شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

عثمان علي انصاري

سنڌي ادب ۾ مرحوم عثمان علي انصاري جو نالو ٽن حوالن طور ورتو وڃي ٿو. هو سنڌي ٻوليءَ جي شروعاتي ڪهاڻيڪارن مان هو. سندس افسانا شڪارپور مان آسو مل راجپال جي ادارت هيٺ نڪرندڙ ماهوار ”سنڌو“ رسالي ۾ ڇپبا هئا .سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”پنج“ 1937ع ۾ ڇپيو. سچل سرمست ۽ شاهه جي رسالي جي ترتيب ۽ تدوين.

سوانح
عثمان علي انصاري ولد هدايت علي انصاري 21آڪٽوبر 1901ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1918ع ۾ پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ علي ڳڙهه ويو. جتي 1921ع ۾ انٽر پاس ڪيائين. بعد ۾ هڪ سال لاءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهڻ ويو ۽ 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. ساڳئي سال وڌيڪ تعليم لاءِ انگلينڊ ويو، اتي تعليم وٺڻ وقت هيءُ خانگي پڙهائي مان پيسو ڪمائي، خرچ جي پورائي ڪندو هو. 1925ع ۾ انگلينڊ مان ايم اي ۽ جرنلزم ۾ ڊپلوما وٺي واپس موٽيو. موٽڻ بعد ”بمبئي ڪرانيڪل“ اخبار ۾ سيد عبدالله بريلوي وٽ ڪجهه وقت لاءِ ڪم ڪيائين.
1925ع ۾ سر غلام حسين هدايت الله کيس ميرپورخاص مدرسي جو هيڊماستر ڪري رکيو. جتان پوءِ 1927ع ۾ بدلي ٿي نوشهروفيروز آيو. اتي هو 1933ع تائين رهيو ۽ پوءِ کيس ٻيهر ميرپورخاص هاءِ اسڪول ۾ رکيو ويو. 1940ع ۾ کيس ڪراچي ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتي 1947ع تائين رهيو. پوءِ کيس ايس ٽي ڪاليج ڪراچي جو پرنسپال ڪري رکيو ويو، جتان چئن سالن کانپوءِ 1950ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر مقرر ٿيڻ جي ڪري کيس ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. 1957ع ۾ پاڻ نوڪريءَ تان رٽائرڊ ڪيائين.
ڪجهه وقت کانپوءِ 1961ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري محمد ابراهيم جويو، سندس اصلوڪي ملازمت تي واپس گهرايو ويو ته عثمان علي انصاري ڪجهه عرصي لاءِ بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. ان کان اڳ پاڻ تڏهوڪي ”سنڌي ادب جي ترقي لاءِ صلاحڪار بورڊ“ جو 1940ع کان وٺي 1950ع تائين لاڳيتو سيڪريٽري ٿي رهيو. اهو بورڊ اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ بڻيو ۽ 1946ع ۾ شروع ٿيل ”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ جو چيئرمين رهي چڪو هو.
بورڊ ۾ رهندي سندس خدمتن جي اعتراف طورسائين جي ايم سيد لکي ٿو:
”سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر 1951ع ۾ ٺهڻ بعد ان تي گڏجي ميمبر ٿي ڪم ڪيوسون. هي انهن ڏينهن ڊائريڪٽر آف اسڪولس هو. هن ادبي بورڊ کي زور وٺائڻ لاءِ گهڻي محنت ۽ سرجوشي سان ڪوشش ڪئي.“

تصنيف ۽تاليف
عثمان علي انصاري ڪهاڻيون ته شروعاتي دور ۾ لکيو، جن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي، پر پاڻ پاڻ سچل سرمست ۽شاهه لطيف تي بنياد طور تي نئين انداز سان ڪم ڪيائين.

سچل سرمست جو سنڌي ڪلام
حضرت سچل سرمست جي سنڌي ڪلام جي ترتيب ۽ تدوين انصاري صاحب جو اهم ڪم آهي، جيڪو پاڻ 1952ع ۾ شروع ڪيائين، جنهن ۾ ڪوشش ڪري، سچل جو وڌ کان وڌ سنڌي ڪلام شامل ڪيائين.انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ مرزا علي قلي بيگ وارو نسخو (ٻنهي جلدن ۾)، پوڪرداس وارو نسخو، هريسنگهه وارو نسخو، آغا غلام نبي وارو نسخو، نماڻي فقير وارو نسخو ۽ ٻين ڪجهه قلمي نسخن کي ڀيٽي، ترتيب ڏئي، انهيءَ تي هڪ شاندار مقدمو لکي تيار ڪيائين. جيڪو پوءِ 1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو.

