انور بلوچ
سوانح
محمد انور بلوچ ولد محمد اسماعيل بُليدي بلوچ، 16اپريل 1952ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي وارهه تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ محمد حسن بڙدي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم، ڳوٺ مرزان جوڻيجو، جي ملان اسڪول ۾ پڙهيو. ميٽرڪ 1968ع ۾ ۽ انٽر 1970ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ دادو ڪاليج مان پاس ڪيائين. ايم اي ڪرڻ کانپوءِ پهرين 1973ع ۾ ٻيلي کاتي ۾ چونڊجي تربيت واسطي پشاور ويو، جتي 1976ع ۾ بي ايس سي (فاريسٽري) ۾ پهرين پوزيشن ماڻيائين ۽ هڪئي وقت گولڊ ميڊل، چاندي ۽ پتل جا چار ٻلا حاصل ڪيائين. سال 1952ع کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌ جي ڪنهن نوجوان اهو اعزاز حاصل ڪيو. ان کانپوءِ نوڪري جي دوران ڪئين ننڍا وڏا ٽيڪنيڪي ڪورس به ڪيائين، خاص طور تي آبپاشي جي حوالي سان لاهور ۽ آمريڪا به سکيا واسطي ويو. اڳتي هلي ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر طور ڪم ڪيائين.
ادب ۾ آمد
محمد انور بلوچ لکڻ جي شروعات 1972ع کان ڪئي. پهرين ”انور عادل“ جي نالي سان ڪجهه شعر لکيائين. نثر۾ پهرين ڪهاڻي ”گند جنين جي گوڏ ۾“ 72-1971ع ڌاري ٻوليءَ جي فسادن کان متاثر ٿي لکيائين، جيڪا ڪٿي به ڇپجي نه سگهي ۽ گم ٿي ويئي، ٻي ڪهاڻي 1974ع ۾ ”من مندر“ جي نالي سان لکيائين. جيڪا پوءِ ”مان ڪيئن چوان تون ڪافر آن“ جي نالي سان به ڇپي. اڳتي هلي محمد انور بلوچ جون ڪيتريون ڪهاڻيون ۽مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا. پنهنجي ادبي سفر جي وارتا بيان ڪندي محمد انور بلوچ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو: ”مون 72-1971ع واري سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ”سنڌي ٻولي“ واري بل جي ردعمل طور، خاص ڪري سنڌ جي وڏن شهرن ۾ شروع ٿيل ٻولي جي فسادن ۽ ان ۾ ٿيل قتلام کانپوءِ ئي لکڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي پهرين ڪهاڻي به اهڙي ئي پسمنظر ۾ لکيل هئي“.
انور بلوچ جو اهو تخليقي سفر جاري رهيو. هن هڪئي وقت ڪهاڻي، ناول، مضمون، ريڊيو ۽ اسٽيج ڊرامن لکڻ ۾ پاڻ ملهايو.
انور بلوچ جون ڪهاڻيون
انور بلوچ جو پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”سنگسار“ 1990ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ سندس 18ڪهاڻيون شامل آهن. سندس ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”ڪپيل هٿ“ 1991ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جي مهاڳ ۾ نصير مرزا لکي ٿو:
”انور جي ڪهاڻين جو اهو خاص گُڻ آهي ته هو ننڍن ننڍن واقعن جي پويان جيڪي وڏيون وڏيون ٽريجڊيز آهن، انهن کي پڙهندڙن جي آڏو آڻي ٿو. اهو به انور جي ڪهاڻين جو ويساهه آهي ته دراصل ننڍا ننڍا واقعا ئي ڪن وڏن واقعن ۽ وڏن مامرن جا ڪارڻ هوندا آهن“.
طويل توڙي مختصر ڪهاڻي لکڻ ۾ محمد انور بلوچ جو پنهنجو اسٽائيل آهي. اسان وٽ تمام ٿورا ڪهاڻيڪار اهڙا آهن، جيڪي ڪهاڻيءَ سان نڀاءُ ڪن ٿا. ڪهاڻي کڻڻ کانپوءِ انهيءَ جو توڙ به اهڙو ئي سُريلو ڪن ٿا. محمد انور بلوچ جون ڪهاڻيون به ائين ئي آهن. وڏي ڳالهه ته مقصد سان ڀرپور! جيئن سنڌيءَ جي وڏي ڪهاڻيڪار نجم عباسي سندس ڪهاڻي ڪتاب”سنگسار“ پڙهڻ کانپوءِ کيس خط لکي، تبصرو ڪندي لکيو هو: ”توهان سڄاڻ بڻجي پوري ذميداري سان لکو ٿا، توهان جي لکڻي سنئين سڌي ۽ سهنجائي سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي ۽ انهن جا موضوع گهڻا تڻا اسان سنڌين، خاص ڪري ٻهراڙي وارن جا مسئلا آهن. انهن ۾ قومي شعور، نظرياتي ساڃهه، انقلابي احساس، سنڌ جي موجودهه مونجهارن ۽ انهن جي قبائليت جي ناسور کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ کنيو آهي. ٻئي ڪنهن به سنڌي اديب کان اهو ڪونه پڳو آهي.“
انور جون ڪهاڻيون، بنا ڪنهن وڪڙ ۽ رک رکاءُ جي آهن. انهن ۾ ڪردارن، جاين وغيره جا تفصيل ايترا ته چٽا ۽واضع آهن جو ڄڻ ڪهاڻي بدران ڪا تاريخ بيان ڪئي پئي وڃي.
