غلام مصطفى قاسمي
جنم ۽ تعليم
غلام مصطفى قاسمي 24جون 1916ع تي لاڙڪاڻي ضلع جي تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ رئيس ڀنڀي خان چانڊيي ۾ جنم ورتو. (ڪن هنڌن تي سندس جنم جو سال 1924ع پڻ لکيل آهي). سندس والد صاحب جو نالو حافظ حاجي محمود هو. پاڻ شروعاتي تعليم پنهنجي والد پاران قائم ڪيل ديني مدرسي مان ورتائون. بعد ۾ کين ميرو خان جي عربي مدرسي ۾ موڪليو ويو. جتي پاڻ فارسيءَ جونصاب مڪمل ڪري، عربي جوگرامر ”صرف“ شروع ڪيائون. اڳتي هلي انٽر ڪرڻ کان پوءِ پنجاب يونيورسٽيءَ مان عربي جو اعلى امتحان Course in Arabic High Proficiency پاس ڪيائون. تنهن کان سواءِ علامه صاحب اورينٽل ڪاليج فتح پور، دهلي مان طب جي فن ۾ مهارت حاصل ڪري ”حڪيم الحڪماء“ (فاضل طب) جي سند حاصل ڪئي. علامه صاحب اعلى تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان مولانا حافظ علامه دينپوري کان تصوف جي قادري طريقي ۾ دست بيعت ٿيو.
عملي زندگي
قاسمي صاحب پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ميرو خان جي سرڪاري اسڪول ۾ عربيءَ جي اُستاد جي حيثيت سان ڪئي. پاڻ دهلي جي هڪ مسجد ۾ ٿوري عرصي جي لاءِ مفتي پڻ ٿي رهيا. تنهن کان سواءِ پاڻ ڪراچي جي کڏي ۾ مدرسھ ”مظهرالعلوم“ جا شيخ الحديث، سنڌ مدرسي، ڪراچي ۾ عربي ءَ جا اُستاد ۽ سنڌ معلم آرٽس ڪاليج ۾ اسلاميات جا ليڪچرار پڻ رهيا. اڳتي هلي 1964ع کان 2002ع تائين شاهه ولي الله اڪيڊمي جا ڊائريڪٽر رهيا. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جا اعزازي پروفيسر به رهيا ۽ مختلف مضمونن ۾ ايم فِل ۽ پي- ايڇ ڊي لاءِ رهبر هئا. انهن مضمونن ۾ سنڌي، اردو، عربي، فارسي، اسلامي تاريخ، اسلامي ڪلچر، ۽ تقابلي اديان شامل آهن. گڏ ڪيل انگن اکرن موجب علامه صاحب جي نگراني ۾ پي-ايڇ-ڊي جا مقالا مڪمل ڪندڙن جو انگ 61 آهي.
علامه قاسمي صاحب علم ادب کان هٽي صحافت جي ميدان ۾ پڻ جوهر ڏيکاريا. ڪراچي مان نڪرندڙ ”نئين سنڌ“ اخبار جو پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ايڊيٽر پڻ رهيو. پاڻ ان دور ۾ جيڪي ايڊيٽوريل لکيا اٿائون، تن مان سنڌ دوستي، سياسي ۽ قومي مسئلن بابت هاڪاري سوچ جي ڀرپور عڪاسي ٿيل نظر اچي ٿي.
