شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

قاضي فيض محمد

سنڌ جي هن مرد مجاهد ۽ مجذوب لاءِ محترم جي ايم سيد لکي ٿو: ”قاضي (فيض محمد) صاحب مخلص، اڻٿڪ، جوشيلو، جذباتي قومي ڪارڪن آهي، قرباني جو مادو منجهس گهڻو آهي. جڏهن به قومي ڪم جي تقاضا ٿي ته هي وقت ۽ پئسي وغيره جي پرواهه نه ڪري، هڙئون وڙئون خرچ ڪري، ڪم ۾ ڪاهي پوندو آهي. هن قحط الرجالي جي حالت ۾ اهڙن ماڻهن جي اڪثر کوٽ رهي ٿي“
قاضي فيض محمد جي آتم ڪهاڻي ”منهنجو سفر“ پڙهڻ سان محترم جي ايم سيد جي مٿين لفظن جي هوبهو عڪاسي ٿئي ٿي. البت منهنجي لاءِ انهي ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ بيحد ڏکيو آهي ته قاضي صاحب جو شمار سياستدانن ۾ ڪجي يا عالمن ۽اديبن ۾. سياست ۾ ته هن سرگرمي سان حصو ورتو، پر ادبي کيتر ۾ هو شاعر هئڻ سان گڏ ناول نويس به هو. سندس لکيل ٽي ناول ”جنسار“ ”اڻ ڄاڻ“ ۽ ”ٻاويهه سو ٻاويهه“ سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.

سوانح
قاضي فيض محمد 23نومبر 1908ع تي هالاڻي ضلع نوشهروفيروز ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم هالاڻين ۾ ورتائين. ثانوي تعليم هالاڻي، خيرپور ميرس، نوشهروفيروز جي هاءِ اسڪولن ۾ ورتي ۽ سن 1929ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. 1935ع ۾ بي ايس سي ۽ 1940ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪري وڪالت شروع ڪيائين.

عملي زندگي
قاضي فيض محمد عملي سياسي زندگي 1919ع ۾ خلافت ۽ ڪانگريس جي هلچل ۾ حصو وٺڻ سان شروع ڪئي. 1928ع ڌاري جڏهن سائمن ڪميشن جا ميمبر گاڏي مان پڊعيدن اسٽيشن کان لنگهيا ٿي ته هن ٻين شاگردن سان گڏ وڃي اسٽيشن تي ”سائمن گو بئڪ“ جا نعرا هنيا هئا. 1922ع ڌاري قاضي صاحب خيرپور هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو، ان وقت ۾ علاما آءِ آءِ قاضي خيرپور رياست ۾ سيشن جج هو، جنهن جي بابرڪت صحبت کان مستفيض ٿيو. 1933ع ۾ جڏهن ڪراچي ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ 1942ع ۾ جڏهن بنگال ۾ ڏڪار پيو ته قاضي صاحب خاڪسار تحريڪ طرفان والنٽيئر ٿي ٻن مهينن جي لاءِ بنگال ويو. 1943ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1948ع ڌاري هاري ڪميٽيءَ ۾ داخل ٿيو. 1951ع ۾ کيس سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. ان عهدي تي هي ٻه سال رهيو. 1952ع ڌاري ميان افتخارالدين سڀني قومپرست ڪارڪنن کي ”آزاد پاڪستان پارٽيءَ“ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته قاضي صاحب به ان ۾ شامل ٿيو. 1956ع ۾ عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ انهيءَ جو سنڌ لاءِ جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهي وقت حسين شهيد سهروردي پاڪستان جو وزيراعظم هو، جنهن ون يونٽ جي فائدي ۾ بيان ڏنا ۽ خارجا پاليسي ۾ اهڙو رويو اختيار ڪيو، جيڪو عرب قومپرستي جي خلاف هو. انهن ڳالهين تان قاضي صاحب ڪيترن ئي دوستن سميت عوامي ليگ تان استعيفا ڏيئي ٻاهر نڪري آيو ۽ پاڪستان نيشنل پارٽي جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ڪجهه وقت کانپوءِ نيشنل عوامي پارٽي ٺهي ته قاضي فيض محمد سنڌ نيشنل پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. ساڳئي وقت هن جي هارين سان همدردي پڻ هلي آئي. الاٽي هارين کان جڏهن پاڪستان سرڪار زمين کسي، مهاجر دعويدارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته قاضي صاحب ان خلاف هارين جي جدوجهد هلائي ۽ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪيائين. انهي تحريڪ جو تفصيلي ذڪر سندس ڪتاب ”هاري ڪميٽي ۽ الاٽي تحريڪ“ ۾ ملي ٿو.
قاضي فيض محمد 66-1965ع ۾ شيخ مجيب الرحمان جي دعوت تي سندس ڇهن نقطن کان متاثر ٿي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ کيس عوامي ليگ جو سينيئر نائب صدر چونڊيو ويو. 1970ع وارين چونڊن ۾ قاضي صاحب نوابشاهه مان عوامي ليگ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي لاءِ اميدوار بيٺو، پر مقامي سياسي رسه ڪشين جي ڪري ڪامياب ٿي نه سگهيو.
1971ع ۾ بنگلاديش جي ٺهڻ کانپوءِ قاضي صاحب جو ڪنهن به پارٽي سان واسطو نه رهيو ۽ پاڻ ڪجهه وقت ملڪي حالتن جي ابتري سبب بنگلاديش ۽ پوءِ انگلينڊ ۾ جلاوطن ٿي رهيو، جتان موٽڻ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي کيس ڪجهه عرصو نظربند ڪري رکيو. قاضي صاحب پنهنجو پويون وقت نوابشاهه ۾ وڪالت ڪندي گذاريو ۽ 13آڪٽوبر 1982ع تي 74سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
قاضي فيض محمد، علاما آءِ آءِ قاضي جي صحبت ۾رهيو هو. هو هڪ سچو صوفي، عاشق رسول، سنڌ جو شيدائي هئڻ سان گڏ هڪ فلسفي، مفڪر، ناول نگار، شاعر، موسيقار ۽ سنڌ واد آرٽسٽ هو .

