باب ڏهون
آگسٽ جي 27 تاريخ هئي، ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي عرس جو ٽيون ۽ آخري ڏينهن هو. صبح جو ساڍي اٺين لڳي سنڌ جي وڏي وزير کي لطيف ايوارڊ جي تقريب ۾ صدارت ڪرڻ لاءِ اچڻو هو. پنهنجي ڪمري مان نڪرڻ مناسب نه سمجهيم. مان حاڪم جي اڳيان ۽ گهوڙي جي پٺيان نه لنگهندو آهيان. پردي ۾ رهڻ کي عافيت سمجهندو آهيان. ڪمري جي در کي وٿ ڪري جهاتي پاتم. گيسٽ هائوس جي سموري علائقي تي پوليس، ۽ قانون نافذ ڪرڻ ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ وارين ايجنسين قبضو ڪري ورتو هو. مختلف قسم ۽ نوعيت جا اهلڪار موجود هئا. منجهائن ڪي سنها هئا، ۽ ڪي ٿلها، ڪي بندرا هئا، ۽ ڪي ڊگها، ڪي سانورا هئا، ته ڪي ڪارا، ڪي ورديءَ ۾ هئا، ۽ ڪي سادن ڪپڙن ۾ . ٻه ڳالهيون سڀني ۾ هڪ جهڙيون هيون ـــ ڏسڻ ۾ سڀئي ڄڻ خونخوار بگهڙ جهڙا خطرناڪ هئا، ۽ سڀني جا پيٽ ضرورت کان وڌيڪ ٻاهر نڪتل هئا. هڪڙي انسپيڪٽر موقعي جي مناسبت سان سونهاريءَ کي، يعني ڏاڙهيءَ کي تازو خضاب سان ڪارو ڀنور ڪري ڇڏيو هو. سندس پتلون سخت سوڙهي هئي، ۽ سٿرن وٽان کيس بنهه ڦاٿل هئي. هن ويچاري ڏاڍي ڀڄ ڊڪ پئي ڪئي. پاڻ پتوڙي وڌو هئائين.
مون در مان جهاتي پاتي. اڌ ڊزن کن جانٺن جوانن نهايت غضبناڪ نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو. مون محسوس ڪيو، جيڪڏهن هڪدم ڪمري جو در بند نه ڪيم ته مون کي يڪ طرفه پوليس مقابلي ۾ ماريندي ويرم نه ڪندا. مون در بند ڪري ڇڏيو.
تاريخ عبرتڪدو آهي، پر ڪنهن به عبرت حاصل نه ڪئي آهي. وقت جا حاڪم وڏي اهتمام ۽ ٺٺ ٺانگر سان درويشن جي درگاهه تي ايندا آهن، وڏي دٻ دٻي سان چادر چاڙهي، فوٽا ڪڍائي هليا ويندا آهن. وري ٻئي ڪنهن موقعي تي موٽي ايندا آهن، پر سندن نالا ٻيا هوندا آهن. درويشن جون بادشاهيون برقرار هونديون آهن. وقت جا حاڪم بدلجندا رهندا آهن. حاڪمن لاءِ حفاظت جا اُپاءَ ڪرڻ وارا شڪليون مٽائي ظاهر ٿيندا آهن. سندن نالا ٻيا هوندا آهن، پر سندن عهدا ساڳيا هوندا آهن. حفاظت جي نالي ۾ ماڻهن سان سندن ظالماڻو رويو ساڳيو هوندو آهي.
جنهن درويش چيو:
سورهيه مَرين سوڀ کي، دل جا وهم وسارِ .
اهڙي درويش جي درگاهه تي سِرُ سهسائي، ۽ سِرَ جو سانگو لاهي اچبو آهي. جيڪا دل موت جي وهم کان پئي ڪنبندي، ۽ سپاهين جي حفاظت جي متلاشي هوندي، سا دل درويش جو سڏ ڪيئن ٻڌي سگهندي:
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار.
بائيبل ۾ هڪ هنڌ آيل آهي:
انسان کي اهڙين حاصلات مان ڪهڙو فائدو، جو هو سموري دنيا جون نعمتون ۽ دولتون هٿ ڪري وٺي، ۽ موٽ ۾ پنهنجو روح وڃائي ويهي.
اڄ جي انسان بظاهر نفعي جو ڪاروبار ڪري، نقصان ۾ پنهنجي روح تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي.
