فقير محمد لاشاري
سوانح
فقير محمد لاشاري 4سيپٽمبر 1951ع ۾، گاجي کهاڙو، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محترم محمد حسن لاشاريءَ جي گهر۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي ورتائين. سيڪنڊري جي تعليم مئٽرڪ سوڌي هاءِ اسڪول وارهه مان ڪيائين.ان وقت گاجي کهاوڙ ۾ وڌيڪ تعليم جون سهولتون نه هيون، تنهن ڪري هو روزانو ڇهه ميل سائيڪل تي چڙهي هاءِ اسڪول وارهه پهچندو هو. ان وقت کيس تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ جن تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، تن کيس سڄي زندگي ۾ جدوجهد ڪرڻ جو هڪ سٺو سبق ڏنو. مئٽرڪ کان پوءِ انٽر ڪامرس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين. ڪاليج جي تعليم دوران سندس واسطو ترقي پسند تحريڪ سان ٿيو.
1972ع ۾ فقير لاشاري پرائمري ماستر مقرر ٿيو. ان نوڪريءَ جي سلسلي ۾ کيس گاجي کهاوڙ ۽ لاڙڪاڻي ضلع جي ٻين ڳوٺن ۾ پنهنجو خدمتون سرانجام ڏيڻيون پيون.
هاءِ اسڪول وارهه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي دوران، کيس محمد ابراهيم ميراڻيءَ جهڙو لائق استاد مليو. جيڪو هڪ روشن خيال ۽ قوم پرست شخص هو. هن نه رڳو شاگردن ۾ قومپرستيءَ وارا جذبا جاڳايا، پر منجهن سنڌي ۽ترقي پسند ادب پڙهڻ جو شوق جاڳايو. فقير محمد به اُن استاد جي صحبت ۾ ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند سوچ ڏانهن مائل ٿيو. سندس انهن ڪوششن جي ڪري، نوجوان نسل پيري مريدي،وڏيرا شاهي ۽ ٻين اهڙين خراب ريتن ۽ رسمن جي خلاف پرچار ڪرڻ انهن جي اثرن کان نڪرڻ شروع ڪيو.
ان عرصي دوران، گاجي کهاوڙ جي مقامي وڏيري کي لاشاري مرحوم جون اهي سرگرميون نه وڻيون ۽ فقير محمد لاشاري مٿان، ملحد، ڪافر، ۽ ڪميونسٽ هئڻ جا الزام هڻي تعليم کاتي جي عملدارن کي درخواستون ڪيون ويون،نتيجي ۾ مٿس انڪوائري ڪرائي ويئي. بهرحال درخواست گذار ته انڪوائري آفيسر ته دٻاءُ وجهي، رپورٽ پنهنجي حق ۾ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وڏيرا شاهي اُتي مات کائي ويئي.
اڳتي هلي، فقير محمد، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي سنگت ۾ آيو، جيڪو اُن وقت ”ارباب سنڌي“ جي نالي سان لکندو هو. ڊاڪٽر ارباب جو لاشاري جي خيالن ۽ سرگرمين تي وڏو اثر پيو. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جو سنڌ جي ترقي پسند قوم پرست سياست ۾وڏو ڪردار رهيو آهي.
اهو سڄو عرصو فقير محمد لاشاري پرائمري ٽيچر رهيو. 77-1976ع دوران هواُتان استعيفى ڏيئي ڪمپرهينسو هاءِ اسڪول عزيز آباد ڪراچي ۾ سنڌي لينگويج ٽيچر ٿيو. ان ئي دور ۾ ايم اي اڪنامڪس ۽ ايل ايل بي پڻ ڪري ورتائين.
صحافت ۾ آمد
فقير محمد لاشاري 1977ع ۾ ’هلال پاڪستان‘ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور شامل ٿيو. ائين سنڌي صحافت ۽ادب جو شاندار سنگم سامهون آيو. انهي کان اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان مختيار ڪاريءَ جي لاءِ ٿيل لکت جي امتحان ۾ پاس ٿيو. پاڻ ٻه هزار اسي اميدوارن ۾ ٽيون نمبر آيو هو. بهرحال وقت جي سرڪار، کيس سياسي سببن جي ڪري اهو آرڊر نه ڏنو ۽ائين سنڌي صحافت کي فقير محمد جي روپ ۾ هڪ سگهارو قلمڪار ملي ويو، جنهن روايتي صحافت جا هڙيئي ٽرينڊ ئي بدلائي ڇڏيا. جنهن سان سماجي جوڙجڪ ۽ ترتيب ۾ صحافت جي حيثيت اهم تسليم ٿيڻ لڳي.
