تاجل بيوس
اهي لفظ تاجل بيوس پنهنجي پهرينءَ مجموعي ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ جي مهاڳ ۾ لکيا آهن. شاعر جي مٿين لفظن کي نظر ۾ رکندي، سندس شاعري جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين ته اسان کي مايوسي نه ٿيندي.
سوانح
تاج محمد ولد محمد جعفر سمون 22سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ پير حيات شاهه، تعلقي سوڀي ديري ضلع خيرپور ۾ جنم ورتو. هو اڃا ننڍو ئي هو، جو سندس والد گذاري ويو. ان وقت هو ”ڀونڀٽ پور“ جي پرائمري اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهندو هو. حالتن هٿان مجبور ٿي هن پڙهڻ ڇڏي مال چارڻ شروع ڪيو. ائين هو ٽي چار سال مال چاريندو رهيو، تنهن کانپوءِ هڪ مائٽ جي مشوري تي ٻيهر 1949ع ۾ پڙهڻ شروع ڪيائين. ميٽرڪ جو امتحان 1959ع گمبٽ مان پاس ڪيائين.ان ئي سال انگريزي ماستر ٿيو. اها نوڪري هن اٺن سالن تائين ڪئي. پڙهائي دوران بي اي 1965ع ۾ ايم اي (اقتصاديات) 1968ع ۾ خانگي طور تي پاس ڪيائين. 1968ع ۾ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۾ اي سي او مقرر ٿيو. انهي وچ ۾ گڏيل قومن طرفان فيلو شپ منظور ٿيڻ تي ٽوڪيو (جاپان) وڃڻو پيس. جتان موٽڻ بعد 1973ع ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران ٻيهر چونڊجي وڃڻ ڪري پاڪستان جي وزارت خزانا ۾ ڪارپوريٽ لا-اٿارٽي جو اسسٽنٽ چيف مقرر ٿيو. جتي مختلف عهدن تي رهندي آخر ۾ چيف رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان 1998ع ۾ رٽائر ٿيو.
ادبي اوسر
تاجل بيوس کي ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي استاد فقيرالهندو جتوئي جي صحبت ۾ رهندي صوفياڻي شاعري پڙهڻ ۾ ساءُ ۽ مزو ايندو هو، جتي علمي۽ ادبي ڪچهري سان گڏ يڪتاري جي تند تنوار گهڙي تي ڪي ڳائڻا فقير عارفاڻو ڪلام ڳائيندا هئا. اتان کان ئي کيس شاعري ۽ موسيقي جي لئنون لڳي. انهن ئي ڏينهن ۾ اسڪول ۾ پڙهڻ جي دوران سندس هڪ هم ڪلاسي ۽ پيارو دوست علڻ چنو گذاريو ويو. جنهن جي وفات مٿس وڏو اثر ڪيو ۽ انهيءَ جي وڇوڙي تي هڪ شعر جوڙيائين.
ايڏا ڏينهن ڇا کنئون وڌا ٿي الڻ،
نه نياپا سنيها مڪا ٿي الڻ،
وساري ڌڪاري وڇوڙو ڏئي،
وئين يار جاني جدا ٿي الڻ.
سندن اها شاعراڻي طبعيت ڏسي سندس استاد سندس همت افزائي ڪئي ۽ نيٺ هن جي اندر ۾ لڪل شاعر نڪري نروار ٿيو. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
”مون کي اُتساهه ڏياريندڙ يعني منهنجي شاعري جا سرچشما ننڍي هوندي سڄي رات درگاهه تي چپڙين ۽ يڪتارن تي ڪلاسيڪي توڙِي نون شاعرن جو ڪلام ٻڌڻ، شاهه سائين جي رسالي جو عشق ۽ محبت سان مطالعو ڪرڻ، زندگيءَ جو ڳوڙهو مشاهدو، ڪلهي تي لٺ کڻي ڪچي ۽ پڪي جو پسار ڪرڻ استاد مهربان الهندي خان جي صحبت ۽ سندس سبق بڻيا“.
