ڪيرت ٻاٻاڻي
ساڳئي طرح محترم عبدالواحد آريسر ڪيرت بابت لکي ٿو، ”اڄ جڏهن مون کان مختلف اخبارن جا عيوضي اهو پڇن ٿا ته سائين جي ايم سيد کانپوءِ جيئي سنڌ هلچل يا سيد جي خواب جو ڇا ٿيندو ته آئون کين اهو جواب ڏيندو آهيان ته سيد جي خواب جي پڄاڻي ٿيڻي ناهي، پر انهي سان گڏوگڏ منهنجي ذهن ۾ هڪ شخصيت جي تصوير اُڀرندي آهي ۽ اها تصوير آهي ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي جنهن کي سيد جي جدوجهد دوران هند جي سنڌين جو سائين جو ايم سيد قرار ڏنو ويو آهي.“
ڪيرت ٻاٻاڻي جون نه فقط هند ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن، پر هن سنڌي ٻوليءَ کي هندستان ۾ قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ ٿيل جدوجهد ۾ سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو.
سوانح
ڪيرت ٻاٻاڻي 3جنوري 1922ع ۾ ڳوٺ مورو لاکو تعلقي سڪرنڊ، ضلع نوابشاهه ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو چوئٿرام ٻاٻاڻي هو. ڳوٺ جي ابتدائي تعليم بعد ”ولس هاءِ اسڪول“ نوابشاهه (جيڪو هن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوابشاهه، مشهور ”خواجا هاءِ اسڪول نوابشاهه“ جي برانچ آهي) ۾ حاصل ڪئي. هن اسڪول ۾ تعليم جي دوران ڪيرت جي من ۾ قومپرست خيالن جو سلو اُڀريو، جنهن کي وري سندس قابل استاد روچيرام ٿانواڻي پاڻي ڏئي وڌايو. اتان کان هن شاگرد سياست شروع ڪئي. پهريائين سنڌ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ضلعي نوابشاهه جو آرگنائيزر، پوءِ صوبي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ 1940ع ۾ آل انڊيا ليول تي وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. 9آگسٽ 1942ع تي ”ڪَئٽ انڊيا تحريڪ“ جي سلسلي ۾ نوابشاهه ۽ سکر جي جيلن ۾ 11مهينا جيل ڪاٽيائين. ميٽرڪ نهايت سٺين مارڪن سان پاس ڪيائين. ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ کانپوءِ نتيجو نڪرڻ شرط ڪاليجي تعليم لاءِ ڪراچي هليو آيو، جتي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. جتي شيخ اياز ۽ ٻين سان واقفيت ٿيس. ڪاليجي تعليم جي دوران فين وڌائڻ خلاف بک هڙتال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس ڪجهه وقت جي لاءِ ريسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو.
جيل ۾ رهڻ دوران هو ڪجهه وقت سوڀي گيانچنداڻي سان گڏ رهيو. جنهن جي صحبت ۾ ڪيرت ڪميونسٽ خيالن کي قبول ڪيو ۽ ڪانگريس جي سياست کي الوداع چيائين. هي اهو زمانو هو جڏهن سنڌ جو هڪ وڏو سياسي ذهين حشو ڪيولراماڻي انگلينڊ مان واپس آيو ۽ سوڀي گيانچنداڻي سان گڏجي ”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس“ جو پايو وڌو. ڪيرت ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو ۽ ”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس“ ۾ شامل ٿيو. ان وقت هڪ ٻيو انقلابي ڪردار گوبند مالهي ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ ۽ ”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس“ جي مورچن تي سرگرم هو. سوڀي، حشو ۽ ڪيرت جڏهن شاگرد مورچو سنڀاليو ته گوبند مالهيءَ ادبي محاذ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو .سوڀي سان گڏ ڪيرت پڻ ادبي ڪلاسن ۾ شريڪ ٿيندو هو، جيڪي پهرين ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ جي آفيس ۾ ۽ بعد ۾ ميٺارام هاسٽل ۾ ٿيندا هئا. انهن ئي ڏينهن ڪيرت لکڻ شروع ڪيو، جنهن جو ذڪر ڪندي هو پنهنجي سيلف پورٽريٽ ۾ لکي ٿو. ”منهنجو ليکڪ ٿيڻ هڪ اتفاق آهي، جيئن اڄ جي دنيا ۾ ڪنهن جو ڪلاڪار ٿيڻ اتفاق آهي ته ڪنهن جو وزير ٿيڻ.“