شاهه ڀٽائي تي ڪم
انصاري صاحب کي علم و ادب سان خاص طور تي شاهه ڀٽائي سان وڏو عشق هو. مهراڻ رسالي جي شروعاتي دور ۾ هن شاهه جي ڪن سُرن تي کوجنا ڪئي. نيون پڙهڻيون معنائن سان ڏيئي، پنهنجا اهي مقالا ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪرايا هئائين. ان کانسواءِ ڪراچي مان نڪرندڙ هڪ سنڌي رسالي ”اڄ ڪلهه“ ۾ پڻ اهو سلسلو جاري رکيائين. انهيءَ سلسلي ۾ سندس مقالو ”شاهه جي ڪيمياگري“ وڏي اهميت رکي ٿو. 1957ع ۾ جڏهن انصاري صاحب ميرپورخاص کان حيدرآباد ويندي ڪار جي حادثي ۾زخمي ٿيو ته انهن ڏينهن پاڻ شاهه لطيف تي ڪم ڪرڻ جو خاڪو مرتب ڪيائين.انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي پاڻ لکيائين:
”آگسٽ 1947ع ۾ آئون جڏهن اسپتال مان موٽي گهر آيس ته هنڌ تي پيئي پيئي شاهه جو رسالو کڻي پيو پڙهندو هوس. زماني ۾ مون کي خيال پيدا ٿيو ته جيڪر ڪن قلمي نسخن کان ڀيٽي تصديق ڪريان ته شاهه جي ڪن ڪن بيتن جون پڙهڻيون در حقيقت ائين آهن يا نه، جيئن ڪن ڇپيل نسخن ۾ ڏيکاريون ويون آهن“
بيماري مان چاڪ ٿي پاڻ انهي ڪم کي جنبي ويو ۽ لڳ ڀڳ ڏهه ڇاپي ۽ قلمي نسخا اڳيان رکي انهن جون پڙهڻيون ڀيٽي ٺاهي ڪم شروع ڪيائين. سندس انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندڙ غلام رباني لکي ٿو: ”انصاري صاحب ڪراچي کان ويهارو ميل پري ملير ۾ ڪهڙو شڪار ڪندو هو، تنهن جي ته مون کي خبر ڪونهي. البت هڪ ڏينهن پنهنجي ”فارم هائوس“ مان اندران ننڍيو ننڍيو اڇن ڪاغذن جون بنديون کڻي آيو. ٻه ٽي بنديون سڄي جون سڄيون، شاهه جو شعرن سان ڀريل هيون. انهن مان ڪي مون کي پڙهي ٻڌايائين ۽ انهن جي معنى مطلب سمجهايائين.“
انصاري صاحب اهو رسالو پنهنجي زندگي ۾ ئي تيار ڪري ڇڏيو هو، پر اهو سنڌي ادبي بورڊ کي سندس وفات کانپوءِ مليو، جنهن جو ذڪر ڪندي غلام رباني آگرو لکي ٿو:
”سندس وفات کان ڪجهه سال پوءِ سندس پيارو شاگرد ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، موجودهه رسالي جومسودو ڇپائي لاءِ بورڊ جي آفيس ۾ کڻي آيو. مسودو نيري رنگ جي پراڻي ريشمي پوتڙي ۾ ويڙهيل هو. جڏهن کوليم ته حيران ٿي ويس.سڄو رسالو لڳ ڀڳ مڪمل هو. منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال اٿيو ته انصاري صاحب سنڌي ادبي بورڊ سان وابسته هو، پوءِ به خبر ناهي ته پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ رسالي جي ڇپائي ڇو نه شروع ڪرايائين.“