پوءِ 1981ع ۾ ”هلال پاڪستان“ انتظاميه هفتيوار ”هلال پاڪستان“ مئگزين شروع ڪيو ته فقير محمد انهيءَ جو انچارج ٿيو. انهيءَ هفتيوار ايڊيشن جا ڪُل 52 پرچا نڪتا، جيڪي ادب ۽ صحافت جو نهايت شاندار سنگم هئا. اڳتي هلي فقير محمد پنهنجي شخصي ڪوششن سان ”هلال پاڪستان“ انتظاميا کان اخبار جي ماهوار ”ايڊيشن“ جي طور تي ”هلال مخزن“ ڪڍڻ جي منظوري ورتي. انهي مخزن، مارشل لا جي انهيءَ انهي اونداهي دور ۾ حقيقي معنى ۾ ٻاٽ ۾ لاٽ جو ڪردار ادا ڪيو ۽انهيءَ مخزن وڏو نالو ڪڍيو، جنهن ۾ هن ڪجهه مستقل سلسلابه هلايا ۽ ڪجهه عالمي ادب جي چونڊ ڪتابن جو اختصار به ترجمو ڪري هلايو. تنهن کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي پسند ادب به ان ۾ باقاعدگيءَ سان ڇپجڻ شروع ٿيو. مخزن جي مقبوليت جي ڪري اخبار کي به ڪافي فائدو پهتو. ماهوار صورت ۾ انهيءَ مخزن جو پهريون پرچو جولاءِ 1982ع ۾ نڪتو، جنهن ۾ مخزن ڪڍڻ جي مقصد کي بيان ڪندي لاشاري لکي ٿو ”ذميوار سنڌي صحافت، علم ادب سان پنهنجي لاڳاپي کي محسوس ڪري ۽ اها ماڻهن جي امانت آهي.“
اها مخزن، ڏيڍ سال کن هلي ۽ پوءِ بند ڪرڻي پيئي، ڇاڪاڻ ته اخبار جي انتظاميا کيس گهربل آزاديءَ ڏيڻ کان پڙ ڪڍي بيٺي هئي. بهر حال، ان مخزن فقير محمد لاشاري کي مشهوريءَ جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.
’هلال پاڪستان‘ ۾ نوڪريءَ ۾ هوندي، اخبار جي ڪارڪنن کيس ”هلال پاڪستان ورڪرز يونين“ جو صدر چونڊيو هو. فقير محمد لاشاري جي سربراهيءَ ۾ يونين جي ڪارڪنن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ جنهن جي ڪري ڪافي ڀيرا کيس اخبار جي انتظاميه جي ناراضگيءَ سان به منهن ڏيڻو پيو.
عوامي آواز ۾
جولاءِ 1989ع ۾، ڪراچيءَ مان پهرين مڪمل طور تي ڪمپيوٽرائيزڊ سنڌي اخبار ”عوامي آواز“ جاري ٿي. فقير محمد انهن ڪجهه ماڻهن مان هو، جن ”عوامي آواز“ کي پير ڄمائڻ ۾ مدد ڪئي. پر پوءِ اخبار جي انتظاميه جي روين سبب نوبت اچي اها بيٺي جو مالڪن ماڳهين اخبار کي بند ٿي ڪيو. انهيءَ موقعي تي فقير محمد لاشاريءَ کي آڇ ڪئي ويئي ته هو اخبار جو چيف ايڊيٽر ٿئي. ڪجهه ڳڻ ڳوت ڪري ۽لکڻ جي مڪمل آزاديءَ جي آڇ کيس اهو عهدو قبول ڪرڻ تي راضي ڪيو ۽ هن ”هلال پاڪستان“ مان استعيفى ڏيئي اچي ”عوامي آواز“ جوائن ڪئي. فقير محمد جي ”عوامي آواز“ جوائن ڪرڻ سان اخبار ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو. هن پنهنجي صلاحيتن سان ٽن مهينن جي اندر ئي اخبار جي اشاعت ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏي. اخبار ۾ آندل ٻين تبديلين کان سواءِ خاص شئي سندس ايڊيٽوريل هوندا هئا. جيڪي عوام ۽ نوجوان طبقي ۾ ڪافي مقبول ٿيا. سندس چونڊ ايڊيٽوريلن جي ڇپيل ٻن مجموعن ”رُڃ جهڙي سماج ۾ موري جي رڙ“ پڙهڻ سان اهو چڱي پر اندازو ٿئي ٿو ته انهن ۾ سنڌ سان پيش ايندڙ اڪيچار مسئلن جي سٺي ڇنڊڇاڻ ڪيل هوندي هئي ۽ اهي ايڊيٽوريل ان دور جي ”سنڌ“ جي حالتن جي صحيح عڪاسي ڪن ٿا. سندس انهيءَ محنت ۽ انقلابي ڪردار جي ڪري اڳتي هلي نه رڳو سنڌي صحافت کي نوان موڙ مليا، پر ٻين اخبارن به پنهنجي حالت سڌارڻ شروع ڪري ڏني ۽ اخبارن ادارن ۾ حالتون ٺيڪ ٿيڻ لڳيون.
