باب چوٿون
راجا رنجيت سنگهه هڪ اک وارو هجي، يا کڻي ٻن ۽ ٽن اکين وارو، اسان سنڌين لاءِ ٻرو آهي. راجا رنجيت سنگهه جو نالو ٻڌي اسان جي بيحد ٿلهن حڪمرانن کي ڪنبڻي وٺي ويندي هئي. ڪجهه حڪمرانن کي تپ چڙهي ويندو هو. ڪجهه حڪمرانن کي پخال جهڙي پيٽ ۾ وڪڙ پوندا هئا. اسان جي سورهيه حڪمرانن جي بهادريءَ جا پڙاڏا انگريزن کي هندستان ۾ ٻڌڻ ۾ آيا. ان وقت تائين انگريزن کاٽ هڻي مغلن جي سلطنت کي کوکو ڪري ڇڏيو هو. ڳالهه وڃي بچي هئي بهادر شاهه ظفر جي جلاوطنيءَ ۽ رنگون ۾ دفن ٿيڻ جي. انگريزن جي سنڌ جي ٿلهن حڪمرانن ۽ ڏٻري عوام ۾ دلچسپي وڌي ويئي. مٿان جو خبر پَين ته مير صاحبان، يعني ”حڪمرانا سنڌ“، سنڌ سڳوريءَ کي ٽن حصن ۾ تين وال ڪري ڇڏيو هو، انگريز بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيا. اندروني ڏڦير ۽ ذاتي دشمنين کان وڌيڪ مناسب ماحول ويسا گهاتين کي ٻيو ڪهڙو گهرجي! سنڌ جو سُڌ سماءُ لهڻ لاءِ انگريزن ڊسمبر 1831ع ۾ خير سگالي وفد جي نالي ۾ هڪ مشن سائنسي بنيادن تي تيار ڪيو. مشن جي مخفي رپورٽ تي انحصار ڪندي ٻارهن سال پوءِ، 1843ع ۾ سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪئي. اسان سنڌي دنيا جي وائڙين قومن جا ورلڊ چيمپئن آهيون.
مشن جا ميمبر هئا:
ليفٽننٽ ڪرنل پوٽنجر
پي اسڪاٽ
ڪيپٽن پوٽنجر
سنڪليئر
ليفٽننٽ مورس
۽، ايڊورڊ ڊيلهوسٽ، جنهن مشن جي سنڌ ۾ سفرنامي کي قلمبند ڪيو، ۽ پنهنجي رپورٽ ۾ انگريز سرڪار کي سنڌ تي حملي مهل ڪَاهه لاءِ مناسب قدمن جو ڏس ڏيئي ڇڏيو.
اسين سنڌي شل نه اڇي چمڙي ڏسون! اَک ٽيڏي، واڇ گودو، گگ پئي وات مان ڳڙندي! ضروري ناهي ته اسين فقط پرديسين جي اڇي چمڙيءَ تي مري پوندا آهيون. اسين ديس واسين جي اڇي چمڙيءَ تي به مرڻ ۾ دير نه ڪندا آهيون. مُلڪ جي مال روڊن تي ٻيو ڪو نظر اچي، يا نه اچي، اسين خيرن سان نظر ايندا آهيون. ٻانهن جي لوڏ لوڏان سان مُڇَ پئي مروڙبي، ۽ اڇي چمڙيءَ تان قربان ٿي وڃڻ جي تياري پئي ڪبي.
تين وال ڪيل سنڌ جي حاڪم مير صاحبان (هڪڙا مير ميرپور خاص مان ٻيا مير حيدرآباد مان، ۽ ٽيان مير خيرپور مان سنڌ تي حڪومت ڪندا هئا)کي جڏهن اڇي چمڙيءَ وارن گورن مهمانن جي خيرسگالي وفد جي آمد جي خبر پيئي ته همراهه وڇانئجي ويا. مٽيءَ هاڻي ڏٻري رعيت کي قطارن ۾ بيهاري ڇڏيائون. پيٽ بکين کان انگريزن جي مانَ ۾ نعرا هڻايائون. ڀلي ڪري آيا ــ ڀلي ڪري آيا!
