ذوالفقار سيال
سوانح ۽ تعليم
ذوالفقار علي سيال ولد سرائي محمد خان سيال، 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريد آباد تعلقي ڏوڪري، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ڪٽنبي لحاظ کان سندس لاڳاپو زميندار پر پڙهيل لکيل گهراڻي سان آهي، جنهن جو ڏوڪري تعلقي ۾ راڄ ڀاڳ ۽ سياسي اثر رسوخ پڻ آهي. ذوالفقار سيال 1972ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1974ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر سائنس پاس ڪري، ايم بي بي ايس، ايل ايم سي ڄامشوري مان پاس ڪئي، جڏهن ته 1984ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪري، صحت کاتي سان وابسته ٿيو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سرڪاري ملازمت ميڊيڪل آفيسر جي حيثيت سان 1984ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان ڪئي. ان کانپوءِ آر ايم او (ايڊمنسٽريشن)، ايل ايم سي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو (9-1988ع) ۽ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد، ايڊيشنل پوليس سرجن جناح اسپتال ڪراچي ۽ ايم ايس چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻو رهيو.
ادب ۾ آمد
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي، جنهن جو ذڪر ڪندي هو چوي ٿو:
”مان جڏهن نائين ۽ ڏهين جماعت ۾ هيس، تڏهن ٻارن جي ٻاري ۽ ٻيون ٻارن جي لاءِ تنظيمون هيون، انهن ۾ حصو ورتم ۽ اتان ئي لکڻ جي شروعات ڪيم. اهو سال 72-1971ع هو، ان وقت گورنمينٽ پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهندو هئس ۽ اسڪولي تقريري مقابلن ۾ حصو وٺندو هئس، ان وقت مون کي عبدالوحيد ڪٽپر تقريرون لکي ڏيندو هو.“
ذوالفقار سيال جون لکيل ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شعر مختلف اخبارن طرفان نڪرندڙ ٻارن جي صفحن ۾ ڇپجنديون هيون، تنهن بعد پاڻ ڪهاڻيون به لکيائين، جيڪي ان وقت تحريڪ، هلال مئگزين، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون، بعد ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ روزاني ”سنڌ نيوز“ اخبار ۾ هفتيوار ڪالم ”سرخين جي درميان“ لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ”آئينا ۽ عڪس“ جي نالي سان شروع ڪيو، جيڪو عبرت، آفتاب، سنڌو، خادم وطن، عوامي آواز، هلال پاڪستان ۽ خبرون ۾ لڳاتار 35 سال لکيائين. تنهن کانسواءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، مختلف اخبارن ۾ ٻارن ۽ شاگردن جي صفحن ترتيب ڏيڻ سان گڏ روزاني ”خبرون“ ۾ هفتيوار ادبي صفحو پڻ ترتيب ڏنو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻي ادبي ڪم ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان نڪرندڙ ”ڦليلي“ جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران نڪرندڙ ”سنگت“ مخزن جو چيف ايڊيٽر (8_2006ع) ۽ چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻي جو 76_1974ع ۾ ايڊيٽر رهيو.
ادبي ڪم جي اشاعت
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو پهريون شعري مجموعو ”رڻ سڄو ئي رت ڦڙا“ 1977ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن ته هيستائين ذوالفقار سيال جا چار شعري مجموعا ”ڳاڙها هٿ، پيلا جهڙا“، ”چهرا چنڊ گلاب جهڙا“ ۽ ”بارش کان پوءِ“ شايع ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال شاعري جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. پاڻ سنڌي کانسواءِ سرائيڪي ۽ اردو ۾ پڻ شاعري ڪئي اٿس. سندس شاعري انگريزي، پنجابي، پشتو، اردو ۽ بلوچي ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪي آهي. سندس شعري فن جو جائزو وٺندي ڊاڪٽر تنوير عباسي، سندس شعري مجموعي ”بارش کانپوءِ“ ۾ لکي ٿو:
”ذوالفقار سيال جي سڄي شاعري وقت گذارڻ يا وندر جو سامان نه آهي، پر اها هڪ ڳنڀير ۽ عظيم مقصد کي پهچڻ لاءِ جدوجهد جو هڪ ذريعو آهي. عالمي امن، انسان دوستي، بي تعصبي ۽ پيار، اهي اعليٰ آدرش آهن، جن ڏانهن سنڌ صدين کان سڄي دنيا کي سڏيندي رهي آهي. ذوالفقار سيال به سنڌ جي انهيءَ آواز ۾ پنهنجو آواز ملائي، ان جي آواز کي وڌيڪ زورائتو بنايو آهي ۽ پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ جوڳي جاءِ ماڻي آهي.“
ٻاراڻي ادب لاءِ خدمتون
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي ۽ پاڻ لڳاتار بنا ڪنهن وقفي جي ٻارن لاءِ لکندو پيو اچي. سندس هيستائين ٻارن لاءِ ست شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن جا نالا هن ريت آهن: ”مکڙين مالها“، ”منهنجي ديس جا ٻار“، ”گلڙن جهڙا گيت“، ”لفظن جا رانديڪا“، ”اکر اکر سرهاڻ“، ”گيت کيڏوڻا“، (اردوءَ مان ترجمو) دعائون 2010ع شامل آهن. ذوالفقار سيال جون ٻاراڻي ادب لاءِ ڪيل خدمتون وڏي اهميت رکن ٿيون.
سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پهرين س ـ ا ـ س لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ 1972ع ۾ ان جو سيڪريٽري ٿيو. تنهن کانپوءِ 1976ع ۾ س ـ ا ـ س ايل ايم سي جو بنياد وڌائين ۽ ان جو سيڪريٽري ٿيو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال 1996ع ۾ سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي ۽ 2006ع ۾ سنگت جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ۽ ڀرپور ڪارڪردگي سان سنگت کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني.
سنگت جي سڄي تاريخ کي ٻن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون دور 1956ع کان وٺي رشيد ڀٽي جي استعفيٰ تائين. ٻيو دور 1983ع کان وٺي 2006ع تائين. وچ وارو عرصو (83-1979ع) سنگت جو مرڪز غير سرگرم رهيو ۽ سنگت جو ٽيون دور 2006ع کان شروع ٿئي ٿو، جنهن جي شروعات ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ سان ٿي، جيڪو سنگت جي ادبي ڪردار جي اُڀار وارو دور هو، ستر کان اڳ ”ون يونٽ“ قائم هو ۽ ادبي سنگت ۽ سنڌي اديبن، سنڌ جي تشخص لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ڪئين نوان باب رقم ڪيا. هي اهو دور هو، جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ گناهه برابر هو. جيئن هڪ شعر آهي:
”سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.“
1983ع کانپوءِ جيڪو ٻيو دور هو، ان ۾ پڻ سنگت ڪئين معرڪا سر ڪيا ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دور ۾، سنگت جي سڄي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ”سنگت“ مخزن کي باقاعده شايع ڪيو ويو ۽ هر ٻي مهيني اهو باقاعدگي سان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچڻ لڳو. ڇويهن مهينن ۾ مخزن جا تيرهن پرچا شايع ڪيا ويا. تنهن کانسواءِ ست ٻيا ڪتاب به ڇپرايا ويا، جن ۾ نصير ميمڻ پاران سنڌ جي مسئلن تي لکيل ڪتاب جو سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو ”سندهه ڪي پسماندگي، حقائق و اسباب“ پڻ شايع ڪيو ويو. سنگت جي سڄي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو هو، جو سنگت پاران، سنڌ جو ڪيس، ٻين ٻولين وارن تائين پهچائڻ لاءِ اردوءَ ۾ ڪتاب ڇپرايو ويو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دور ۾ سنگت مرڪز پاران پڻ ڪيترائي پروگرام ڪرايا ويا، جن ۾ سنگت جي گولڊن جوبلي پروگرام به شامل آهي. ٻئي سال سنڌي ٻولي ۾ ڇپيل مختلف صنفن جي ڪتابن تي ايوارڊن ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري رکيو، جيڪا روايت پوءِ يوسف سنڌي (10_2008ع) ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل به پنهنجن دورن ۾ قائم رکي، سال 2007ع کي ”سنڌي ٻولي ـ قومي ٻولي سال“ ڪري ملهايو ويو ۽ مختلف ترقي پسند ادارن سان رابطا وڌايا ۽ انهن جو سهڪار حاصل ڪيو. ايئن بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ادبي سنگت جو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو دور، سنگت ۾ نئين سفر جي شروعات هئي.
اليڪٽرانڪ ميڊيا
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سٺو ڪمپيئر به رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي ٽي ـ وي پروگرامن جي ميزبان جي حيثيت سان ڪمپيئرنگ به ڪئي، جن ۾ روشن تارا، واءَ سواءِ، حال احوال، مهراڻ ميگ، ميڊيڪل فورم، سوال هي آهي ته، ۽ پي ـ ٽي ـ وي نيشنل تان لائيو پروگرام لوڪ پسند ۽ ادبي سنگت شامل آهن. پروگرامن جي ميزباني کانسواءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڪيترن ئي سنڌي ۽ اردو ڊرامن ’ڪُن ۽ ڪنارا‘، ’پرهه کانپوءِ‘، ’غازي عبدالقيوم شهيد‘، ’گر درد ڪو زبان ملي‘ ۾ اداڪاري پڻ ڪئي آهي.
ايئن چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ٻولي جو گهڻ رخو ليکڪ آهي، سندس تخليقي سفر جاري آهي.