سحر امداد
سوانح
سحر نگار ڌي صلاح الدين احمد بلوچ 20جولاءِ 1951ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سحر جو ڏاڏو اصل ميرپور ساڪري جو هو، پر پوءِ پنهنجي تعليم جي ڪري ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو. سحر جو والد انڊين آرمي ۾ هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هو جيل ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ رهيو. سندس پيءُ جي نوڪري جي ڪري سحر سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي. انهي سلسلي ۾ شروعاتي تعليم زبيدهه ڪاليج مان ۽ ايم اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪيائين.
سنڌ يونيورسٽيءَ۾ داخلا وٺڻ کان ڪجهه وقت پوءِ سنڌالاجي لائبريري ۾ نوڪري ملي ويس. جون 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. 2004ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪر ي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سحر 1973ع م امداد حسينيءَ سان پيار جو پرڻو ڪيو.
ادبي اوسر
ادبي دنيا ۾ سحر پنهنجي پيءُ جي همت افزائي جي ڪري اڳتي وڌي. سحر جو پيءُ صلاح الدين بلوچ هڪ رڄ مڙس ۽ ادب دوست هو. هن ”امداد آهي رول“ جي شاعري انگريزي ۾ ترجمو ڪئي. سکر ۽ خيرپور ۾ نوڪري دوران سندن اياز ۽ تنوير عباسي وارن سان گهرا لاڳاپا ٿيا ۽ اتي ئي سنڌ جي انهن ٻن وڏن شاعرن سڀ کان پهرين سحر کان سندس شاعري ٻڌي ۽ کيس همٿايو. سندس پيءُ جي هڪ ننڍڙي لائبريري هئي، جنهن جا اڪثر ڪتاب سحر پڙهي ڇڏيا. جيتوڻيڪ سندس ماءُ کيس جهليندي هئي ته اهي وڏن جي پڙهڻ جا ڪتاب آهن، نه پڙهه! ته به هن لڪي اهي ڪتاب پڙهي ورتا. ان وقت هن هڪ اسڪريپ بوڪ ٺاهيو هو، جنهن ۾ خوبصورت شعر ۽ دلپسند نثري ٽڪرا انهيءَ نوٽبڪ ۾ اُتاري ڇڏيا هئا ۽ انهن مان کوڙ شعر کيس برزبان ياد ٿي ويا. اسڪول واري زماني ۾ هن شيخ اياز کي پڙهيو هو۽ سندس چواڻي ته ”اياز جي شاعري کان وڌيڪ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ لکيل نثر مون کي متاثر ڪيو.“
ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ کانپوءِ سندس واندڪائي جو وقت ڪاليج لائبريري ۾ سٺن ادبي ڪتابن جي ڳولا ۾ گذرندو هو ۽ ڪاليج لائبريري جا اهي ڪتاب جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به شاگردياڻي ڇهيا به نه هئا. سي اشو ڪرائي هن پڙهيا. ان ئي عرصي ۾ هن خليل جبران، رابيندر ناٿ ٽئگور، پشڪن ۽ ڪيترن ئي اطالوي،يوناني، آمريڪي، هندي ۽ بنگالي ليکڪن جون لکڻيون پڙهيون. هن ٻڌايو ته ٽئگور جي شاعري پڙهي، ٽئگور کي خود سندس ئي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جي چاهه تهائين وڌي ويو، پر ٽئگور جي سونار بنگلا ڏسڻ ۽ سندس شاعري جي بنگالي ٻولي سکڻ هڪ سپنو ئي رهيو.
سحر جي لکڻ جي شروعات 1967ع کان ٿي. اهي ايوب خان جا پڇاڙڪا ڏينهن هئا.
”پڙهندي پڙهندي الائي ڪيئن شاعريءَ جي شرعات ٿي. مان پنهنجو پهريون نظم هڪ اهڙي واقعي کان متاثر ٿي لکيم. اهو واقعو ڪجهه هيئن هو ته ننڍڙا انگ اگهاڙا ٻار هئا، ڪن کي ڪڇاپاتل هئا. ڪن کي گنجي پاتل هئي. پاٺن تي ڪوئلي سان ايوب خان خلاف نعرا لکي رهيا هئا. انهي واقعي منهنجي ذهن تي ايڏو ته اثر ڇڏيو، جو مون پهريون نظم لکي ورتو/بلڪه لکجي ويو.“
هن پهرين نثر لکيو.اهو هوءَ سحر بلوچ جي نالي سان لکندي هئي. امداد سان پرڻجڻ کانپوءِ هوءَ ”سحر امداد“ بڻجي ويئي.
