شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

غلام رباني آگرو

سنڌي ٻولي کي جن ليکڪن پنهنجي شاندار نثر جي ذريعي مالامال ڪيو. انهن ۾ غلام رباني آگري جو نالو اهم آهي. تنهن کانسواءِ هو ورهاڱي کانپوءِ جديد سنڌي ڪهاڻي جي ”پهرينءَ دور“ جي ٽن مک ڪهاڻيڪارن جي ٽمورٽي (جمال ابڙو، حفيظ شيخ ۽ رباني) ۾ پڻ ڳڻيو ويندو آهي.

سوانح
غلام رباني، نوشهروفيروز ضلعي جي ڪنڊياري تعلقي جي هڪ ننڍي ڳوٺ ”آگري“ ۾ 5نومبر 1933ع تي پيدا ٿيو.سندس پيءُ تعليم کاتي ۾ ماستر هو ۽ سندس پهريون استاد پڻ. علم و ادب ۾ سندس گهراڻي جي روايت پراڻي هئي. شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم جي لاءِ نوشهروفيروز ويو، جتان 1951ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. پوءِ وڌيڪ تعليم حيدرآباد مان ۽ ايل ايل بي جو ڪورس ڪراچي مان ڪيائين. پهرين ٻن سالن تائين ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ مولانا عبدالواحد سنڌي سان گڏ نوڪري ڪيائين ۽ 1957ع جي آخر ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جي حيثيت سان نوڪري جي شروعات ڪئي، بورڊ انهيءَ دور ۾ ”گل ڦل“ شروع ڪيو ۽ کيس انهيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ”ٽن چئن سالن تائين مون ڏاڍي دلچسپي سان اهو رسالو ڪڍيو، جنهن سان ٻاراڻي ادبي کي ڪافي فروغ مليو.“ رباني پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو. پاڻ 1959ع کان وٺي 1964ع تائين گل ڦل جو ايڊيٽر ٿي رهيو، جنهن دوران ٻارن لاءِ سوين دلچسپ ليک لکيائين.
1970ع کان وٺي 1976ع تائين رباني سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي رباني هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو.
”سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپيل رهڻ جي ڪري، ڇو ته اهو ادارو سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب بابت ڪتاب ڇپرائيندو هو ۽ مون کي انهن ڪتابن کي ڏسڻون ۽ انهن بابت گهڻو ڪجهه ڪرڻون پوندو هو. ان وقت اديبن جي سامهون هڪ سوال اهو به هو ته سنڌي ڪلچر ڇا آهي، بلوچي ڪلچر ڇا آهي، پنجابي ڪلچر ڇا آهي؟ پختون ڪلچر ڇا آهي، جڏهن مون ڪلچر جو اُڀياس ڪيو ته مون محسوس ڪيو ته زبان ۽ مذهب،اهي ٻئي شيون ڪنهن به ڪلچر جي جوڙجڪ ۽ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. انهيءَ پسمنظر ۾ مون جڏهن سنڌي ڪلچر جو اڀياس ڪيو ته انهيءَ نتيجي تي پهتس ته سنڌ جي ڪلچر تي مذهب جي گهري ڇاپ آهي يا ائين کڻي چئجي ته سنڌي مسلم ڪلچر، سنڌي غير مسلم ڪلچر کان بلڪل مختلف آهي. جيڪڏهن منهنجي انهي ڳالهه کي ڪلچر جي عام تشريج يعني Way of life جي روشنيءَ ۾، سنڌ جي مسلم ڪلچر کي پرکينداسين ته انهيءَ ڳالهه جي تصديق ٿي ويندي، يعني روز مره جي زندگي ۾، ڪپڙي لٽي ۾، کاڌي پيتي ۾، فن تعمير ۾ ۽ ايتري قدر جو زبان ۽ لفظن جي چونڊ ۾ به سنڌ جو مسلم ڪلچر بلڪل منفرد آهي، تنهنڪري مون انهي موضوع تي مضمونن جي هڪ سيريز شروع ڪئي. اهي مضمون هر هفتي ”هلال پاڪستان“ ۾ شايع ٿيندا هئا.“
1976ع ۾ جڏهن شيخ اياز،سنڌ يونيورسٽيءَ جو ’وائيس چانسلر‘ مقرر ٿيو ته غلام رباني سنڌ يونيورسٽي جي ’پرو وائيس چانسلر‘ مقرر ٿيو، جتي هو 1979 ع تائين رهيو. 1984ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ ساڳئي عهدي تي ڪم ڪرڻ کانپوءِ وفاقي وزارت تعليم کيس اسلام آباد گهرايو، جتي هو ”اڪيڊمي ادبيات پاڪستان“ جو ڊائريڪٽر جنرل ٿي رهيو. اتان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بورڊ جو سيڪريٽري ۽ پوءِ چيئرمين مقرر ٿيو.