ڪپيل هٿ جي مهاڳ ۾ نصير مرزا، انور بلوچ جي ڪهاڻين جون خويبون بيان ڪندي لکي ٿو. ”ڪهاڻي، صحيح معنى ۾ پڇو ته جمال ابڙي، نسيم کرل، عبدالقادر جوڻيجي ۽ ماهتاب محبوب کانپوءِ نئين ٽهي مان صحيح سينس ۾ مون محمد انور بلوچ جون ئي پڙهيون آهن. انور جي ڪهاڻين جي مطالعي، هيءَ ڳالهه چٽي ڪري ڏيکاري آهي ته هو ”ڪهاڻي“ لکڻ چاهي ٿو. باقاعده پلاٽ واري ۽ حقيقت تي مبني ڪهاڻي، ان ڏس ۾ هو حياتي جي مامرن مان موضوع چونڊڻ جو قائل ۽ سماجي اوڻاين جي پت وائکي ڪرڻ کي پنهنجي فن جي حاصلات سمجهي ٿو. ان کانسواءِ زندگيءَ جي خوبصورتين ۽ محبتن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ شيئر ڪرڻ کي انور هڪ پاسي عبادت به سمجهي ٿو ۽ سماجي خدمت، ٻئي پاسي، ان حوالي سان انور پنهنجي ڪهاڻين ۾ مڪمل طرح سان هڪ آدرشي ۽ حقيقت پسند ڪهاڻيڪار طور اسان جي سامهون آيو آهي“.
محمد انور بلوچ ٻن سوَن کان به وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ڪهاڻين جا مجموعا سنگسار (1990ع) ڪپيل هٿ (1991ع) پاڇا پوئين پهر جا (1994ع) پلصراط تي هڪ وک (1994ع) ڪارو پاڻي (1998ع) ميرو پاڻي سنڌو جو (2000ع) ڇپجي چڪا آهن.
انور بلوچ جا ناول
انور بلوچ نه رڳو ڪهاڻيون، پر ناول جي صنف تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي .سندس ٽي ناول آڪاش کان اڳتي (1998ع)، باک ڦٽيءَ جو سوجهرو (2000ع) ۽، دوزخ مان دري (2007ع) شايع ٿيل آهن.
آڪاش کان اڳتي، هڪ پيار ڪهاڻي آهي، جيڪا سنڌ ۽ جرمني جي ڪردارن جميل ۽ جينفر (جيني) جي اردگرد گهمي ٿي. ناول جي خوبين جو ذڪر ڪندي مهاڳ ۾ حميد سنڌي لکي ٿو. ”اصل ۾ ليکڪ جي سنڌ ڌرتي سان عشق ئي کيس هن ناول لکڻ تي مجبور ڪيو آهي، ڪو صفحو خالي ڪونهي، جتي هن جيني سان ڳالهائيندي ياسندس واتان سنڌ جا ماڳ مڪان بيان نه ڪيا هجن، يا ماڻهن جون صفتون بيان نه ڪيون هجن ۽ شاهه لطيف جي بين الاقوامي حيثيت کي نه اُڀاريو هجي. جيتوڻيڪ هي ناول سفرنامي جي طرز تي ناهي لکيل، پر ان سان گڏ جرمني جي مختلف شهرن جوسير به ڪرائي ٿو. اتي جا خوبصورت نظارا ڏاڍا سهڻا چٽيل آهن. وڏي ڳالهه ته جرمن قوم جي تاريخي ڪردار جو وڏو آئينو آهي.“
ڪاروڪاري هڪ ناسور آهي، جنهن سنڌي سماج کي گُهٽ ۽ ٻوسٽ جي دنيا ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. سنڌ جي اڪثر ليکڪن پنهنجي لکڻين ۾ انهيءَ ناسور تي لکيو آهي. ۽ انهي مذموم حرڪت جي مذمت ڪئي آهي. انور بلوچ جو ناول ”باک ڦٽيءَ جو سوجهرو“ به انهي موضوع تي لکيل آهي.ناول جو مکيه ڪردار قاسو مذهبي گهراڻي ۾ ڄمي، مذهب کان لاتعلق آهي. چوريون ۽ ڌاڙا هن جي خاص ڪرت آهن ۽ جيل ۾ اڌ کان وڌ وهي تائين رهائش رهي. اهو ئي شخص ڌيءُ ڄمڻ تي سڀ ڌنڌا ڇڏي صاف زندگي گذارڻ چاهي ٿو ته عياش وڏيري پاران سندس عزت ۾ هٿ وجهڻ واري اکين ڏٺي عمل تي وري به ڪارين ڪوٺين ۾ واڙجي اچي ٿو. پنهنجي زال ۽ وڏيري کي ڪارو ڪري ماريندڙ پنهنجي ڌيءُ بابت ڇا سوچيندو هوندو ۽ پوءِ جڏهن جنم ٽيپ ڪاٽي آزاد ٿي ٿو اچي ته پنهنجي سام ڇڏيل ڌيءُ کي وٺڻ ٿو اچي ته کيس سوچون ورائي ٿيون وڃن ۽ کيس شڪ پوڻ ٿا لڳن.
ناول جو هاڪاري پهلو اهو آهي ته قاسو نيٺ پنهنجي ڌيءُ جي خوشي اڳيان، خود ساخته غيرت ڇڏي ڪنڌ جهڪائي ٿو ڇڏي.
ڪهاڻي ۽ ناولن کانسواءِ محمد انور بلوچ جو سفر نامو: اي ٽرپ ٽو آمريڪا (1996ع) ٿوهر ڳاڙها گل (نوٽبڪ تان -1998ع)، مان منصور ته ناهيان پر (مضمون -2004ع)، ٿو هر ڳاڙها گل (ڀاڱو-2-2004ع) پڻ ڇپيل آهن.
تنهن کانسواءِ انور بلوچ ڪيترائي ريڊيو ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا آهن، جيڪي ريڊيو تان نشر ٿيڻ سان گڏ اسٽيج به ٿي چڪا آهن.