يادن جا ترورا
ڪالهه مون ڄام شوري ويجهو علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جن کي ڏٺو. اداس پئي لڳا. مون کين سلام ڪيو. هنن مون ڏانهن ڏٺو، پر هنن مون کي نه سڃاتو. مون کان پڇيائون، ”پٽ، تون ڪير آهين؟“
چيم، ”سائين، اوهين جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر هئا، تڏهن هڪ نهايت ئي نالائق ڇوڪرو يونيورسٽي ڪرڪيٽ ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر هوندو هو. اوهان کي شايد ياد هجي!“
علامه صاحب جن مون ڏانهن غور سان ڏٺو. هنن منهنجي مٿي ۾ اڇا وار ڏٺا.
چيم، ”سائين، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مون پنهنجا وار اس ۾ اڇا ڪيا آهن، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي، ته مون عمر جي لحاظ کان پنهنجا وار اڇا ڪيا آهن.“
علامه آءِ آءِ قاضيءَ جن اڳتي وڌي ويا. ڪنڌ جهڪيل هين. سوچ ۾ ٻڏل هئا. مان سندن پويان هلڻ لڳس. ڪجهه اڳتي هلڻ کان پوءِ علامه صاحب جن سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيا. مون پنهنجي حال تي افسوس ڪيو. علامه صاحب جن مون کي نه پئي سڃاتو. سڃاڻين ها، ته مونسان ڳالهائين ضرور ها.
مون علامه صاحب جن کي چيو، ”سائين، سنڌ يونيورسٽيءَ جو اُهو وڪيٽ ڪيپر ڏاڍو حرڪتي ۽ حرفتي هوندو هو ـــ ۽ سدائين گوڙ گهمسان ڪندي نظر ايندو هو. اهو نالائق ڇوڪرو مان آهيان سائين.“
سائينءَ منهنجيءَ ڳالهه کي ڪابه اهميت نه ڏني. مون کي ڏک ٿيو. پر ڏک کان وڌيڪ مون کي اچرج ٿيو. اچرج ان ڪري ٿيو، جو جنهن زماني ۾ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جن سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر هوندا هئا، تنهن زماني ۾ مان انٽر آرٽس جو شاگرد هوندو هوس ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هوس. پنهنجين چريائين سبب سموريءَ سنڌ جي رانديگرن ۾ سڃاتو ويندو هوس. مان شاگرد انٽر آرٽس جو هوندو هوس، پر راندين سبب سمورو وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ گذاريندو هوس. گوڙ گهمسان ڪندو هوس. رڻ ٻاري ڏيندو هوس. ان دور ۾ مان پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو سڀ کان اهم شاگرد سمجهندو هوس (خوشفهميءَ جي انتها ته ڏسو!) مان سمجهندو هوس، منهنجو نالو ياد رهندو. مان وساريو نه ويندس. منهنجي اهميت مستقل آهي! اُن وقت مون کي کن لاءِ به ويچار نه ايندو هو، ته وقت لمحن جو چور آهي. اُهي لمحا چورائجي ويندا ـــ جسم ۾ اها طاقت نه رهندي ـــ مان کيڏي نه سگهندس.
منهنجي شاگرديءَ وارو زمانو، منهنجي لاءِ سونهري زمانو هو. اُهو زمانو اک ڇنڀ ۾ گذري ويو. وقت جو چور مون کان لمحا ڦري ويو. مون وٽ هينئر رهجي ويئي آهي لمحن جي ياد! شاگرديءَ وارو زمانو تمام ننڍڙو، مختصر ۽ زندگيءَ سان ڀرپور هو. گذري ويو ـــ ڄڻ خواب هو، ٽٽي پيو. ماڻهن مون کي وساري ڇڏيو. منهنجو نالو ڪنهن کي به ياد نه رهيو. ڪنهن به منهنجي لاءِ نه سوچيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ اهڙو وڪيٽ ڪيپر به هوندو هو، جيڪو پنهنجي راند ۽ حرڪتن سبب سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هوندو هو. ڪنهن به اهو ياد نه ڪيو ته، ان حرڪتي شاگرد پاڪستان جي گڏيل يونيورسٽين لاءِ وڪيٽ ڪيپنگ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري، سنڌ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو نانءُ روشن ڪيو هو! وقت جي راڪاس سڀ ڪجهه اُڳري ڇڏيو.
اڄ جڏهن مان ڪنهن شاگرد ليڊر جو نالو ٻڌندو آهيان، سندس دونهيندار تقريرن جو ذڪر ٻڌندو آهيان، تڏهن سوچيندو آهيان ته کيس وڃي ٻڌايان، سمجهايان، ته چريا اهو عرصو عارضي آهي، اهي لمحا عارضي آهن، تون عارضي آهين ـــ تون يونيورسٽيءَ ۾ ٻه چار سال پورا ڪري هليو ويندين ـــ اقتصادي ۽ معاشي حالتون توکي نپوڙي ناس ڪري ڇڏينديون ۽ تون ۽ تنهنجو نالو ميسارجي ويندو. يونيورسٽي اهم آهي، مستقل آهي، سدا رهندي، قائم ۽ دائم رهندي ـــ اسان جا استاد، عالم ۽ دانشور ابدي آهن، سدائين ياد رهندا، تون وساريو ويندين ـــ اهو وقت جو فيصلو آهي!
مون ڪالهه ڄام شوري وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڀرسان علامه آءِ آءِ قاضيءَ کي جڏهن ڏٺو، تڏهن محسوس ڪيو، ته هو عالم آهي، مستقل آهي، ابدي آهي، لازوال آهي. مان، ڪالهه جو نام نهاد مشهور شاگرد زوال پذير، فاني ۽ خاڪي آهيان.
مون علامه صاحب جن کي چيو، ”چڱو ٿيو جو توهين اڄڪلهه سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر نه آهيو.“
علامه صاحب جن اچرج مان مون ڏانهن ڏٺو.
چيم، ”توهان جي پايي جو عالم صدين کان پوءِ پيدا ٿيندو آهي. پر، سائين شڪر ڪريو جو اڄڪلهه توهين سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر نه آهيو ـــ شاگرد ليڊر گستاخ ٿي اوهان کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪڍي ڇڏين ها!“
علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جن سنڌ يونيورسٽيءَ ڏانهن پٺي ڪري بيهي رهيا ۽ پوءِ منهنجين نظرن کان اوجهل ٿي ويا.
1976