شاعراڻي طبيعت ۾ ننڍي هوندي مال چارڻ دوران فطرت جي ٿيل مشاهدي ۽ استاد جي همت افزائي سبب هن جي شاعراڻي ڏات مان شاعري اوڙڪو ڪري وسڻ لڳي. تاجل جي شروعاتي شاعري ڇپي گهٽ، پر ڳائي وڌيڪ ويئي. انهي جو سبب سندس مٿيون پسمنظر هو.
انهي دور ۾ ڪيترائي ادبي رسالا، جهڙوڪ: نئين زندگي (ڪراچي) رهنما (نوابشاهه) بادل ۽ فردوس (هالا)، اڳتي قدم، روح رهاڻ، نهايت آب تاب سان نڪرندا هئا، جيڪي باقاعدا تاجل بيوس جي مطالعي هيٺ رهندا هئا. ائين راڳين جي صحبت، ماحول ۽ رسالن جي مطالعي کانئس باقاعدهه شاعري شروع ڪرائي، اهو 1959ع جو زمانو هو. تاجل بيوس جي شروعاتي شاعري 1962ع ڌاري ”نئين زندگي“ ۾ ڇپي. تاجل بيوس جي شاعري جو پهريون مجموعو ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ 1982ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ تاجل جا بيت، وايون، غزل، گيت، نظم، آزاد، نظم، قطعا ۽ ڪافيون شامل آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۾ تاجل جي شاعري جو اڀياس ڪندي شمشير الحيدري لکي ٿو.
”تاجل جيڪي لفظ، اصطلاح، محاورا، ڪردار ۽ نظارا پيش ڪيا آهن، سي سندن ماحول جي ڏات آهن. ٻولي جي سادگي، فطري زندگي مان موضوعن جي چونڊ ۽ شاعراڻي ترنم جي لحاظ کان تاجل جديد دور جي ڪلاسيڪي احياءَ واري تحريڪ جو هڪ اهم رڪن آهي“.
انهيءَ ڪتاب ۾ ڏنل شاعري جي مختلف صنفن تي لکندي تنوير عباسي لکي ٿو:
”تاجل جي بيتن ۾ موضوعن جي ندرت (نواڻ) آهي. غزل ۾ سنڌي ماحول جو رنگ جهڙو تاجل پيش ڪيو آهي، اهڙو ڪنهن ورلي ڪيو هوندو. واين ۾ تاجل ۾ نه رڳو ان صنف جو روايتي حسن برقرار رکيو آهي، پر انهن ۾ موسيقيت ۽ موضوعن جي جدت پڻ شامل آهي. ڪٿي ڪٿي ته انهيءَ سادي صنف ۾ اهڙا اونها خيال ڏنا اٿائين، جو عجب پيو لڳي.“
ان ئي قسم جي راءِ، شيخ اياز، تاجل بيوس جي شعري مجموعي ”سنڌ منهنجي امان“ جي مهاڳ ۾ پڻ ڏني آهي.