ادبي خدمتون
قاضي فيض محمد، پهريون ادبي مضمون 1931ع ۾ لکيو جنهن جوذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
”ستين درجي انگريزيءَ ۾ يعني ميٽرڪ ۾ هوس، جڏهن اسان جي استاد عثمان علي انصاري وٽ سندس هڪ دوست آيو، جنهن کيس چيو ته هو اسان جو امتحان وٺڻ ٿو گهري. استاد اسان کي مضمون لکڻ جي لاءِ ڏنو. عورت جنهن جو مڙس پرديس ۾ مري ٿو وڃي، جا تڏي تي ويٺي آهي ته ٻاهر سندس پٽ گاڏي هيٺ اچي فوت ٿي ٿو وڃي، انهي عورت جي ڪيفيت ۽ هوءَ ڪيئن روئندي هوندي، اُهو اسان کي انگريزيءَ ۾ اظهار ڪرڻو هو، ان مضمون ۾ مان پهريون نمبر آيس. انهي کانپوءِ شعر ۽مرثيا لکيم ۽ پڙهيم.“
ائين قاضي فيض محمد جي لکڻ جي ابتدا ٿي. هن پنهنجو پهريون ناول ”جنسار“ 1954ع ۾ سکر جيل ۾ لکيو.
هيٺ قاضي فيض محمد جي ڪتابن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

جنسار
پهريون ڀيرو 1956ع ۾ ٻيو ڀيرو 1980ع ۾ سڌاري ۽ واڌاري سان شايع ٿيو. ناول جي پيش لفظ ۾ مقبول ڀٽي لکي ٿو: ”قاضي فيض محمد جو ”جنسار“ سنڌي ۾ هيل تائين سمورن اصلي لکيل ناولن جو صحيح معنى ۾ سرتاج آهي. هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان ۾ اهڙا ناول تمام ٿورا لکيا ويا آهن. سچ ته هن نئين قسم جي ”ناول“ ۾ فاضل مصنف سنڌ جي نوي سيڪڙو سٻاجهڙن جي اصلي صورت عڪس ڪري، هن ملڪ جي سنجيده ۽سمجهدار طبقي کي هڪ معاشرتي ۽ ذهني انقلاب آڻڻ لاءِ اثرائتي نموني ۾ دعوت فڪر ڏني آهي.“