اهڙي ئي هڪ ايڊيٽوريل بعنوان ”مهاجرن جي سيلاب کي روڪيو وڃي“ ۾ لکن ٿا:
”زبان قومن جي گڏڪرڻ جو هڪ وڏو اوزار آهي ۽ ان جي حفاظت ۽ رکپالي ديس ۽ وطن جي هر هڪ باشندي جواولين فرض آهي. هتي ڪن اردو اديبن، اردو ٻوليءَ لاءِ هيءَ آواز اٿاريو آهي ته پاڪستان معنى اردو. ڪنهن ٻوليءَ بابت اهو غلبو ۽ زيادتي اسين هرگز مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون. اسين اردو ٻوليءَ جي اهميت جا انڪاري نه آهيون، مگر ان جي اها ته معنيٰ نه آهي ته صوبن جي اصلي زبان کي بلڪل نظرانداز ڪيو وڃي. انگريز، اسان جي لاءِ جيتوڻيڪ ڌاريان هئا،پر انهن به ائين نه ڪيو: جيئن اڄڪلهه اهڙو غلط رجحان پيدا ٿي رهيو آهي ۽ اسانجا ڪي مت جا موڙها، سنڌي اديب انهيءَ غلط رجحان جو شڪار ٿي دوکو کائي،اردوءَ کي سنڌ جي پيداوار سڏي رهيا آهن...... (نئين سنڌ ڪراچي 18جولاءِ 1953ع) “
مٿينءَ ٽڪري مان علامه صاحب جي، سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي اهميت ۽ حيثيت جي حوالي سان انومان ظاهر ٿين ٿا.
تنهن کان سواءِ علامه صاحب 1964ع کان 2002 تائين ”الرحيم“ (اردو ۽ سنڌي) 1972ع کان 2002تائين ”الولي“ جا ايڊيٽر پڻ رهيا. 1977ع کان وٺي 1989ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين پڻ رهيا.
علامه صاحب جي اها خوش قسمتي هئي ته پاڻ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي کان ’معارف القرآن‘ ۽ ’شاهه ولي الله جو فلسفو‘ سکيا، خاص ڪري شاهه ولي الله جا ڪتاب حجة البالغھ، بسطعات، البدور، البازغھ، خيرالڪثير ترجمة القرآن وغيره پڙهيائون. پاڻ سنڌ ۾ شاهه ولي الله جي تعليمات ۽ فڪر جي وڏي اٿارٽي ليکبا هئا ۽ شاهه ولي الله جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيائون.
علامه صاحب، پاڻ کي ”قاسمي“، سندن دارالعلوم ديوبند جي استاد محمد قاسم نانتوي جي نسب سان سڏائيندا هئا.
هڪ مضمون ۾ علامه صاحب پنهنجي سياسي، فڪري ۽ ادبي اوسر جي حوالي سان لکي ٿو:
”پير تراب علي شاهه راشدي، سنڌ جو هڪ اديب، عالم ۽ وڏو زيرڪ سياستدان هو. اسان جي راشدي ڀائرن به پير صاحب کاڻ گهڻو ڪجهه پرايو. پاڻ کي به اهو چڱو موقعو ملي ويو، جو اُتي آياسين، ڪڏهن ڪڏهن ته علمي ۽ ادبي ڳالهين ۾ ساري رات لنگهي ويندي هئي. ۽ صبح جو ٻانگ مهل پير صاحب حويلي ۾ هليا ويندا هئا ۽ آءٌ مدرسي ۾ ايندو هئس. شاهه صاحب، مولانا ابوالڪلام جي تحريڪ جو عاشق هو. مولانا جي اخبارن ”الهلال“ ۽ ”البلاغ“ جا فائيل وٽن محفوظ هئا. اهي کڻي ڪي خاص مضمون مونکي پڙهي ٻڌائيندا هئا. حضرت اُستاد جي تربيت ۽ پير صاحب تراب علي شاهه جي ادبي ۽ علمي مجلسن، مون ۾ به اخبارن ۽ سنڌي ادب سان وڏو چاهه پيدا ڪيو. ان سان گڏ انگريزي سامراج جي خلاف وطن جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ گهڙي پيس. ان وقت فقط هڪئي ڪانگريس جماعت هئي، جنهن وطن جي آزاديءَ لاءِ جنگ جوٽي هئي. مسلم ليگ عملي ميدان ۾ گهڻو پوءِ آئي. اٽڪل پندرهن سورهن سالن جي عمر ۾ مون کي مقامي ڪانگريس جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. اڳتي هلي ضلع لاڙڪاڻي جو وائيس پريذيڊنٽ ٿيس ته ”ڪاڪو ڪوڏو“ مل پريذيڊنٽ هو ۽ هوندراج دُکايل آزادي جا ترانا ڳائيندو هو. هن عهدي ۽ لاڳاپي ڪري سنڌ جون سنڌي اخبارون مون وٽ اينديون هيون. ان دور ۾ ننڍن شهرن مان هڪ هفتيوار سنڌي اخبار ”طوفان ميل“ باقاعده نڪرندي هئي، جيڪا ”مارئي“ يا ”برسات“ جيڏي هوندي هئي، منهنجا ان وقت ”الوحيد“ ۽ ٻين اخبارن ۾ ليک ڇپبا هئا.“
ڪانگريس کان سواءِ علامه صاحب جي سياسي وابستگي جميعت الطلباء ديوبند (سنڌي شاخ) ۽ جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي (1939ع) سان پڻ رهي. جنهن جو باني مولانا عبيدالله سنڌي هو.