”تاجل دراصل هڪ مصور شاعر آهي ۽ بيورو ڪريسي ۾ رهندي هن جي سياست سان گهڻي وابستگي ممڪن به نه آهي. پوءِ به هن پنهنجي دور جا ترقي پسند قدر اپنايا آهن. اڃا هن کي پنهنجو طرف طئي ڪرڻو آهي. ۽ پنهنجي گهڻ روپي ڪلام (Multi Dimensional Poetry) ۾ مڪمل هم آهنگي پيدا ڪرڻي آهي.“
تاجل بيوس جو ٻيو ڪتاب ”انهن جهليو ٻور“ 1983ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو شاعراڻو نثر آهي، جنهن ۾ هن نثري ٽڪرن ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. جن جي وضاحت ڪندي ڪتاب جي مهاڳ ۾ هو لکي ٿو:
”هن نثر کي مون شاعراڻو نثر ڪوٺيو آهي ۽ نثري نظمن، ڇاڪاڻ ته هي نثر جا ئي خوبصورت ٽڪر آهن، جن ۾ نڪي شعر وارا بند ۽ نه وري موسيقي، لئي، ڪافيو يا رديف. اهڙن نثرن کي نثري نظم چوڻ ائين آهي، جيئن ڪانگ کي ڪبوتر يا هاٿي کي هرڻي سڏجي. هي شاعراڻو نثر آهي، منهنجو مطلب آهي ته هن قسم جا نثر لکي، ثابت ڪجي ته اهڙا نثر فقط شاعر جو نالو نه به لکيل هجي، ته به پڙهندڙ سمجهي وڃي ته هي نثر بس ڪنهن شاعر جو ئي لکيل ٿي سگهي ٿو. مطلب ته شاعراڻو نثر عام کان گهڻي ڀاڱي نرالو هجڻ کپي.“
هيستائين تاجل بيوس جي شاعري جا 14مجموعا ڇپجي چڪا آهن. جن وچور هن ريت آهي: جڏهن ڀونءَ بڻي (1982ع) انبن جهليو ٻور (1983ع) سرجندڙ ساڻيهه جا (1985ع) سنڌ منهنجي امان 1989ع) ڪاڇي مٿان ڪونج (1990ع) ڪنڌيءَ ڪونرترن (1991ع) ڪنڌيءَ اَڪ ڦلاريا (1992ع) صحرا ستر جن (1996ع)، تنهنجا نيڻ غزل (1996ع) وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز ۽ تاجل بيوس جو ڪلام )، ڏوريان ڏوريان مَ لهان (مٿين 9ڪتابن جو گڏيل مجموعو (1997ع) چپ انجيل جي حاشين جهڙا (2004ع) سون سريکا چارسين (2004ع) پکي ساڳئي پار جا (تاجل ۽ شيخ اياز جون چونڊ وايون 2003ع)تاجل بيوس جو رسالو (2007ع).
اردو شاعري
تاجل بيوس جي اردو شاعريءَ جا پڻ ٻه مجموعا ڇپيل آهن. جن مان پهريون ڪتاب ”سرخ گلابون ڪي موسم“ آهي، جنهن ۾ سندس چونڊ سنڌي شاعري جو ترجمو ڏنل آهي. ٻيو مجموعو ”انداز بيان اور“ (1997ع) اردو غزلن تي مشتمل آهي، هن ڪتاب جو مهاڳ افتخار عارف لکيو آهي.
تاجل بيوس نظم کانسواءِ نثر ۾ به گهڻو ڪجهه لکيو آهي، جنهن ۾ مضمون، ڪهاڻيون، ڪالم، سفرناما، آتم ڪٿا، وغيره شامل آهن. جن جا پڻ ڪافي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. جن جو وچور هن ريت آهي.
(1)آريجن کان الهاس نگر تائين (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط) (2)ڏور به اوڏا سپرين (انڊيا جو سفر نامو) (3)اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو (انڊيا جو سفر نامو) (4)سج، چنڊ ڪتيون، تارا (سوانحي مضمون) (5)انگريزي شاعري جي تاريخ (6) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي: ڀاڱو پهريون) (7)ڏک سکن جي سونهن (ڀاڱون ٻيو ۽ ٽيون)، (8)جڄهان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون)
تاجل بيوس کي سندس شاعراڻي ڏات جي مڃتا طور ڪيترائي انعام پڻ مليا، جن ۾ سگا پاران گولڊ ميڊل (1983ع)، پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان فرسٽ پرائيز (1983ع) سهيوڳ فائونڊيشن ممبئي (ڀارت) وٽان نارائڻ شيام (Award of great poet-1997) اهم آهن.
تاجل بيوس 13ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچي جي تاريخي قبرستان چوڪنڊيءَ ۾ دفنايو ويو.