جيءَ جهروڪو
ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. رسيور کنيم، آواز آيو: مان عطا حسين شاهه موسوي روهڙيءَ وارو پيو ڳالهايان.
تجسس کان وڌيڪ تعجب ٿيو. سائين عطا حسين شاهه موسويءَ کي اُسهي ڪي ورهيه وهامي ويا آهن. سوچيم، هيءُ ڪير آهي جنهن کي مائٽن ايڏي وڏي ڏاهي، ۽ عالم جو هوبهو نالو ڏيئي ڇڏيو آهي! هڪ شخص اردوءَ ۾ ڪالم لکندو آهي. نالو اٿس اسد الله غالب. ڪجهه ورهيه اڳ هڪ نوجوان سان ملاقات ٿي هئي. پنهنجي تعارف ڪرائيندي چيو هئائين: منهنجو نالو ذوالفقار علي ڀٽو آهي. شايد ميانواليءَ جو رهاڪو هو. ڳالهيون ٻولهيون ڪندي ٻڌايائين ته سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي جو وڏو شيدائي هو. پٽ ڄائس ته نالو رکي ڇڏيائينس ذوالفقار علي ڀٽو!
نوجوان عطا حسين شاهه موسوي رک رکاوَ سان آيو. ڳالهائڻ جو کرو هو. چيائين: عام تاثر آهي ته اوهين ڏاڍا رُکا آهيو. ڪنهن سان به نه ملندا آهيو. پر، مان اوهان سان ملڻ آيو آهيان.
خبر پيئي ته نوجوان عطا حسين شاهه موسوي سڱ ۾ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ڀائرن جواد حسين شاهه موسوي، عطا حسين شاهه موسوي، ۽ منهنجي مشفق ۽ مهربان اُستاد سائين عبدالحسين شاهه موسويءَ جو پوٽو هو. عجيب اتفاق جو نوجوان عطا حسين شاهه موسويءَ ٽنهي عظيم ڀائرن کي نه ڏٺو هو. مون ٽنهي ڀائرن کي ڏٺو هو. منهنجي والد، قاضي عبدالغنيءَ جي ٽنهي ڀائرن سان گهاٽي دوستي هئي.
نوجوان جو نالو ته عطا حسين شاهه موسوي هو، پر ڏيک ويک، ۽ قد بت ۾ سائين عبدالحسين شاهه موسويءَ جهڙو هو. چيائين: عبدالحسين شاهه موسويءَ جي مضمونن جي ڪتاب تي ڪجهه لکي ڏيو.
مان پنهنجي وجود ۾ ڪنبي ويس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نوجوان عطا حسين شاهه موسوي، منهنجي مهربان اُستاد سائين عبدالحسين شاهه موسويءَ جي مضمونن جي ڪتاب جي فوٽو ڪاپي ڏيئي ويو. مون ڪتاب کي چمي اکين سان لاتو. سائينءَ جو هڪ هڪ لفظ منهنجي لاءِ مقدس آهي. سائين جي شفقت، سائينءَ جي حشمت، ۽ سائينءَ جي دٻدٻي ۽ رعب کي مان اڄ تائين، ستيتاليهه، اٺيتاليهه سال گذري وڃڻ جي باوجود وساري نه سگهيو آهيان.
ڪالهوڪي ڳالهه ٿي لڳي، مان جڏهن اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هوس، ۽ سائين عبدالحسين شاهه موسوي اسان جو هيڊ ماستر هوندو هو (1952). انتظامي امور ۾ سخت، بدنظميءَ کي هرگز برداشت نه ڪندڙ، پڙهڻ پڙهائڻ ۾ ڪنهن به ڪوتاهيءَ کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪندڙ، ۽ اسڪول جي ڪارڪردگيءَ تي ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ قبول نه ڪندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ گڏيل تعليم جو رواج هو، يعني، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ، هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئا. اسڪول ۾ تونگرن، اميرن ۽ وزيرن جا پٽ پڙهڻ ايندا هئا، پر ڪنهن کي به ڇوڪرين سان بدتميزي، يا ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي.