انگريز اهڙو ڀلي ڪري آيا، جو سنڌ مان وري نه ويا. جوزف نالو مٽائي يوسف ٿي پيو، ۽ موزز نالو مٽائي موسيٰ ٿي پيو. ٻنهي ڄڻن ايڊورڊ ڊيلهوسٽ وانگر سنڌين جي ”ويڪ پوائنٽس“ جو ذڪر پنهنجي رپورٽ ۾ ڪري ڇڏيو. هر دور ۾ هڪ سر چارلس نيپئر هڪ نائومل جي مدد سان سنڌ جي سينڌ اُجاڙيندو، ۽ ڌرتيءَ کي داغ ڏيندو رهيو آهي.
سنڌ ۽ سنڌين جو سَروي ڪندي مشن کي نه لهر آئي، ۽ نه لوڏو. ڌاڙيلن به کين نه ورايو. ڪنهن ڪنهن مهل وائڙن وانگر واٽ وڃائي ويهندا هئا. اولهه بدران اوڀر کان وڃي نڪرندا هئا. انگ اُگهاڙا ۽ پيٽ بکيا سنڌي کين ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا هئا. ويندي، جو ميرن جي وسيع شڪار گاهن ۾ به کين جهل پل نه هئي. ورنه، دستور اِهو هو، جو اوپري شخص لاءِ شڪار گاهه ۾ داخل ٿيڻ، يا شڪار گاهه جي ڀرسان لنگهڻ ممنوع هو. خلاف ورزي ڪرڻ واري لاءِ مير صاحبان موت جي سزا رکي هئي. اِن الزام جي آڙ ۾ ڪيترا بيگناهه پوليس مقابلي وانگر مارجي ويندا هئا. مشن اِن ڳالهه تي خاص طرح خوشي محسوس ڪئي جو هندستان ۾ انگريزن خلاف نفرت اڃا سنڌ نه پهتي هئي! هر ڪو پيو مکڻ، ماکي ۽ کير ملائي کارائين!
17 جنوري 1832، يعني، اڄ کان هڪ سئو سٺ سال اڳ، مشن مير علي مراد جي ميرپور ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ شهر جي ويجهو پڙاءُ وڌو هو. رات جي وڳڙي ۾، لڪي ڇپي، هندن جو هڪ وفد انگريزن جي مِشن سان ملڻ آيو. انگريزن کي دانهن ڏنائون ته ميرن جو ساڻن برتائو بهتر نه آهي.(ميرن هندن کان ڏن ۽ ڀنگ وٺندا هئا، جزيو ڀرائيندا هئا. کين پڳ ٻڌڻ نه ڏيندا هئا. گهوڙي تي سواري هنن لاءِ ممنوع هئي.) کين تنگ ڪيو ٿو وڃي! ۽، ڀُڄَ ۾ انگريزن جي راڄ هيٺ هندو سُک جو ساهه کڻي رهيا آهن، تنهن ڪري سرڪار وارو ڪريو، ميرن کان سنڌ کسي وٺو!
مشن جي رپورٽ ۾ هندن وارو حوالو ڪيستائين درست آهي، اِنَ جي تصديق ٿي نه سگهي آهي. ان قسم جو هڪ حوالو مشن ميرپور ۾ پڙاءَ دوران به ڏنو آهي. مسلمان شهرين کان شهر جي آباديءَ بابت پڇيائون. جواب ملين ته شهر جي آبادي پندرهن ويهه هزار کن آهي. پڇيائون ته، پندرهن ويهن هزارن جي آباديءَ مان هندو ڪيترا آهن؟ جواب ملين ته اسين ڪُتن کي نه ڳڻيندا آهيون.
انگريز، عوام کي پاڻ ۾ وڙاهي پاڻ مزي سان ويهي حڪومت ڪندو هو. هندو برهمڻ جي نفرت جو اندازو سولائيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. پر، سنڌ جي صوفي منش ۽ مولائي مسلمانن جي اهڙي نفرت جو اظهار تصديق طلب آهي. شاهه لطيف، سچل، ۽ شاهه عنايت جا معتقد اهڙي شدت سان نفرت نه ڪندا آهن. اختلاف رکڻ ۽ نفرت ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي.
مشن جا ميمبر ڏاڍو گُد گُد ٿيا هئا، جڏهن مير صاحبان جا گماشتا کائن لِڪ ڇُپ ۾ حاڪمن لاءِ ولايتي شراب جون بوتلون وٺڻ آيا هئا. تڏهن، انگريزن کي پڪ ٿي ويئي هئي ته سنڌ سندن هٿن مان نه ويندي.
1991