1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ته سنڌ جي هڪ وڏي باشعور حصي کي جلاوطن ٿيڻو پيو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڪيرت ٻاٻاڻي جو خاندان ته لڏي ويو، پر هن سنڌ نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. نيٺ کيس ملڪ دشمن قرار ڏئي گرفتار ڪيو ويو ۽ 11مهينن جي قيد کانپوءِ جڏهن ڪيرت آزاد ٿيو ته کيس سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪم نامو ڏنو ويو. ان حڪم ملڻ جي باوجود به هن سنڌ نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. انهن ڏينهن حيدر بخش جتوئي جي ”هاري حقدار“ اخبار اچي سنڀاليائين، پر کيس ايترو ته تنگ ڪيو ويو جو نيٺ مجبور ٿي 8 مئي 1949ع تي ڪيرت ٻاٻاڻي کي پنهنجي جنم ڀوميءَ کي الوداع چوڻون پيو.
هند ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون
ڀارت وڃڻ کانپوءِ هن وڪالت جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ سنڌماڊل هاءِ اسڪول (بمبئي) ۾ ماستري ورتائين، جتي هن اسڪول کي ”سنڌيت جي هلچل جو مرڪز“ بنايو ۽جنم ڀومي بنا پنهنجي ”اصليت ۽ سنڌيت“ کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪيائين. هن 1957ع ۽ 1958ع جي دهلي ۽ بمبئي جي سنڌي سميلين کانپوءِ ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻوليءَ جي تسليمي ۽ موجوده سنڌي لپي بچائڻ جي اها جدوجهد شروع ڪئي، جنهن اڳتي هلي ڀارت سرڪار کي مجبور ڪيو ۽ اتان جي ملڪي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو.
ڪيرت ٻاٻاڻي 1967ع کان وٺي، ”سنڌي ٻولي ساهت سڀا“ سان واڳيل رهيو آهي ۽ 1972ع کان 1980ع ۾ 1987ع کانپوءِ به ان جو صدر رهيو ۽ گانڌيدام ۾ ڪڇ جي سنڌين سان گڏجي سنڌي ٻولي، تهذيب، ادب،سنگيت ۽ سنڌيت کي بچائڻ ۽ منظم ڪرڻ ۾ رڌل رهيو ۽ان سڄي جدوجهد جو روح روان ڪيرت ٻاٻاڻي رهيو.
هند ۾ ترقي پسند سنڌي ادب جي ٽه مورتي طور ڪيرت، گوبند ۽ اُتم مشهور رهيا آهن ۽ ترقي پسند ساهت کي زور وٺرائڻ ۾ هر مورچي تي اٽل رهيا آهن.
تنهن کانسواءِ ڪيرت ٻاٻاڻي محترم جي ايم سيد جا ڪيترائي ڪتاب ڀارت ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا، جن جو هت ڇپجڻ ممڪن نه هو.
جهڙوڪ:
(1)پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل
(2)سنڌ ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ؟
(3)Sindhu desh a nation in chains A case of sindhu desh شامل آهن.
تنهن کانسواءِ پيپلز پارٽي جي باني مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي تي ظفر اُڄڻ جي ترتيب ڏنل ڪتاب Bhutto speaks from grave جڏهن ٻيو ڪو ڇپائي نه سگهيو ته نه رڳو اهو ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ڇپرايو، پر انهيءَ جو مهاڳ پڻ لکيائين. اهڙي طرح جي ايم سيد جي ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ پڻ ڪيرت ٻاٻاڻي لکيا.
ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ سٺو ڪهاڻيڪار به آهي. سندس ڪهاڻين ۾ خيالن جي اُڏام سان گڏ، اهي فني پختگي ۽ بامقصد موضوعن تي لکيل هونديون آهن. هن جو زندگيءَ ڏانهن رويو فقط رسمي ڪونهي، پر احساساتي ۽ جمالياتي پڻ آهي. هن وٽ زندگي جو هڪ ڪارج آهي، هو چئي ٿو:
”مون کي ٻن ڳالهين وچ ۾ چونڊ ڪرڻي آهي، هڪ پاسي آهي من جي اُڇل کي چٽڻ، ٻئي پاسي آهي انسانن جي اڇل کي سنوارڻ، اوهين من اڇل جا رچيندڙ بڻجو، ڪلاڪار سڏايو، مان من اڇل جو سنواريندڙ،مالهي سڏائڻ ۾ خوش آهيان. دنيا بهتر بڻجي،دنيا وڌيڪ شوڀنيڪ ٿئي، دنيا انسان جي رهڻ لائق بڻجي، ڇا اها گهٽ ڳالهه آهي.“
ڪيرت جي سماجي ۽ سياسي خدمتن سان گڏ،هن جون ڪلچرل ۽ ادبي خدمتون به ڪي گهٽ ناهن. هن جي تخليقي پورهئي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هي ادبي کيتر جو پڻ شهسوار آهي.
ڪيرت جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
ڪهاڻين جا مجموعا:
(1)هوءَ (1956ع) (2)درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو (1966ع) (3)نه ليلى نه مجنون (4)اوهان سڀ ننگا آهيو (1993ع). اهو ڪتاب سنڌ ۾ به ڇپيو.
ناٽڪ: سوريءَ سڏ ٿيو-(1972ع)
تنقيدي ادب: (1)ادب ۾ قدرن جو سوال (اپريل 1974ع) جنهن ۾ ادب ۽ حقيقت نگاري، سنڌي ساهتڪارن جا مسئلا، سنڌي جديد ناول، ڪهاڻي ادو عبدالرحمٰن، دئپت جو جنم، اتهاس جو رٿ،سنڌي ڪهاڻي ورهاڱي بعد مضمون/مقالا شامل آهن. (2)اوک ڊوک (1981ع) تنقيدي مضمون، جن تي تعليم کاتي طرفان انعام مليس. (3)سنڌي ڪهاڻي ورهاڱي بعد (مڪمل ۽ ورهاڱي کان 1982ع تائين جي 35 سالن جو تفصيلي جائزو ورتل-1984ع) (4)پيهي منجهه پاتال (1985ع) جنهن آرميڪ چٽا ڀيٽي ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو.
سوانح: لينن دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت (1980ع). انهيءَ ڪتاب تي کيس ”سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ،“ مليو، جنهن ۾ پنج هزار روڪ، قدرشناسي جو سرٽيفڪيٽ، سونو ٻلو ۽ روس جي دوري جي ٻن هفتن جي دعوت مليس.
سفرنامو: جيڪي ڏٺو مون (سوويت روس جي ٻن هفتن جو سفرنامو).
آتم ڪهاڻي: ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم (سنڌ ۾ 2000ع ۾ ڇپي).
مضمون: امن جي افق ڏانهن (1987ع).
لوڪ ڪهاڻيون: اٻول راڻي (1982ع).
خط: سوسڏ، سو پڙاڏو.
مٿين ڪتابن کانسواءِ ڪيرت ٻاٻاڻي ٽي ڪتاب ترجمو ڪيا. جن ۾ (1)مالو، مئڪسم گورڪي جو ناول (1985ع) (2)ڪولي (ملڪ راج آنند جو ناول-1960ع) (3)مرهٽي ساهتيه جي تاريخ.
ان کانسواءِ: چونڊ سنڌي مضمون (1988ع) ۽ چونڊ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (1989-ايڊيٽ ڪيل)جن تي کيس ساهتيه اڪيڊمي پاران انعام پڻ ملي چڪا آهن.
مٿين ڪتابن کانسواءِ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جا سوين مضمون سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپيل آهن.