علامه صاحب جون تصنيفون
تاج جويي پاران، علامه جي شخصيت ۽ علمي خدمتن جي مڃتا طور مرتب ڪيل ڪتاب ”عالمن جو آفتاب“ ۾ (جيڪو ڊيمي سائيز جي 436 صفحن تي ٻڌل آهي) علامه صاحب جي تصنيفن، ترجمن، ايڊٽ ڪيل ۽ مقدمه لکيل ڪتاب جو تعداد 48 ڄاڻايو ويو آهي. تنهن کان سواءِ اٺ ڪتاب اڻ ڇپيل ڄاڻايا ويا آهن. انهن 48 ڪتابن مان ڪن اهم ڪتابن جا نالا هن ريت آهن: مفيد الطلبا في شرح تعريف الاشيا (عربي) جيڪو پاڻ دارالعلوم ديوبند ۾ شاگردي دوران لکيو هئائين، شاهه جو رسالو (معنى سان)، قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير، مقالات قاسمي، ديني ڪتابن جو ڪئٽلاگ، تمدن عرب (تفسير سورتھ سبا)، ”سماجي انصاف اور اجتماعيت شاهه ولي الله کي نظر مين“ وغيره اهم آهن.
مٿين ڪتابن کان سواءِ علامه صاحب رسالي ”الرحيم“ جا ڪي خاص نمبر پڻ شايع ڪيا. جن مان ڪي هن ريت آهن: ”الحاج سيد عبدالرحيم سجاولي نمبر“، ”مولانا عبيدالله سنڌي نمبر“، ”عثمان مروندي نمبر“، ”پير روضي ڌڻي وارن جي ملفوظات نمبر“، مشاهير سنڌ نمبر“، ”تيرهين صدي جا مشاهير نمبر.“
علامه صاحب مخدوم معين ٺٽوي ۽ محمدهاشم ٺٽوي جي معيار جو عالم هو. پر سندس شخصيت جي سادگي جو اهو عالم هو ته هو پنهنجي ذات کان ان حد تائين غافل رهيو، جو پنهنجي جنم جو سال ڪڏهن 1924ع ۽ ڪڏهن 1916ع ٻڌائيندو هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ مولانا عبيدالله سنڌي وانگر پنهنجي ذات کان وڌيڪ علم کي اهميت ڏني، مولانا سنڌي جي زندگي به عجيب هئي. چون ٿا ته آخر وقت تائين ٻن ڪپڙن (شلوار ۽ قميص) ۾ زندگي گذاريائون، جڏهن سندن وڳو ميرو ٿيندو هو ته ان جي ڌوپڻ ۽ سُڪڻ تائين هڪ چادر ويڙهي ويهندا هئا. ساڳئي طرح علامه قاسمي جي زندگي به توڪل تي گذري.
سنڌ جي هن جيد عالم 11ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي.