شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

ادل سومرو (ڊاڪٽر)

ادل سومري جي پهرين سڃاڻپ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان آهي، پرهن وڏن لاءِ پڻ لکيو آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي تنظيمي ۽تحريڪي سرگرمين ۾ نه رڳو حصو ورتو، پر سنڌي ادبي سنگت تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي اٿس.

سوانح
عبدالڪريم سومرو، جيڪو ادبي دنيا ۾ ادل سومري جي نالي سان مشهور آهي. 15آگسٽ 1955ع تي سکر جي هڪ پورهيت محمد صالح سومري جي گهر ۾ جنم ورتو، جيڪو اجرڪ جو نهايت سٺو ڪاريگر هو. ادل سومري پرائمري تعليم سکر ۾ حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ جي دوران ڪجهه عرصو پرائمري استاد پڻ رهيو. ادل سومري ايم اي اقتصاديات 1977ع ۾، ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن 1979ع ۾ ڪئي. هو 1979ع کان 1981ع تائين وومين ڊويزنل ميل، سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ ايڪانامڪ انويسٽيگير رهيو. 1981ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ليڪچرار چونڊيو ويو. اڄڪلهه شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ چيئرمين هئڻ سان گڏ، شيخ اياز چيئر ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور پڻ ڪم ڪري رهيو آهي.

ادبي اوسر
ادل سومري 1968ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. هڪ ٻاراڻو نظم ماءُ بنا ٻار (يتيم ٻار) لکيو. اهو نظم ادل سومري مامتا کان محروم ٻار جي ڪيفيت جي حوالي سان لکيو هو، جيڪو ”هلال پاڪستان“ ۾ ڇپيو. انهيءَ نظم جي حوالي سان ادل سومري لکي ٿو، ”ان وقت مون کي صنفن جي ڄاڻ نه هئي. بس هڪڙا داخلي احساس هئا، انهن کي پني تي اُتاري ويٺس“.
اڳتي هلي حالتن ادل سومري جي اندر ۾ موجود تخليقڪار کي ماحول جوڙي ڏنو. رشيد ڀٽي سندس پاڙيسري هو، جنهن کيس گهڻو همٿايو ۽ رشيد ڀٽيءَ جي معرفت سڀني ناليوارن اديبن سان ملاقات ٿيس. سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، ڪامريڊ برڪت آزاد جهڙن اديبن جي همت افزائي سندس تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
اهڙي همت افزائي ۽ ادبي ماحول کانسواءِ ادل سومرو ”مير معصوم شاهه لئبريري“ ۾ لڳاتار ڪتابن پڙهڻ جي لاءِ ويندو رهيو، جتي هو لڳاتار شاعري ۽ لوڪ ادب جو مطالعو ڪندو رهيو. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي ادل سومري هڪ انٽرويو ۾ چيو:
”ڪتابن سان اهڙي دوستي قائم ٿي جو بي اي جي تعليم تائين، لائبريري تقريبن ڏهاڙي ويندو هوس. ان عرصي ۾ شيڪسپيئر، ٽينيسن، وليم بليڪ، ڪيٽس، بائرن، آڊن ۽ ٻين جي انگريزي شاعري پڙهڻ جو موقعو مليو. ان لائبريري لاءِ ڪتابن جي چونڊ شيخ اياز ڪئي هئي، تنهنڪري دنيا جو چونڊ ادب اُتي موجود هو.“
ان لائبريري مان ڪتابن جي مطالعي ادل سومري کي گهڻو اُتساهيو. ادل سومري کي شاعري سان گڏ چترڪاريءَ سان به محبت هئي. 1976ع ڌاري پاڻ وليم بليڪ جو شعري مجموعو (Songs Of Innocence) (معصوميت جا گيت) لائبريري ۾ پڙهيائين. اهو سڄو شعري ڪتاب وليم بليڪ پنهنجن هٿن سان لکيو هو ۽ هر گيت سان گڏ اسڪيچ به هن پاڻ ٺاهيو هو. ادل سومري جي دل ۾ به خواهش پيدا ٿي ته هو به اهڙو ڪتاب تيار ڪري. ”روز ٽڙن رابيل“ ادل سومري جي انهيءَ خواهش جو پورائو هو، جنهن ۾ سندس هٿ اکرن سان لکيل گيت ۽ نظمن سان گڏ، اسڪيج پڻ پاڻ ٺاهيا هئائين. اهو ڪتاب 1977ع ۾ شايع ٿيو. پوءِ ادل سومري جا ٻيا به ٻارن لاءِ ڪيترائي ڪتاب ڇپيا.
سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي
ادل سومري جي ذهني ۽ ادبي اوسر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن جو وڏو ڪردار آهي. اڳتي هلي کيس 1992ع ۾ پهريون ڀيرو ۽ 2000ع ۾ ٻيو ڀيرو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. 1992ع ۾ سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي باڊي جي ٻين عهديدارن منٺار سولنگي، غلام نبي ناشاد ۽ نعيم شيخ جي سهڪار سان ادل سومري ”سنگت“ ڪهاڻي نمبر(1991ع) ”سنگت“ شاعري نمبر (1992ع) سنگت ڪارڪردگي نمبر (1993ع) ڪتاب شايع ڪرايا ۽ تنوير عباسي جي زباني ”سنڌي شاعريءَ جون صنفون“ عنوان سان ليڪچر جي ڪيسٽ جاري ڪئي. ٻئي ڀيري نڪور ڪهاڻين جو مجموعو ”ڪهاڻيون“ (2002ع) ترتيت ڏئي ڇپايو. جنهن ۾ نون توڙي پراڻن ڪهاڻيڪارن جون نڪور ڪهاڻيون شامل هيون.
سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان ادل سومري ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري (1999) ۾ حاصل ڪئي. انهي حوالي سان ادل سومري هڪ انٽرويو ۾ چيو.
”سنگت جي تاريخ ۽ڪردار تي ڊاڪٽريٽ ڪرڻ جو جذبو، سائين تنوير عباسي بيدار ڪيو. سندس خيال هو ته جيڪڏهن وقت سر سنگت جي تاريخ کي نه سهيڙيو ويو ته اڳتي هلي ان جي رڪارڊ محفوظ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي“.
ادل سومري اها پي ايڇ ڊي جي ٿيسز ڊاڪٽر تنوير عباسي جي نگراني ۾ لکي، اها ڪل چوڏهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ادبي سنگت جي وجود ۾ اچڻ جي سببن کان وٺي، ترقي پسند تحريڪ جي پسمنظر، سنڌي ادبي سنگت جي ٺهڻ، شاخن جي ڪارڪردگي ۽تعارف، سنگت جي مونوگرام، ادبي سنگت جو ڪتابن جي اشاعت ۾ حصو. سنگت جي مرڪزي اجلاس ۾ پاس ڪيل ٺهرائن جو جائزو، ادبي سنگت پاران ڪوٺايل اهم پروگرامن جو جائزو، سنڌي ادبي سنگت جو شاعري، ڪهاڻي تنقيد ۽ ترجمن جي اوسر ۾ ڪردار، سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان پيدا ٿيل اختلافي مامرا، سنڌي ادبي سنگت جي مجموعي ڪردار جو جائزو ورتو ويو آهي. (اها ٿيسز اڃا اڻ ڇپيل آهي، تنهن ڪري ان بابت ڪا راءِ ڏيئي نٿي سگهجي).

