هي ڪتاب ”سنڌنامو“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جو لکيل آهي، جنهن ۾ تاريخ جا نوان پراڻا ورق، اولڙا ۽ عڪس شامل آهن. امر جليل لکي ٿو : ”مان وهمي ناهيان. پر، مان آهُن ۽ دانهن جي اثر جو منڪر به نه آهيان. ويجهڙائيءَ واري تاريخ ۾ مان سنڌ جي عبرتناڪ زوال جو اکين ڏٺو شاهد آهيان، عيني گواهه آهيان.”
تاريخ، فلسفو ۽ سياست
سنڌنامو
- 5.0/5.0
- 5544
- 2592
- 4 ڏينهن اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (274) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سنڌنامو“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جو لکيل آهي، جنهن ۾ تاريخ جا نوان پراڻا ورق، اولڙا ۽ عڪس شامل آهن.امر جليل لکي ٿو :
”مان وهمي ناهيان. پر، مان آهُن ۽ دانهن جي اثر جو منڪر به نه آهيان. ويجهڙائيءَ واري تاريخ ۾ مان سنڌ جي عبرتناڪ زوال جو اکين ڏٺو شاهد آهيان، عيني گواهه آهيان. ويجهڙائيءَ واري تاريخ مان منهنجي مراد آهي ورهاڱي کان پوءِ واري سنڌ جي تاريخ. گذريل ٽيهٺ سالن ۾ سنڌ پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا وڃائي ڇڏي آهي. سنڌ جو مانُ ۽ مرتبو، ٻولي، تهذيب، تمدن، ثقافت، ۽ اعليٰ قدر Values ماضيءَ جي ميراث ٿي پيا آهن. اڄوڪي سنڌ قطعي اُها سنڌ ناهي جيڪا سنڌ مون 1947 کان اڳ ڏٺي هئي. تڏهن، سنڌ جو شمار هندستان جي سٺن ۽ سهڻن صوبن ۾ ٿيندو هو. اڄوڪي ڀڙڀانگ سنڌ اُها ڪالهوڪي آبدار سنڌ ناهي جنهن جي تهذيب ۽ تمدن جي هاڪ ٻڌي قديم آثارن جا ماهر مارٽيمر ويلر ۽ سرجان مارشل هيڏانهن هليا آيا هئا.“
هي ڪتاب ڪاڇو پبليڪيشن پاران 2011ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون فيسبوڪ جي پيج ”فينس آف امر جليل“ جي ايڊمن سارنگ امداد ۽ ٻين دوستن جا جن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. ٿورا سائين امر جليل صاحب جا جنهن نوجوانن لاءِ اتساهه ۽ اميدن ڀريل پيغام سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ امر جليل
- ڇپيو ويو 2011
- ڇپائيندڙ ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، سنڌ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 17/Oct/2016
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 2592 ڀيرا