شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

نورالهدى شاهه

سنڌي عورت ليکڪائن جي مختصر نالن واري قطار ۾ نورالهدى شاهه، لکڻ جي مختلف اسلوب جي حوالي سان پنهنجو منفرد مقام ٿي رکي. هوءَ سٺي ڪهاڻيڪارهه هئڻ سان گڏ بهترين ڊراما نويس ۽ نثري نظم لکندڙ سٺي شاعرهه پڻ آهي.

سوانح
نورلهدى شاهه 22جولاءِ 1957ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس والد جو نالو عبدالهادي شاهه آهي. سندس واسطو ٽکڙن جي معزز سيد گهراڻي سان آهي، جنهن جون سنڌ جي سياسي ۽ ادبي ميدان ۾ وڏيون خدمتون آهن. هن پرائمري تعليم لاهور ۾ حاصل ڪئي. انٽر ڪراچي ۾ ۽ پوءِ حيدرآباد مان، بي-اي فاطمھ جناح ڪاليج ڪراچي مان پاس ڪيائين.
نورالهدى شاهه جو ننڍپڻ لاهور ۽ ڪراچي ۾ گذريو، جتي سندس والد صاحب جي نوڪري هوندي هئي.انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي نورالهدى شاهه هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو:
”آئون ستن سالن جي هيس، جو لاهور جي مال روڊ تي فيروز سنز وارن جي دڪان تي بابا جي آڱر جهلي چڙهي هيس. بابا پنهنجي پسند جا ڪتاب پئي چونڊيا، جو مون اوچتو ڪنهن شيلف مان ’سعادت حسين منٽو‘ جي ڪتاب ”ڪالي شلوار“ ڪڍي ضد ڪيو، مون کي هي وٺي ڏيو (۽ اها ڳالهه گهڻو وقت بعد ۾ جڏهن سنڌي سماج ۾ رهندڙ پيڙيل عورت بابت مون غير روايتي انداز ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، تڏهن بابا هڪ ڏينهن ٻڌائي هئم).“
نورالهدى شاهه، ننڍي ڄمار کان ئي لکڻ شروع ڪيو. پهرين سندس ڪجهه ڪهاڻيون ڪراچي مان نڪرندڙ ٻارن جي رسالي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ ڇپيون. پر وڏن لاءِ سندس پهريون افسانو نائين ڪلاس جي دوران ”حويلي شريف“ جي نالي سان روزاني ’هلال پاڪستان‘ جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ ۾ ڇپيو، جيڪو ان وقت فهميده حسين ڪڍندي هئي. اخبار جو ايڊيٽر سراج هو. ۽ سگهڙين سٿ کي نورالهدى شاهه ’پنهنجي عشق جي پهرين واٽ يا سنگ ميل ٿي قرار ڏي‘.