ادبي اوسر
رباني پنهنجي ادبي ڪيريئر جي شروعات 54-1953ع ۾ هڪ افسانا نگار جي حيثيت سان شروع ڪئي.افسانا نگاريءَ ۾ سندس دلچسپي وڌڻ جوسبب ”سنڌي ادبي سنگت“ پاران ڪرايل افساني نگاريءَ جو هڪ مقابلو هو. انهي ۾ پنجاهه کن افسانا نگارن حصو ورتو، جن مان رباني جي افساني کي پهريون نمبر قرار ڏنو ويو. ”اهو انعام ملڻ تي مون کي ٻن ڳالهين جو اندازو ٿيو.“ رباني ٻڌائي ٿو ”هڪ ته مون ۾ لکڻ جي صلاحيت موجود آهي، ٻيو هي ته سنڌ ۾ انهي وقت سٺا افسانا لکندڙ نه ِآهن، نه ته هڪ نئين لکندڙ کي پنهنجي پهرين ئي افساني تي ڪيئن انعام ملي وڃي ها. اهو سوچي مون انهي پاسي وڌيڪ ڌيان ڌريو.پوءِ ڇهه ست سال افسانا لکندو رهيس“.
رباني جي افسانن جو مجموعو ”آب حيات“ جي نالي سان شايع ٿيو. سندس اهومجموعو سنڌي ادب ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. سندس افسانا چيني، جرمني، فارسي، اردو ۽ هندي ۾ ترجمو ٿي شايع ٿي چڪا آهن. جرمني ۾ انهن افسانن جو ترجمو ڊاڪٽر اين ميري شمل ڪيو.
رباني ڪافي ترجما پڻ ڪيا آهن، جن ۾ سراج سان گڏ ”چونڊ مختصر آمريڪي افسانا“ ڪتاب ترجمو ڪيائين. جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايو ويو تنهن کانسواءِ رچرڊ برٽن جي هڪ ڪتاب Falconry in the valley of Sindh مان ڪجهه بابن جو ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپايائين. انهيءَ ڪتاب ۾ ٻڌايو ويو اهي ته اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ سنڌ ۾ باز جي ذريعي شڪار ڪيو ويندو هو. انهيءَ کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ ”سنڌ ۾ شڪار“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب شايع ڪرايو، جنهن ۾ اهي ۽ ڪجهه مضمون محمد اسماعيل عرساڻي جا شامل آهن.
غلام رباني جي ٻين ڇپيل ڪتابن ۾ ”جهڙا گل گلاب جا“ (ٻه ڀاڱا) ۽ ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ (1997ع) شامل آهن.

جهڙا گل گلاب جا
هي ڪتاب ويهين صدي جي عظيم مشاهيرن، تاريخ ساز بزرگن، عالمن ۽ شاعرن جي تذڪري تي مشتمل آهي. ڪتاب جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي نصير مرزا لکي ٿو:
”ڄاڻڻ گهرجي ته تقريبن ست سئو صفحن تي پکڙيل ۽ ٽيويهن شخصيتن کي موضوع بنائي لکيل هي دستاويز، صرف انهن ئي شخصيتن جو رڪارڊ پيش ڪو نه ٿو ڪري، پر انهن شخصيتن جي حوالي سان، سنڌ جي تاريخ ثقافت ۽ سنڌ سان ٿيل تاريخي واقعن جو اتهاس پڻ هنن خاڪن ذريعي قلمبند ٿي، رباني صاحب جي شاهڪار نثر ۾ محفوظ ٿي ويو آهي“.
ڪتاب جي اهميت بيان ڪندي ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو:
”هي ڪتاب سنڌ جي پوري هڪ دور جي تاريخ آهي. جيڪڏهن ان جي مضمونن ۽ عنوانن کي الڳ الڳ ڪري، هرهڪ تي ويهي تحقيق ڪبي ته منجهائنس گهڻو مواد ملي سگهندو. مرحوم رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ واري ڪاوش (ڪيئي ڪتاب) وانگر، هن ڪتاب ۾ به سنڌ جي جديد دور جي تاريخ جا ”ڪيئي ڪتاب“ سمايل آهن. ر باني صاحب جن جن بزرگن جي باري ۾ پنهنجا تاثر ۽ تجربا لکيا آهن، تن جي باري ۾ سنڌ جي محقق، مورخن ۽ سماجيات جي شاگردن لاءِ تحقيق ۽اڀياس جا ڪيئي دفتر کولي ڇڏيا اٿس.“

سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ
رباني جو هي ڪتاب ٽن قابل احترام هستين پير سائين روضي ڌڻي، غوث بهاوالحق ملتاني ۽ قلندر لعل شهباز جي سوانح ۽ تذ ڪري تي مشتمل آهي. ڪتاب جي لکڻ جومقصد بيان ڪندي ليکڪ لکي ٿو:
”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ لکڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته سنڌ جي انهن اعلى هستين جي زندگين جو مطالعو ڪجي، جيڪي برزگن جي چوڻ موجب سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جا معمار آهن.“
هي ڪتاب به رباني جي مٿين ڪتاب جيان سنڌ جي تاريخ ۽ تذڪري نويسي ۾ اهم واڌارو آهي ۽ انداز و بيان به نهايت دلچسپ اٿس. غلام رباني پاڪستان جي ڪيترن ئي ناميارن علمي ۽ادبي ادارن جو ميمبر پڻ رهيو. 1986ع ۾ پنجابي ادبي بورڊ کيس گولڊ ميڊل ڏنو. پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل ضياءُ الحق کيس ادبي خدمتن جي اعتراف طور ”تمغه امتياز“ ڏنو.
غلام رباني آگري 17 جنوري 2010ع تي وفات ڪئي.