2- ٻاويهه سئو ٻاويهه
هي ناول 1979ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ ۾ اهو پهريون ناول آهي، جيڪو مستقل بيني کي متعارف ڪرائي ٿو ۽ سنڌ ۾ مستقل بيني کي قاضي صاحب هن ناول ”2222“ جي ذريعي متعارف ڪرايو. ناول جو جائزو وٺندي محترم محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
”هن ناول ۾ قاضي صاحب پنهنجي پياري وطن ۽ ان جي غريب ماورئڙن جي بهتر مستقبل جو خواب بيان ڪيو آهي. قاضي صاحب جو هي خواب سڄي انسان ذات جي بهتر مستقبل جو خواب آهي.“

3-اڻڄاڻ:
هي قاضي فيض محمد جو ٽيون ناول آهي، جيڪو 1993ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول پڻ قاضي صاحب جي اڳين ٻنهي ناولن جيان پنهنجي سنڌ وطن جي حالتن جو علامتي انداز ۾ مرثيو ئي آهي. جيڪو هن پنهنجي مخصوص اسلوب ۾ چٽيو آهي. قاضي فيض محمد جي ٽنهي ناولن ۾ سنڌ انهي جا اٻوجهه لوڪ انهن جا درد ۽ مسئلا ئي مرڪزي حيثيت رکن ٿا.
4-علاما آءِ آءِ قاضي
قاضي فيض محمد، علاما آءِ آءِ قاضي جي صحبت ۾ رهيو هو ۽انهي جي تربيت جي رنگ ۾ رچيو هو. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1981ع ۾ قاضي صاحب جي يادن جي حوالي سان ڇپيو هو ۽ پوءِ 1991ع ۾ ناز سنائي مذڪوره مضمون ۽ ڪجهه ٻيا مضمون قاضي صاحب جا، فيض محمد ڏي لکيل خط گڏي ”علاما آءِ آءِ قاضي“ جي عنوان سان ڇپايو. بلاشڪ هي ڪتاب علاما آءِ آءِ قاضي جي شخصيت بابت بهتر ڄاڻ مهيا ٿو ڪري.

5-منهنجو سفر
قاضي فيض محمد جي آتم ڪهاڻي آهي، جيڪا هن 1975ع ۾ لکي. پر بدقسمتيءَ سان سندس وفات کان سترهن سال پوءِ 1999ع ۾ شايع ٿي. حقيقت ۾ هي ڪتاب نه رڳو هڪ شخص جي آتم ڪهاڻي آهي پر هڪ دور جو تاريخي دستاويز پڻ آهي، جيڪو مستقل جي سنڌ جي اڏڻ ۾، ماضي جي تجربن مان سکڻ جو اهم دستاويز آهي.

6-هاري ڪميٽي ۽الاٽي تحريڪ
قاضي فيض محمد، سنڌي هارين جي حقن لاءِ 1957ع ۾ تحريڪ شروع ڪئي ۽ جولاءِ، آگسٽ 1957ع ۾ انهيءَ سلسلي ۾ صدر پاڪستان اسڪندڙ مرزا جي بنگلي جي سامهون هڪ وڏو مظاهرو ڪرايو ويو، جنهن ۾ 16-17 هزار هاري شريڪ ٿيا. ڪتاب انهي تحريڪ جو دستاويز ۽ انهي جي يادن تي ٻڌل آهي. ڪتاب جي اهميت بيان ڪندي پبلشر لکي ٿو:
”هي يادون، اسان جي شڪستن ۽ سوڀن جو مختصر داستان آهن. ۽ اهي يادون اسان جي گهڻي رهنمائي ڪري سگهن ٿيون. اسان جون ننڍيون ننڍيون شڪستون وڏي سوڀ ۾ بدلجي سگهن ٿيون.“ هي ڪتاب 1984ع ۾ شايع ٿيو.
مٿين ڪتاب کانسواءِ قاضي فيض محمد جي شاعري ۽ سنڌي توڙي انگريزي ۾ لکيل مضمونن ۽ ڪيل تقريرن جو پڻ ڪافي مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ سندس پونيئرن وٽ محفوظ آهي.