رسالي جي پڙهڻي
رسالي جي مقدمي ۾ انصاري صاحب مختلف بيتن جي پڙهڻين تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي ۽ مثالن سان سمجهايو اٿس ته شاهه جي رسالي ۾ ڪافي بيت اهڙا به داخل ڪيا ويا آهن، جيڪي مختلف شاعرن جا چيل آهن ۽ اهي شاهه جي محفل ۾ پڙهيا ويندا هئا. پوءِ مؤلفن بنا ڪنهن تحقيق جي اهي شاهه جا ڄاڻائي رسالي ۾ داخل ڪري ڇڏيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ شاهه جي ڪيترن ئي بيتن جو مثال پنهنجي مقدمي ۾ پيش ڪيو اٿس. نموني طور ’سر سارنگ‘ جي چوٿين داستان جو ڏهون بيت حاضر آهي. موجوده رسالن ۾ اهو بيت ٽن سٽن جو لکيو ويو آهي. اهو بيت هن ريت آهي:
ڍَٽ ڍَري پٽ پيئون، وڄن ڪيا ڌرم،
واحد وڌائي ڪيا، ڪُنڍن ساڻ ڪرم،
سنگهارن شَرمَ، رک منهنجا سپرين.
انصاري صاحب جي دليل موجب، مٿينءَ بيت مان ٽين سٽ نالي واري هئي، تنهن کي مؤلفن ڪيرائي، اهو بيت لطيف جي نالي ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. سندس چواڻي اهو پورو بيت عيسى سگهڙ جو آهي، جوهن ريت درج ٿيل آهي.
ڍَٽ ڍري پٽ پيئون، وڄن ڪيا ڌرم،
واحد وڌائي ڪيا، ڪُنڍين ساڻ ڪرم
اوئي ٿي ”عيسو“ چئي، ڇاڇر سڀڪا ڇم
سنگهارن شرم، رک منهنجا پيرين.
”پوري بيت ۾ خيال فرمايو ته اوهان کي ڪنهن به سٽ مان نه ڀٽائي جو حسين تخيل ڏيکاربو ۽ نه سندس سلاست، لفظ ڌرم جو استعمال به غور طلب آهي. معنى ڪئي وئي اٿس ڀلايون،يعني ته ڌرم ڪرڻ جي محاوري کان ڪم ورتو ويو آهي. پڇاڙي واري سٽ ۾ باوجود وڄن جي ڌرم ڪرڻ ۽ ڪُنڍين سان ڪرم ڪرڻ کانپوءِ به ايئن ظاهر ڪيو ويو آهي ڄڻ ته سنگهارن جي لڄ به خطري کان خالي نه آهي.“
مقدمي ۾ اهڙن ڪيترن ئي بيتن تي بحث ڪيو ويو آهي. انصاري صاحب پنهنجي رسالي ۾، شاهه جي بيت هئڻ جو ماپو پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي اخلاق جون تصويرون قرار ٿو ڏي، جيئن مقدمي ۾ لکي ٿو:
”جنهن (شاهه لطيف) پنهنجي منهن مان ڪو گٿو اکر نه اُچاريو، جنهن مصلح ڪڏهن چُمي يا بوسه جو لفظ به ڪم نه آندو هجي. ان جي ڪلام ۾ هيءُ سٽ داخل ڪرڻ کي مان ڇا چوان؟ ”پريان جي پستان جو، فاقو ئي فرحت،“ جيڪڏهن مون جهڙي گنهگار کي اها سٽ نقل ڪندي ئي شرم ٿو اچي ته اهڙي سٽ کي ڀٽائي جي سٽ قبول ڪندي ته انهن مؤلفن صاحبن کي قيامت جي ڏينهن جواب ڏيڻو پوندو (ص 42).“
تنوير عباسي رسالي تي تبصرو ڪندي انصاري صاحب جي مٿين ڳالهه جي هنن لفظن ۾ وضاحت ٿو ڪري:
”حقيقت اها آهي ته شاهه لطيف جو قصور اهوآهي جو هو سيد هو ۽ هڪ درگاهه سان تعلق هئس. ان ڪري اسان جي عالمن تي اهو فرض ٿي پيو آهي ته هو ان کي مافوق الفطرت ثابت ڪن،هو انسان نه هو، نه سندس سيني ۾ دل هئي، نه ان ۾ دل ۾ درد هو، شاعر نه هو، پر ان کان مٿڀرو ولي هو، پر شاهه لطيف ته عطا جي شعر وانگر:
ڪفر ڪافر راو دين ديندار را
ذره درد عطا را..
شاهه ته دل ۾ درد رکندڙ، هڏ ماس ۽ چم وارو انسان هو، جنهن جي شاعري درد ۽ عشق سان ٽمٽار آهي.“
انهيءَ رسالي تي انهي جي جوڙجڪ ۽ اهميت تي وڌيڪ بحث مباحثو عالمن جو ئي ڪم آهي.
عثمان علي انصاريءَ جو اهو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو پنجٽيهه سال دربدر ٿيڻ کانپوءِ 1997ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هن رسالي کي نئين سر ترتيب ڏئي،نظر مان ڪڍي ڇپائي لائق بنائڻ ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق جو وڏو ڪردار آهي. رسالي جا ڪل صفحا 816 آهن.
مٿين رسالن کانسواءِ عثمان علي انصاري جا ٻيا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن.
درس عمل (1936ع) پنج (ڪهاڻيون 1937ع) گمراهه دوست (ترجمو-1939ع) ادبي انتخاب (1944ع) يوناني فلسفو (ترجمو 1951ع) جنهن جو ٻيو ڇاپو ”الا ڏاهي ۾ ٿيان“ جي نالي سان ڇپيو، جرم وفا (ترجمو-ناٽڪ) ۽ سنڌي نثر-
عثمان علي انصاري 2سيپٽمبر 1962ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.