فقير محمد جو ”عوامي آواز“ سان ساٿ سال يا سوا سال رهيو. ان بعد انتظاميه جي باهمي چپقلش ۽ رويي جي بدلجڻ ڪري فقير محمد کي اخبار کي الوداع چوڻو پيو ۽ فقير محمد بي روزگار بنجي ويو. ”عوامي آواز“ جي چيف ايڊيٽري جي انهي دور ۾ هو دليل ۽ بيباڪيءَ سان سنڌ جي ڪيس جو دانشور سورمو ٿي اڳيان آيو.
جاڳو جو اجراءِ
بيروزگاريءَ جي انهيءَ عرصي ۾ سندس ذهن ۾ هڪ نئين اخبار ڪڍڻ جو خيال آيو. هڪ اهڙي اخبار جيڪا بنيادي طرح آزاد ۽ ترقي پسند سوچ تي ٻڌل هجي. سندس ذهن ۾ هڪ اهڙي اخبار جو خاڪو هو، جيڪا غريب ۽ مسڪين عوام جو آواز هجي. هن پنهنجي دوستن سان ان رٿ تي ڳالهايو ۽ کين قائل ڪيو ۽ پندرهن ويهن دوستن جي اشتراڪ سان ”ڀٽائي پبلشنگ هائوس“ جو بنياد وجهي روزانو ”جاڳو“ جو اجراء ڪيو. اهڙي طرح اخبار جو پهريون پرچو پهرين جنوري 1991ع تي نڪتو.
اخبار جو اِجراء فقير محمد جي زندگيءَ جي اهم مقصد هو ۽ آزاد صحافت جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ۾ انهيءَ اخبار جو وڏو ڪردار رهيو آهي. اخبار جاري ٿيڻ سان ڪيترن ئي مسئلن پڻ منهن ڪڍيو، پر فقيرمحمد انهن کي مڙس ٿي منهن ڏنو ۽ اخبار جي آزادي واري پاليسي کي فقيرنهايت ئي مٿانهون رکيو. ان سلسلي ۾ هو ڪنهن به ٺاهه لاءِ تيار نه هو. سنڌ جي مسئلن تي لکڻ بعد کيس گهڻيون تڪليفون سهڻيون پيون ۽ دڙڪن کي منهن ڏيڻو پيو. انهيءَ وقت سنڌ جو وزير اعلى ڄام صادق علي هو، جنهن سنڌي ماڻهن سان پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ ڪيئي عقوبتون ڪيون. فقير جي قلم مان نڪتل لفظ اهڙي وقت ۾ سنڌ جي ماڻهن جي داد رسيءَ هوندا هئا. انهي دور ۾ پاڻ جيڪي ايڊيٽوريل لکيائين، سي سندس زندگي جا شهپارا آهن. بي باڪ ٿي لکڻ جي نتيجي ۾ کيس نه رڳو ڄام صادق عليءَ پاران ڌمڪيون مليون، پر کيس زمين الاٽ ڪرڻ ٻين مالي فائدن جي به آڇ ڪئي ويئي، پر فقير اهي ڌمڪيون سهندو ۽ آڇون ٺڪرائيندو رهيو.
اڄ ٻيئي همراهه دنيا ۾ موجود ڪونهن، پر ڄام صادق عليءَ کي تاريخ ۾ سٺن لفظن سان ياد نه پيو ڪيو وڃي ۽ فقير محمد کي سنڌ هڪ سپوت ۽ بهادر پُٽ جي حيثيت سان ياد ڪري رهي آهي. جنهن مرڻ گهڙي تائين پنهنجو ڪردار ۽ قلم سنڌ لاءِ ئي استعمال ڪيو. افسوس جو ”جاڳو“ اخبار لاشاري جي وفات کان پوءِ گهڻو عرصو هلي نه سگهي ۽ بند ٿي ويئي.
سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي
ڪنهن دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪردار سنڌي ترقي پسند ادب ۽ سنڌي جي حقن جي لاءِ هليل هلچلن جي حوالي سان نهايت سگهارو هو. مرڪزي سنگت کي ڇڏي ڪري ڪراچي شاخ جو ڪردار هڪ ڌار ۽ سگهاري حيثيت رکي ٿو. ڪراچي اچڻ سان فقير محمد سنگت جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. فقير محمد اٽڪل ستن سالن تائين ڪراچي سنگت جو سيڪريٽري رهيو. انهي جي شروعات سندس عملي سياست کان ڌار ٿيڻ سان ٿي. فقير عملي طور تي سنگت ڪراچيءَ کي هڪ گڏيل پليٽ فارم جي شڪل ڏني ۽ انيڪ اهڙا پروگرام ڪرايا، جن مستقل ۾ وڏي ڇاپ ڇڏي ۽ سنگت جي پليٽ فارم تان بدر ابڙي جو ڪتاب ”تنقيد نگاري جو ارتقائي جائزو“ ۽ محمد ابراهيم جويي سان ملهايل شام جي حوالي سان ڪتاب ”ادبي گڏجاڻي“ اهم حيثيت رکن ٿا. انهيءَ دور ۾ سنگت جي سنڌ جي سماجي ۽ ادبي صورتحال ۾ حيثيت رکن ٿا. انهيءَ دور ۾ سماجي ۽ ادبي صورتحال جو تجزيو ڪندي 28 آگسٽ 1986ع ۾ شاخ جي ٿيل چونڊن ۾ سالياني رپورٽ پيش ڪندي، فقير محمد انهيءَ جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:
”سنگت ۽ سنڌي توڙي انساني سماج هڪ ٻئي سان ڳتيل آهن ۽ هڪ ٻئي سان ڏي وٺ ڪن ٿا. هڪ ٻئي تي دٻاءُ وجهن ٿا. ڪن هنڌن تي هڪ ٻئي سال ٺاهه ڪن ٿا. ڪن هنڌن تي هڪٻئي کي خونخوار نظرن سان ڏسن ٿا. هڪڙي پاسي انسانن جي وڏي اڪثريت اهنجن ۽ بقاءُ جي سخت صورتحال منجهان گذرندي، اناج اُپائي ٿي، ڪارخانا هلائي ٿي ۽ ايئن زندگيءَ جو ڪاروبار هلي ٿو. پئداوار بقا جي مسئلي سان ڳنڍيل آهي. خوشحالي،محبت ۽ پيار جي پئداوار کانسواءِ تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. جتي ڏڪر ۽ اڻاٺ آهي، اُتي محبتون ماڻجن ٿيون. ماڻهو، ماڻهوءَ جو گوشت ڪچو کائڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. آدمخوري، ڪنهن فيشن يا ڪنهن ڊش جوشوق نه پر ڪن حالتن جونتيجو آهي، جتي پورهيو ۽ پئداوار آزاد آهن، اُتي خوشيون آهن،ٽهڪ آهن. گيت، ناچ ۽ موسيقي آهي. تهذيب ۽ڪلچر جون پاڙون انساني پورهئي تي بيٺل آهن. ۽ سنڌي ادبي سنگت اهوسڀ شعوري طرح سمجهندي، اڄ به آدم خوريءَ جي نين شڪايتن جي خلاف آهي. ان ڪري، آدم خوريءَ جي نمائندگي ڪندڙ طبقن ۽ انهن جي ادارن جي هٿان پورهئي ۽ نتيجي ۾ پيار، ڪلچر ۽ تهذيبي قدرن سان ٿيندڙ هٿ چراند جي خلاف هڪ واضع قوت آهي.... سنگت اهڙين سماجي حالتن ۾ ڪم ڪرڻ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي .“
تصنيفون
فقير محمد لاشاري جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: ”سنڌ جا سور“ (مضمون 1986ع)، ”در تتيءَ جي دانهن“ (مضمون-1988ع)، ”سگهارو هماليا، هيڻا ماڻهو“ (نيپال جو سفرنامو)، ”سنڌ پيپلز پارٽيءَ کان ڄام صادق عليءَ تائين“ (مضمون - ايڊيٽوريل)،”ڇپر جا سونهان“ (شخصيت ۽ چونڊ لکڻيون- 1994ع)، رڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ (ٻه ڀاڱا.“
انهيءَ کان سواءِ فقير محمد جا اڃا اڻ ڳڻيا ايڊيٽوريل، مضمون، مهاڳ،تجزيا ۽ ڪهاڻيون ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ موجود آهن.
”جاڳو“ اخبار جي ادارت دوران، سنڌي اخبارن جي تنظيم ”سنيڪ“ جو قيام، سندس ڪوششن سان عمل ۾ آيو ۽ انهي پليٽ فارم کي سنڌ جي اجتماعي مسئلن واسطي، اخبارن کي اجتماعي موقف اختيارڪرڻ لاءِ ڪم آندو ويو.
فقير محمد لاشاري 17جولاءِ1993ع تي لاهور ويجهو ضلعي گجر خان وٽ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو ۽ کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ دفنايو ويو. فقير محمد لاشاري کي 14آگسٽ 1994ع تي پيپلزپارٽي جي حڪومت طرفان سندس خدمتن جي مڃتا طور ”ستاره امتياز“ جو اعزاز ڏنو ويو.