گيسٽ هائوس ۾ مون کي ٻوسٽ محسوس ٿي. ڪمري مان نڪري، ڪنڌ هيٺ ڪري، سڌو هالا هليو ويس. هالا جي شاهي بازار، يا ڍڪ بازار مون کي وڻندي آهي ـــ سنهڙي، ٽي چار فٽ کن ويڪري، اونداهي، ۽ اُداس ڪندڙ. شاهي بازار ۾ پهچي مون کي لڳندو آهي، وقت ڄڻ پنهنجي جاءِ تي بيهجي ويو آهي، فريز ٿي ويو آهي. جيڪا شيءِ، جتي هئي، اُتي، پنهنجي اصلي حالت ۾ موجود آهي. پنجين ڇهين سال ڀٽ ڌڻيءَ جي در جي سلامي ڀري هڪ چڪر هالا جو هڻندو آهيان. هر دفعي وقت جي بيهجي وڃڻ جو احساس ٿيندو آهي. اُداس ۽ مايوس چهرا، اُجهاميل اکيون، نرڙ تي تاريخ جي تحرير جا گهنج!
شاهي بازار ۾ هڪ هنڌ ڪنهن نوجوان اچي اڳ ورتو. پڇيائين، فلاڻا آهيو. هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم ۽ چيم، ها.
پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين: منهنجو نالو امتياز ابڙو آهي.
سنڌي ادبي سنگت هالا سان واسطو هوس. ذهين نوجوان هو. سنڌ جي سياسي صورتحال کان باخبر، ۽ حل لاءِ واجهائيندڙ هو. سندس ڳالهه ٻولهه مان ائين پئي لڳو ڄڻ ورائي ورائي پڇندو هجي. نيٺ ڇا ٿيندو ـــ نيٺ ڇا ٿيڻو آهي!
جواب ۾ مون کيس هڪ يوناني ڏندڪٿا ۾ ديوتائن جي بددعا ۽ سسيفس جي مسلسل عذاب جي ڳالهه ٻڌائي. ڄڻ آٿت نه آيس. چيائين نه، ائين نه آهي ـــ مان توهان سان اِن باري ۾ اختلاف ڪريان ٿو. هو ڏندڪٿائن بدران سنڌ جي بدنصيبيءَ لاءِ اصل ڪارڻ جو متلاشي هو.
اُن وقت مون کي ٽيهه پنجٽيهه سال پراڻو، پنهنجي شاگرديءَ وارو زمانو ياد آيو. تڏهن اسان، سنڌ جي بدنصيبيءَ لاءِ سڀ کان وڏي ڪارڻ رئيس، ڀوتار، زميندار ۽ جاگيردار خلاف جاڳرتا ۽ تحريڪ شروع ڪئي هئي ـــ ۽ تحريڪ تيزيءَ سان ڪامياب ٿي رهي هئي. تڏهن، رئيس ۽ زميندارن جا ايجنٽ اسان ۾ ڪاهي پيا هئا. اسان کي ٻٽي ملهه ماري هئائون. پوليس ۽ سي آءِ ڊيءَ کي چيائون ته هي ڇورا ڪميونسٽ، دهريا ۽ ڪافر آهن. اسان کي چيائون ته ڀائرو اچو ته سڀ کان اڳ سنڌ کي پنجابين کان آزاد ڪرايون ۽ پاڪستان کان الڳ ٿيون. پوءِ سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردارن کي ڏسي وٺنداسين. سموري تحريڪ جا ترا نڪري ويا. سنڌ جا فيوڊل لارڊز هن وقت سنڌ جا بادشاهه آهن.
امتياز ابڙي مون کي جمعي ٽيڪي جي هوٽل تي چانهن پيئاري. جمعو ٽيڪو هوٽل جي مهڙ ۾ ويٺو هو ۽ آئس ڪريم جي دٻي جو چرخو هلائي رهيو هو. سندس هوٽل ۾ هڪ قديم ريڊيو رکيو هو، انگريزن واري دور جو، EKCO. پراڻي دور جون تصويرون، شيشن تي پينٽنگون، ۽ هڪ اسپيڪر، ۽ پراڻي طرز جو فرنيچر، ميزون ۽ ڪرسيون. مون غور سان جمعي ٽيڪي ڏانهن ڏٺو. مون کي لڳو، هن زندگيءَ ۾ وڏا لاها ۽ چاڙها ڏٺا آهن ـــ هُن ڪوڙَ هٿان سچ کي شڪست کائيندي ڏٺو آهي. هو اُن وقت جو امين آهي، جيڪو هالا جي شاهي بازار ۾ بيهي رهيو آهي، ڄمي ويو آهي. الاءِ ڇو، مون کي محسوس ٿيو ته جمعو ٽيڪو بيهجي ويل وقت جو آخري شاهد آهي، جنهن نه ڳالهائڻ جو قسم کڻي ڇڏيو آهي. هو شاهدي نه ڏيندو.
1991