’هلال پاڪستان‘ ۾ اهو افسانو ڇپيو، هاءِ گهوڙا مچي ويئي. اهو 72-1971ع ۾ وارو زمانو هو. اخبار پيپلز پارٽي جي هئي. اهڙي افساني ڇپڻ تي ڪافي اعتراض ڪيا ويا. ان وقت هوءَ ”نورالهدى شاهه عربي“ جي نالي سان لکندي هئي.
تنهن بعد ڪيتريون ئي شاهڪار ڪهاڻيون لکيون. جهڙوڪ: ”جلاوطن“، ”پاروٿو گوشت“، ”دوزخي“،”فوٽ پاٿ“،”شريف زادي“،”ڪربلا“ وغيره. انهن ڪهاڻين ۾ ’نور‘ ستن ڪوٽن ۾ ويڙهيل مظلوم عورت جي مظلوميت بابت وڏي بولڊنيس سان لکيو. نورالهدى شاهه جي اهڙي نموني لکڻ تي وڏا اعتراض واريا ويا. ڇو ته هن جي انهن حقيقت پسند ڪهاڻين لکڻ تي ڪوٽن جي اندر قيدي عورتن جي حقي ۽ سچي پچي تصوير سماج جي اڳيان ظاهر ٿي بيٺي. اها هڪ قسم جي بغاوت هئي. هڪ سيد زاديءَ کي اها اجازت ڪنهن ڏني ته هوءَ ايتري بهادري سان لکي؟ انهي سوال جي جواب ۾ نورالهدى شاهه ٻڌايو: ”لکڻ شايد منهنجي سرشت ۾ هو“. وڌيڪ هوءَ چوي ٿي ته، ”شروع ۾ منٽو ۽ عصمت چغتائي کي پڙهي مون انسپائريشن حاصل ڪئي.“ نورالهدى شاهه جي ڪهاڻين جا هيستائين ٽي مجموعا: ”جلاوطن“، ”ڪربلا“ ۽ ”رڻ ۽ رڃ جو اتهاس“ شايع ٿي چڪا آهن. سندس اهي ڪتاب پرهندڙن ۾ بيحد مقبول ٿيا ۽ انهن جي رڪارڊ ٽوڙ وڪري اهو ثابت ڪيو ته نورالهدى شاهه جي ڪهاڻين، سنڌي سماج جي ڪِنين ۽ بڇڙين رسمن کي سندائتو ڌڪ هڻي وائکو ڪيو آهي. اها ڳالهه محسوس ڪندي ’نورالهدى شاهه‘ ”جلاوطن“ جي چوٿين ايڊيشن ۾ لکيو:
”سنڌي پڙهندڙ جيڪو پاڻ به ان ساڳئي سماج جو حصو آهي. انهن ڪهاڻين کي پڙهڻ لاءِ اڄ به ايتروئي مون کي ويجهو بيٺل آهي. ان کان وڌيڪ مون لاءِ ڪهڙو ٻيو ڪريڊٽ ٿي سگهي ٿو؟“
نورالهدى شاهه کي پنهنجي اهڙين بولڊ ڪهاڻين لکڻ تي گاريون مليون ۽ الزام تراشيون به ٿيون. هوءَ لکي ٿي:
”جڏهن ماڻهو منهنجيون ڪهاڻيون پڙهي مڇربا آهن ۽ مون کي گارين ڀريا خط لکندا آهن، تڏهن مون کي سنڌي سماج جي اها اڏوهي کاڌل ديوار بيحد ڪمزور محسوس ٿيندي، جنهن جي پاڇولي ۾ ويهي مون ڪهاڻيون لکيون آهن.“

