امر جليل

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، نثر نويس، ڪالم نگار ۽ ٽي ويءَ جو ڊرامانگار، امر جليل 8 نومبر 1936ع تي سنڌ جي مشهور شهر روهڙيءَ ۾ ڄائو. سندس اصل نالو عبدالجليل ولد عبدالغني قاضي آهي. پاڻ ابتدائي تعليم، ڪراچيءَ جي رتن تلاءُ پرائمري اسڪول مان ورتائين. وڌيڪ بي. اي. تائين تعليم نوابشاهه مان ورتائين. پوءِ ٻيهر ڪراچي آيو ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم. اي ڪيائين. ان کان سواءِ ايم. اي هسٽري به آهي.

هن کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ جو چاهه هو. 1956ع ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ”اندرا“ جي عنوان سان نوابشاهه مان نڪرندڙ سنڌي رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي. 1963ع ۾ سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ”انسان“، ”نئشنل ٿيئٽر، ڪراچيءَ ۾ پيش ڪيو ويو. هن جو ريڊيو لاءِ لکيل پهريون ڊرامو ”درياءُ توتي دانهن“ 1967ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ڪيو ويو. 1968ع ۾ هن جي پهرين لکيل فلم ڪهاڻي ”نوري ڄام تماچي“ هئي. ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ جي عنوان سان سندس پهريون اخباري ڪالم 4 مئي 1972ع تي روزاني هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. ساڳئي نالي سان سندس ڪالمن جو مجموعو پڻ ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سندس ڪالمن جو ٻيو مجموعو ”سنڌو منهنجي ساهه ۾“ پڻ ڇپيل آهي. سندس اردوءَ ۾ پهريون ڪالم ”ڪڇ سچ ڪڇ جهوٽ“ اپريل 1974ع ۾ هفتيوار ”الفتح“ ۾ ڇپيو. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”دل جي دنيا“ آهي، جيڪو پهريون دفعو 1968ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جا ڪيترا ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. اهو ڪتاب ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيو آهي. امر جليل کي ان ڪتاب تي ادبي انعام به مليل آهي. سندس ڪهاڻين جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾

  • ”دل جي دنيا“
  • 'تاريخ جو ڪفن“
  • ”جڏهن مان نہ هوندس“
  • ”ٽيون وجود“
  • ”منهنجو ڏس آسمان کان پڇو“
  • ”رني ڪوٽ جو خزانو“
  • ”جيجل منهنجي ماءُ“
  • ”امر جليل جون اوائلي ڪهاڻيون“
  • ”چنڊ وسامي ويو“

وغيره ذڪر لائق آهن. هر مجموعي جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا اٿس. هن جي ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ سنڌ ۾ اشاعت ۽ وڪري جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، جنهن جون 10 هزار کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امر جليل جا ڪُل 18 ڪِتاب موجود آھن


امر جليل جا ڪتاب

دل جي دنيا، ليکڪ : امر جليل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دل جي دنيا
ليکڪ : امر جليل
تاريخ جو ڪفن، ليکڪ : امر جليل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
تاريخ جو ڪفن
ليکڪ : امر جليل
سرد لاش جو سفر، ليکڪ : امر جليل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سرد لاش جو سفر
ليکڪ : امر جليل
رني ڪوٽ جو خزانو، ليکڪ : امر جليل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
رني ڪوٽ جو خزانو
ليکڪ : امر جليل
لـهندڙ سج جي لام، ليکڪ : امر جليل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
لـهندڙ سج جي لام
ليکڪ : امر جليل
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