سائين عبدالحسين شاهه موسوي شاگردن ۾ رانديگرن، ڊبيٽرن، آرٽسٽن، ۽ راڳين کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ همٿائيندو هو. جيستائين مون کي ياد ٿو پوي، ظفر ڪاظمي واحد شاگرد هو جنهن جا انگل سائين عبدالحسين شاهه خنده پيشانيءَ سان نظر انداز ڪري ڇڏيندو هو. ظفر ڪاظمي آرٽسٽ هو. شاهه لطيف جي بيتن تي تصويرون ٺاهيندو هو، اسڪيچ ڪڍندو هو، درن تي ۽ ديوارن تي، ۽ بليڪ بورڊن تي. وجيهه قسم جو هينڊسم، ويڙهاڪ، اڪيلي سر ڇهن اَٺن غنڊن سان وچڙي پوندو هو، ۽ کين ٺاهوڪي مار ڪڍندو هو. منهنجين ڪهاڻين ۾ بيشمار ڪردارن تي ظفر ڪاظميءَ جي ڇاپ لڳل آهي. ڏاڍا رومانس ڪيائين. اڳتي هلي نامور آرٽسٽ ٿيو، ۽ سنڌ ميوزيم جو ڊائريڪٽر ٿيو.
سائين عبدالحسين شاهه موسوي جنهن جنهن شاگرد جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ پنهنجيءَ ڇانوءَ ۾ آندو تنهن اڳتي هلي پرايو، ۽ نروار ٿي ڏيکاريو. سائينءَ جي شاگردن مان ڪيترا شاگرد جج ٿيا، نامور وڪيل ٿيا، ڊاڪٽر ٿيا، انجنيئر، ۽ بيوروڪريٽ ٿيا. رشيد احمد شاهه بخاري اسان جو مانيٽر هوندو هو، هوشيار، محنتي ۽ ڏاڍو سٻاجهو هوندو هو. اسڪول شروع ٿيڻ کان اڳ اسيمبليءَ ۾ تلاوت ڪندو هو. سائين عبدالحسين شاهه کيس ڏاڍو ڀائيندو هو. رشيد اڳتي هلي پاڻ ملهايو، ۽ ٻن ٽن يونيورسٽين ۾ ڊاڪٽر آر اي شاهه جي نالي سان وائيس چانسلر ٿيو.
اسان جي ساٿ سنگت ۾ ٻه نظير مغل هوندا هئا. هڪ نظير مغل ڏاڍو مسڪين ۽ الهلوڪ هوندو هو. گهريلو گهاڻي ۾ پيڙهجي، نيويارڪ ۾ مري ويو. ٻيو نظير مغل ڪرڪيٽ جو رانديگر هو. ميچ ۾ اوپن ڪندو هو. ڏاڍي سٺي بيٽنگ ڪندو هو. نظير به سائينءَ جي خاص شاگردن مان هو. آمريڪا جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڪافي عرصي تائين پروفيسر رهيو، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو.
سائين عبدالحسين شاهه موسويءَ جن مون تي ڏاڍو مهربان هوندا هئا، ٻن سببن جي ڪري ــ هڪ ته بابا جي ۽ سائين عبدالحسين شاهه جي پاڻ ۾ تمام گهاٽي ۽ پراڻي دوستي هئي. ٻيو ته مان اسڪول جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هوس. اوپن ڪندو هوس، ۽ وڪيٽ ڪيپنگ ڪندو هوس. ميٽرڪ ۾ پهتس ته ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيپٽن ٿيس (1953). انهن ئي ڏينهن ۾ مون کان هڪ تمام وڏي غلطي سرزد ٿي ويئي. سائين عبدالحسين شاهه موسوي جن مون کان ناراض ٿي ويا، پر پنهنجي خفگيءَ جو اظهار نه ڪيائون. معاملو، کٽيل ميچ هارائي ڇڏڻ جو هو.
رُبي شيلڊ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي سيمي فائينل ميچ هئي (1952)، اسان جي اسڪول، ۽ سنڌ مدرسي جي ڪرڪيٽ ٽيم جي وچ ۾. ڪنهن به اسڪول پاران رُبي شيلڊ کٽڻ کي وڏو اعزاز سمجهيو ويندو هو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ رُبي شيلڊ ٽورنامينٽ ۾ اين جي وي اسڪول کان ڪوبه اسڪول کٽي نه سگهندو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ رُبي شيلڊ ٽورنامينٽ يا ته سينٽ پيٽرڪ اسڪول کٽندو هو، جنهن ۾ والس ميٿائس، خالد وزير، اينتائو ڊسوزا ۽ وسيم باريءَ جهڙا رانديگر پنهنجي اسڪول پاران کيڏندا هئا، يا رُبي شيلڊ سنڌ مدرسه اسڪول کٽندو هو جنهن ۾ حنيف محمد، اڪرام الاهي، مناف، عبدالرشيد، عبدالقادر، ۽ غلام حسين لاسيءَ جهڙا رانديگر پنهنجي اسڪول جي ٽيم ۾ کيڏندا هئا.