شاعري
ادل سومري لکڻ جي شروعات ٻاراڻي شاعري کان ڪئي. پوءِ وڏن لاءِ نظم توڙي نثر ۾ لکيائين. ادل سومرو باقاعده 1971ع کان ڇپجڻ شروع ٿيو. شاعري کانسواءِ سندس نثر ۾ ٻن سون کان به وڌيڪ مضمون، مقالا ۽ ڪجهه ڪهاڻيون پڻ ڇپيل آهن. ادل سومري جي اهڙن مضمونن جو هڪ مجموعو ”اسين مسافر پيار جا“ 1991ع ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ خاڪا ۽ مضمون ڏنل آهن. ادل سومري جي شاعري جو پهريون مجموعو ”وليون وڻ ڦلارئا“ 1984ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو شعري مجموعو ”سمنڊ جاڳي ٿو“، 1994ع ۾ شايع ٿيو جنهن جو مهاڳ عظيم شاعر ”شيخ اياز“ لکيو، جنهن ۾ هو لکي ٿو:
”ادل سومري، جڏهن شاعري جي شروعات ڪئي ته ان وقت ڪوبه چڱو شاعر ڪنهن استاد کان باقاعده شعر جي تربيت نه وٺندو هو، پر پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي زور تي لکندو هو ۽ ادل سومري به ائين ڪيو. هن سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجو استاد بڻايو ۽اڄ هن جي شاعري ۾ جيڪو رنگ آهي، ان ۾ ادبي سنگت جو حصو آهي. شاعر جي حيثيت ۾ به هو نئين دور جي شاعريءَ تي پنهنجو اثر وجهي چڪو آهي. سندس تخليقون سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهن. ادل جي شاعري به ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري چڪي آهي. ادل سومري نئين ٽهي جو اهوشاعر آهي، جنهن فارسي ۽ اردو وزن کي لت هڻي، شعري روايات جا سارا زنجير ٽوڙِي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجو ترنم پنهنجي اندر جي آواز مان اُڀاريو آهي.“

ادل سومري جا ڪتاب
ادل سومري جي لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

ٻارن لاءِ
روز ٽڙن رابيل (1977)، چنڊ پشم گولو (شاعري 1979) آچر جا احوال (ڪهاڻيون 1979ع) پتلين جو تماشو (شاعري 1983ع) جيتن جي ڪانفرنس (ڪهاڻيون 1984ع) پوپٽ جهڙا گيت (شاعري 1986ع) نئين دور جا نوان سبق (طنزيا سبق 1990ع) مٽي جا رانديڪا (شاعري) رنگبرنگي ڦوڪڻا (ٻارن لاءِ ترتيب ڏنل شاعري).

وڏن لاءِ
وليون وڻ ڦلارئا (چونڊ شاعري -1982ع) اسين مسافر پيار جا (خاڪا –مضمون 1991ع) سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري-1984ع) وساري نه ڇڏجو (شاعري 2004ع)، س ديس مسافر منهنجو ڙي (ترتيب ڏنل: شيخ اياز چيئرلطيف يونيورسٽي پاران 2002ع) سماجي اڀياس (ترجمو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ)، تنوير عباسي: فن اور شخصيت (اردوءَ ۾).
مٿين ڪتابن کانسواءِ ادل سومري آصف فرخي، اصغر نديم سيد جي شاعريءَ ۽ ڪهاڻيون سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ کانسواءِ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ شاعري اردو ۾ پڻ ترجمو ڪئي آهي.