سحر جي عملي زندگي جي شروعات ريڊيو جي مختلف پروگرامن جي انائونسمينٽ ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ سان شروع ٿي. تنهن کانپوءِ هن ڪيتريون ڪهاڻيون، شعر، مقالا، ڪالم ۽ ريڊيو لاءِ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکيون. سندس لکڻيون ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. 1972ع ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ ”سوجهرو“ رسالو ايڊٽ ڪيائين. 1990ع ۾ عبرت گروپ جي رسالي ”بختاور“ جي ايڊيٽر ٿي. امداد حسيني سان گڏ ساٿي ايڊيٽر جي حيثيت سان هڪ ڪتاب ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“ ترتيب ڏنو، جيڪو 1971ع ۾ شايع ٿيو. تنهن کان سواءِ ٻارن لاءِ هڪ باتصوير ڪتاب ”الادين جو ڏيئو“ ترجمو ڪيو اٿس.
سحر جي شاعري: جيڪڏهن سحر جي شاعريءَ جي معيار کي ڏسجي ته هوءَ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿي. هن وٽ جذبي جي اظهار کي اوليت آهي ۽ سکڻن لفظن کي سينگاري، سجائي بي معنى سٽون جوڙڻ سحر جو ڪم ناهي. سحر جديد شاعري جي سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. جيئن هوءَ پاڻ چوي ٿي، ”مون ڪنهن هڪڙي صنف ۾ ۽ هڪ مخصوص انداز ۾ ناهي لکيو. مون وٽ هر اظهار، پنهنجو فارميٽ پاڻ سان کڻي ايندو آهي.“
سحر جي شاعراڻين خوبين کي بيان ڪندي فهميده رياض لکي ٿي: ”70-1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سحر هڪ الهڙ نوجوان ڇوڪري هئي، تڏهن به هن جي شاعري جي اوريجنلٽي، اڇو تو پڻ، ان جون نيون نڪوريون تشبيهون ۽ گهرو فڪر پڙهندڙن کي حيران ڪري سگهيو ٿي. ان زماني ۾ لکيل سحر جا نظم اڄ تائين پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن ابتدائي نظمن کي ڏسبو ته اسان کي سحر جي حسن ۽ خوبي جاڀرپور مثال نظر ايندا. انهن جي سونهن ويتر وڌيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اها ننهن چوٽيءَ جي نسائي شاعري آهي. انهن ۾ شاعريءَ جي ڀرپور صلاحيتن سان گڏوگڏ نسوانيت جو حيران ڪندڙ سنگم ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مثال طور ”جهونجڪڙي جا جانجهه“ جا هي دوها:
سنڌوءَ ڪناري واريءَ تي ويهي لکيم نانءُ
اهڙو سندر اهڙو پيارو، ڄڻ ته ڇمجي ڇانءُ
*
هڪ ڏينهن ويٺي سوچيم سائين، پنهنجو ڪهڙو سنگ
آڪاش جهڪي ڌرتي کي چميو، روح رچي ويو رنگ.
”اڄ سحر زندگي جي جنهن مقام تي آهي، اهو هڪ طرح سان سندس تخليقي ۽ فڪري وجود جو انتهائي مٿانهون مقام آهي. مون کي پڪ آهي ته اتان کان سحر هڪ نئين سفر جو آغاز ڪندي. هتان کان سحر جهڙي حساس، ذهين ۽ ڪلاوتي قدرت رکندڙ شخصيت جي نئين سفر جو آغاز ٿئي ٿو. هوءَ زندگي جي اٿاهه پيار سان ٽمٽار ادبي شخصيت آهي. اها ئي هن جي سڃاڻپ آهي ۽ اها ئي هن جي خوداعتمادي سان ڀريل شخصيت جي شناخت آهي.
سحر امداد جي شاعريءَ جو مجموعو ”چوڏهين چنڊ آڪاس“ 2003ع ۽ مقالن جو مجموعو ”شعور، شعر ۽ شاعري“ 2008ع ۾ شايع ٿيو.