گيت سندس مرغوب صنفون رهيون آهن. انهن صنفن ۾ اياز وڏي جدت آندي، جنهن کي سنڌي شاعريءَ ۾ انقلابي تبديلي چئي سگهجي ٿو. شيخ اياز جي اهڙي انقلابي شعر جو پهريون مجموعو 1962ع ۾ ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ پاران ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ جي نالي سان ڇپيو. جنهن ۾ بيت، دوها، گيت، ڇيڄ، وايون، آزاد نظم، نظم، قطعا ۽ غزل آيل آهن. ڪتاب جي پيش لفظ ۾ پنهنجي شاعريءَ جي باري ۾ ڄاڻايو اٿس:
”1947ع کان اڳ وارو اڻ ڇپيل ڪلام منهنجي زهر آلود تبسم جي آڳ ۾ جلي ويو. ان لاءِ ذميدار اها بي انتها مايوسي جي ”اکر اڳيان اُڀري، واڳون ٿي وريام“ واري ڪيفيت هئي، جنهن جو تفصيل منهنجي زندگيءَ جي ڪنهن زخم پنها کي تازو ڪندو. باقي ڪنهن خاص دلچسپيءَ جو سبب نه ٿيندو.“
”ڀؤنر ڀري آڪاس“ سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ نئون ۽ نِڪور شاعري جو مجموعو هو. شيخ اياز کي انهيءَ ڪتاب تي گلڊ پاران بهترين ڪتاب تسليم ڪندي، ادبي انعام به ڏنو ويو. ڪتاب جي ڇپجڻ سان رجعت پرست ڌرين پاران شيخ اياز جي خلاف مخالفت ۽ احتجاج جو طوفان کڙو ٿي ويو. نتيجي ۾ حڪومت پاران اهو ڪتاب ضبط ڪري بندش هيٺ آندو ويو.
شيخ اياز جو ٻيو شعري مجموعو ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ 1963ع ۾ ڇپيو ۽ پهريون نثر جو مجموعو، ادبي خطن تي مشتمل ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ 1964ع ۾ ڇپيو. انهن ڪتابن ڇپجڻ سان رجعتي حلقن ۾ هڪ طوفان کڙو ٿي ويو. اياز تي ڪافر، ملحد، غدار ۽ ملڪ دشمن جا الزام هنيا ويا ۽ اهي ٻيئي ڪتاب پڻ پابندي هيٺ آندا ويا.
اياز جي شاعري سنڌ جي وجود جي بقا جو ضامن بنجي ويئي ۽ ”شيخ اياز-سنڌ جو آواز“ بنجي ويو. ون يونٽ جي خلاف قوم پرستن جي تحريڪ زور تي هئي ۽ اياز جي شاعري انهيءَ قومي جنگ ۾ هڪ وڏو هٿيار هئي. نتيجي ۾ شيخ اياز تي ملڪ دشمنيءَ جا الزام هڻي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ کيس جيل ۾ وڌو ويو، جنهن جو تفصيلي احوال پاڻ ”ساهيوال جيل جي ڊائريءَ“ ۾ ڪيو اٿس. انهيءَ جيل ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به قيد ڪيل هو. اهو 1968ع جو زمانو هو. انهيءَ ڊائريءَ جو پوءِ اردو ۾ ترجمو به ٿيو.
شاهه جو رسالو (منظوم اردو ترجمو):
1952ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي مرڪزي وزارت تعليم پاران ٻه علمي ڪم حوالي ڪيا ويا، جن مان هڪ شاهه جي ڪلام جو اردو ترجمو پڻ هو. انهيءَ ڪم لاءِ يونيورسٽي انتظاميا جي نظر شيخ اياز تي پيئي ۽ شيخ اياز اهو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ نهايت محنت، محبت ۽ عرقي ريزيءَ سان اهو ڏکيو ڪم سرانجام ڏنو ۽ اهو سڄو ڪم اهڙي ته خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏنو، جو ڪٿي به شاهه جو پيغام ۽ شعر جو روح متاثر نه ٿيو آهي. اهو رسالو پهريون ڀيرو 1963ع ۾ ڇپيو.
وائيس چانسلر
شيخ اياز کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ۽ 1979ع تائين هو انهيءَ عهدي تي رهيو. شيخ اياز جو اهو عهدو قبولڻ هڪ نئين تڪرار جو سبب بنيو. اڳ هو قوم پرستن جي دلين جي ڌڙڪن هو ۽ هاڻ اک جو ڪنڊو ٿي پيو. شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ جي انهيءَ سڄي دور ۾ سندس حمايت ۽ مخالفت ۾ خوب لکيو ويو، پر انهيءَ دور جو جيڪو وڏو نقصان ٿيو، سو اهو جوسندس شعري آمد ۾ اها رواني نه رهي. سندس انهي دور جي حوالي سان يوسف شاهين، سندس ڪتاب ”پڻ ڇڻ پڄاڻان“ ۾ لکي ٿو:
”هن شخص، پنهنجي پورهئي مان 79-1976ع جي دوران ڪجهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس هٿ ڦٽجي پيا. دل ڏار هڻي ويس ۽ هانءَ هَڄي اُٿيس.“
شيخ اياز جي سڄي شعري زندگيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ اُهو جيڪو سندس وي-سي ٿيڻ کان اڳ وارو دور هو. جڏهن سندس شعر ترقي پسند ۽ قومپرست حلقن ۾ مقبول هو ۽ رجعتي حلقن طرفان سندس خلاف تمام گهڻو لکيو ويو، جن جو ترقي پسند حلقن ڀرپور جواب ڏنو ۽ اياز جي بچاءُ ۾ ڪيترائي ليک ۽ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ خاص طور تي مولانا غلام محمد گراميءَ جو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر“ ۽ رسول بخش پليجي جو ”انڌا رونڌا ويڄ“ اهم آهن.
ٻيو دور اياز جا پويان ڏهه سال هئا، جن ۾ هن پنهنجي پوئين دور کان به وڌيڪ لکيو ۽ پنهنجي خيالن ۾ ايندڙ صوفياڻي رنگ جو به کليو کلايو اظهار ڪيو. حقيقت ۾ انهيءَ دور ۾ اياز تمام گهڻو لکيو ۽ ڀرپور لکيو. پر عجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته خيالن جي تبديليءَ جي ڪري، ڪلهه جن دوستن سندس ڀرپور حمايت ۾ لکيو، سي اڄ سندس مخالف ٿي بيٺا ۽ سندس خيالن کي رد ڪرڻ لاءِ پنهنجي قلم کي ڀرپور استعمال ڪيو.
اياز ،سڄي عمر پنهنجي خيالن جي ڪري تڪراري رهيو، پر سندس شعر سنڌي ادب جو اهو خزانو آهي، جنهن سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو.
صحافت
1994ع ۾ يوسف شاهين هڪ روزاني اخبار ”برسات“ ڪڍي، جنهن جو چيف ايڊيٽر شيخ اياز ٿيو. پنهنجي چيف ايڊيٽريءَ وارو اهو سڄو عرصو اخبار پنهنجي منفرد انداز سان هلندي رهي ۽ اياز جا لکيل ايڊيٽوريل اخبار جي جان هوندا هئا.
شيخ اياز جا ڪتاب
شيخ اياز جي ڇپيل نثر ۽ نظم ۾ ڪتابن جو تعداد هيٺينءَ ريت آهي:
اردو شعر ۾
(1)بوءِ گل نالئه دل (2)نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي، (3)شاهه جو رسالو (منظوم ترجمو).
سنڌي ۾ (نثر ۾)
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي،پنهل کانپوءِ، سفيد وحشي، جڳ مڙيوئي سپنو، ساهيوال جيل جي ڊائري، خط، انٽرويو، تقريرون (ڀاڱو1)، خط، انٽرويو، تقريرون (ڀاڱو 2)، ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون،ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر (آتم ڪٿا-ڀاڱو پهريون)، ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (آتم ڪٿا-ڀاڱون 2) ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (آتم ڪٿا-ڀاڱو 3)، ڪتي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (آتم ڪٿا-ڀاڱو 4)، تون ڇپر تون ڇانءُ- (اُنهيءَ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڪجهه واڌاري سان ”اُٿي اور الله سين“ جي نالي سان پڻ ڇپيو).
شعر ۾
ڀونر ڀري آڪاس، ڪلهي پاتم ڪينرو، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڪپر ٿو ڪُن ڪري، چنڊ چنبيلي ول، رڻ تي رِم جهم، ڀڳت سنگهه کي ڦاسي، راج گهاٽ تي چنڊ، لڙيو سج لڪن ۾، بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي،اڪن نيرا ڦليا، جهڙ نيڻان نه لهي، وڄون وسڻ آئيون، اُڀر چنڊ پس پرين، پتڻ ٿو پور ڪري، هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن، واٽون ڦلن ڇانئيون، الوداعي گيت، ڪتين ڪر موڙيا جڏهن (ٽي ڀاڱا)، ننڊوليون، سَر لوهيڙا ڳڀيا، سورج مکي سانجهه، جرڏيئا جهمڪن، هرڻ اکي ڪيڏانهن، چنڊ ڳليون، گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾، پن ڇڻ پڄاڻان، سانجهي سمنڊ سپون، ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون، ڪاري رات ڪُهنگ، شاعريءَ جو سجدو، ٽڪرا ٽٽل صليب جا، سر نارائڻ شيام، روح جزيرو حيرت جو (اياز جا سڀ غزل-مرتب بخشل باغي)، گيڙو ويس غزل (اياز جا سڀ غزل- مرتب اسحاق سميجو) هيرا ته ڏسو (مرتب بخشل باغي).
سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران شيخ اياز جي شاعري ۽ نثري تخليقن کانسواءِ سندس شعر جي ترجمن کي هڪ رٿا تحت 22 جلدن ۾ ڇپايو ويو آهي،
شيخ اياز جي شاعريءَ جاترجما
جو ٻيجل ني آکهيا، (پنجابي) ترجمو احمد سليم، حلقه ميري زنجير کا (اردو) ترجمو فهميده رياض، تنهن کان سواءِ آصف فرخي، ڪرن سنگهه، شاهه محمد پيرزادي ۽ خواجه سليم، اياز جي شاعري ۽ نثر جا اردو ۽ انگريزي ۾ ترجما ڪيا، جي ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن.
شيخ اياز 28ڊسمبر 1997ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي. کيس ’ڀٽ شاهه‘ ۾ ڪراڙ جي ڪپ تي دفنايو ويو.