نورالهدى شاهه جا نثري نظم
1992ع ۾ نورالهدى شاهه جي نثري نظمن جومجموعو ”قيدياڻي جو اکيون ۽ چنڊ“ شايع ٿيو. انهي ڳٽڪي جي اچڻ سان نورالهدى شاهه جي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين سڃاڻپ ٿي. اڳ ۾ هوءَ ڪهاڻيڪارهه ۽ ڊرامه نويس جي حيثيت سان ۽ هاڻ هڪ شاعره جي حيثيت سان پڻ سڃاپجڻ لڳي. نورالهدى شاهه جا اهي نظم، سندس ڪهاڻين جيان ئي بولڊ ۽ هرقسم جي مصلحت کان آجا آهن. مثال طور سندس نظم ”آدم ڏانهن“ حاضر آهي:
هر ڪا عورت
ناهي تنهن هم بستري لاءِ،
هر عورت جو بدن ناهي خلقيو ويو
رت جي ان هڪڙيءَ بُوند لاءِ
جنهن مان تنهن جو نسل وڌي سگهي.

هر ڪا عورت
اوچي برانڊ جي سگريٽ به ناهي
جنهن کي تون ٻن چپن ۾ اٽڪائي سگهين
جنهن جو بدن
بکايل ڪتي سمان
لوئين ۽ چيرين ڦاڙين
هڏ هڏ چٻاڙين
هوءَ دانگيءَ جي ڪارهن به ناهي
جو پنهنجي ٻُوٿ تي ملين
۽ آر سيون سڀئي ڇڏين
ڀور ڀور ڪري.
’نورالهدى شاهه‘ جي انهن نثري نظمن تي راءِ ڏيندي محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
”نورالهدى شاهه پنهنجا هي نثري نظم، ۽ پاڻ جو انهن تي ’قيدياڻي جون اکيون ۽ چنڊ‘ نالو رکي، اسان کي اهي ڏنا آهن، جنهن نالي کي پڙهڻ سان هانءُ ۾ ڄڻ جهير پئجي ٿا وڃن. اهي اسان جي انهيءَ قومي بدبختي تي هن جي ڪومل دل جون دانهون آهن. ميارون آهن، منٿون آهن، صلاحون ۽ سڏ آهن. اسان سڀني لاءِ، مائن ۽ پيئن لاءِ، ڀائن ۽ ڀيڻن لاءِ، استادن ۽ اديبن لاءِ، ننڍيرن ۽ وڏيرن لاءِ، اڳواڻن لاءِ، پوئلڳن لاءِ اسان سڀني جي قلب تي انهن جو ڇا اثر ٿو ٿئي، سو ڪٿڻ ۽ ڄاڻڻ اسان مان هر ڪنهن جو پنهنجو ڪم آهي.“
ساڳئي ڳالهه ڪجهه ٻي پر انوکي انداز سان ڪتاب جي مهاڳ ۾ نصير مرزا لکي ٿو:
”نورالهدى شاهه جي هيءَ شاعري، محض ٽائيم پاس ڪرڻ ۽ سمهڻ وقت پڙهي ويندڙ شاعريءَ جهڙي شاعري ناهي، نه ئي اهڙي، جنهن کي چانهه جي ڪوپ تي واکاڻيو وڃي. هيءَ ته اها شاعري آهي، جنهن کي پڙهندي اوٻاسي ڏيڻ وسريو وڃي. هن جون ڪي سٽون سچل سائين جي ’اناالحق‘ جو پڙاڏو آهن ۽ ماٺ ڪيان ته مشرڪ جو تفسير پيش ڪن ٿيون.
ٺيڪ آ گهڻو ڪجهه پاڻ کان ڌارين ڦري ورتو آ
تڏهن به پاڻ ڪيڏا نه خوش نصيب آهيون،
گهٽ ۾ گهٽ حقن لاءِ وڙهون ته پيا
پنهنجي ئي ڌرتي جي ڇاتي تي رڙهون ته پيا
ڪوئي ايئن ته نٿو چوي توکي
هيءَ تنهنجي ڌرتي ناهي،
نورالهدى شاهه تنهنجي ماءُ ناهي.
ڊرامھ نگاري
نورالهدى شاهه، ٽيليويزن جي ڊرامن جي حوالي سان به وڏي شهرت ماڻي، سندس ڊرامن کي ايتري ته مقبوليت ملي آهي، جو ڪجهه سال اڳ جڏهن پي-ٽي-وي تان سندس ڊراما ٽيليڪاسٽ ٿيندا هئا ته بازارون ويران ٿي وينديون هيون ۽ ماڻهو سڀ ڪم ڪار ڇڏي سيڙجي اهي ڏسندا هئا. انهيءَ مقبوليت جو سبب هي آهي ته ماڻهن کي انهن ڊرامن ۾ پنهنجا ڏک، سُور ۽ مسئلا نظر ايندا هئا.
نورالهدى شاهه جو پهريون سنڌي ڊرامو ”رانديڪو“ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ٿيو، جنهن کان پوءِ سندس ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ڊراما ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آهن. سندس اردو ڊرامن ۾ ”جهنگل“ کي بيحد گهڻي پذيرائي ملي.