جهانگير پارڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيل سيمي فائينل جي پهرين اننگ ۾ سنڌ مدرسي کان وڌيڪ اسڪور ڪرڻ سبب اسين ذري گهٽ، بلڪه پڪي طرح ميچ کٽي ويٺا هئاسين. ٽن ڏينهن جي ميچ ۾ ٻي اننگ مون ڊڪليئر ڪري مدرسي کي ٻن اوورن ۾ 50 (پنجاهه) رنس ڪري ميچ کٽڻ جو ناممڪن ٽارگيٽ ڏنو. مدرسي طرفان رشيد سان گڏ اڪرام الاهي ٻه اوور کيڏڻ آيو. ڏاڍو هيبتناڪ اسٽروڪ پليئر هوندو هو. فقط هڪ سال اڳ هن چئن ڪلاڪن ۾ پنجيتاليهه چوڪن ۽ ڇهن ڇَڪن جي مدد سان اسان جي اسڪول خلاف ٽي سئو سورهن (316) رنس ڪيون هيون، ۽ آئوٽ نه ٿيو هو. اُهو رڪارڊ گذريل اٺيتاليهه سالن ۾ ڪو به رانديگر ٽوڙي نه سگهيو آهي. ( اٺونجاهه سال گذري وڃڻ جي باوجود مون کي ياد نه ٿو پوي ته اهو رڪارڊ ٻئي ڪنهن رانديگر ٽوڙيو آهي.)
مون کان اڳ صادق اين جي وي اسڪول جو ڪيپٽن هوندو هو. ميٽرڪ ۾ فيل ٿي پوڻ سبب هن اسڪول ۾ ٻيهر داخلا ورتي هئي، ۽ ٽيم ۾ شامل ٿيو هو. سينيئر رانديگر هو. مون کي صلاح ڏنائين ته فاسٽ بالر بدران پهرين اوور اسپن بالر اسلم کان ڪرائجي. حڪمت عمليءَ مطابق اڪرام الاهي هر بال تي اڳتي وڌي اسٽروڪ کيڏندو، ۽ آئوٽ ٿي پوندو. پر، اڪرام الاهي آئوٽ نه ٿيو. هن اسلم اسپنر جي هڪ اوور ۾ پنجن بالن تي پنج ڇڪا هنيا، ۽ ڇهين بال تي چوڪو هڻي هڪ اوور ۾ 34 رنس ڪري ورتا. منهنجا طاق لڳي ويا. ٻي، ۽ آخري اوور ۾ رشيد فاسٽ بالر احمد جي پهرين چئن بالن تي چار چوڪا هڻي، ميچ کٽڻ لاءِ گهربل پنجاهه رنس ڪري ورتيون.
پنهنجي غلط فيصلي تي پڇتاءُ، صادق جي اُبتي صلاح قبول ڪرڻ جي پشيماني، ۽ سائين عبدالحسين شاهه موسويءَ جي ناراضگي مان اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان. منهنجي لاءِ لازمي نه هو ته ٻي اننگ ڊڪليئر ڪري آخر ۾ اجايو مدرسي جي ٽيم کي ٻه اوور کيڏڻ جو موقعو ڏيان ها. مون کين موقعو ڏنو. جيڪڏهن اسلم اسپنر بدران بي انتها تيز بالر حسينيءَ کان پهرين اوور ڪرايان ها ته اڪرام الاهي هڪ اوور ۾ 34 رنس ڪري نه سگهي ها! مون کٽيل ميچ هارائي وڌي. پوڙهو ٿي ويو آهيان. اڃا تائين کٽيل ميچ هارائي ويهي رهندو آهيان.
سائين عبدالحسين شاهه موسويءَ جي مضمونن واري ڪتاب تي ڪجهه لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي. مان فقط ايترو چوندس ته اوهين مضمون پڙهي، هيئين سان هنڊائي ڏسو. هڪ هڪ مضمون مان اوهان کي حڪمت جا موتي ملندا. دانش جا در کلي پوندا.
مان سائينءَ جو نڪمو، ۽ نالائق رانديگر آهيان، جنهن زندگيءَ ۾ کٽيل ميچ هميشه هارائي آهي. اِن کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي سگهندو جو منهنجي بي معنيٰ تحرير سائين جي ڪتاب ۾ شايع ٿي آهي.
1999