اياز لاءِ اُڪير
گهڻو اڳ ڪنهن مون کان پڇيو هو، ”ادبي زندگيءَ ۾ تنهنجي سڀ کان وڏي خواهش يا تمنا ڪهڙي آهي؟“
وراڻيو هوم، ”فقط هڪ خواهش اٿم ـــ ته ان لائق ٿيان جو شيخ اياز جي فن تي هڪ ڀرپور مقالو لکان ـــ طويل ٿيسسز لکان.“
منهنجي جواب کي ورهيه گذري ويا آهن. مان شيخ اياز جي فن تي طويل مقالو لکڻ جي لائق ٿي نه سگهيو آهيان پنهنجي سڀ کان وڏي تمنا سيني ۾ سانڍي مان جيئڻ جا وس ڪري رهيو آهيان، پنهنجي محروميءَ جو ارمان اٿم. پنهنجي محدود صلاحيتن جو اعتراف اٿم. شيخ اياز جي فن تي فقط اُهو شخص طويل ۽ ڀرپور اسٽڊي (اڀياس) لکي سگهندو جنهنجو پنهنجو قد ادبي دنيا ۾ ڀل ته اياز جيڏو اوچو نه هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ اياز کي قد ۾ ڪنڌ ڪلهي تائين ضرور پهچندڙ هجي! وڏيءَ کڙيءَ واري بوٽ پائڻ، يا پٻن تي بيهڻ سان ادب ۾ قد وڌي نه سگهندو آهي.
شيخ اياز سان عقيدت مون کي ان وقت کان آهي، جڏهن مون اڃا لکڻ شروع نه ڪيو هو. شيخ اياز سان ملڻ جو، کيس ڏسڻ جو شوق جنون ۾ بدلجي ويو. پر، منهنجي جنون کي امڪان جو در نظر نه آيو. پوءِ، اڳتي هلي، جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو، تڏهن منهنجي دوستيءَ جو دائرو رانديگرن بدران اديبن ۽ شاعرن ۾ بدلجي ويو. جن دوستن شيخ اياز کي ڏٺو هو، ساڻس ڳالهايو هو، تن دوستن کان مان ور ور ڪري پڇندو هوس، ته اياز ڪيئن آهي ـــ ڀلا مون جهڙن سان ملندو آهي ـــ ڳالهائيندو آهي ـــ ڀلا هن وٽ ڪنهن سان ملڻ جو وقت آهي! عجيب سوال پڇندو هوس دوستن کان ـــ اياز جو آواز ڪيئن آهي ـــ پنهنجو ڪلام پاڻ پنهنجي زبان سان ٻڌائيندو آهي ـــ ۽ جڏهن ٻڌائيندو آهي تڏهن ڪيئن لڳندو آهي!
شيخ اياز سکر ۾، مان ڪراچيءَ ۾، ملڻ محال ٿي پيو! ان وچ ۾ ٻه ـــ چار دفعا روهڙيءَ وڃڻ جو اتفاق به ٿيو. تڏهن سوچيو به هيم ته درياهه اُڪري سکر ۾ اياز سان وڃي ملي ايندس، پر دل جهلي نه سگهيم. پوءِ، اها به خبر هيم ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ اياز اٺين ـــ ڏهين ڏينهن ڪراچيءَ به ايندو آهي. همٿ ڪري نه سگهيم.
۽ پوءِ، هڪ دفعي اوچتو ئي اوچتو اياز لاءِ منهنجي عقيدت انتها جي سرحدن مان ٻاهر نڪري ويئي. اها شايد 1962 يا 1963 جي ڳالهه آهي. اياز جي نئين وائي شايع ٿي هئي.
”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ،
الا مان اُڏري ويندو سانءِ،
الا مان اُڏري ويندو سانءِ.“
اياز مون کي ايڏو وڻيو، ايڏو وڻيو جو مون ساڻس ملڻ جي تمنا ترڪ ڪري ڇڏي. جڏهن به ڪنهن لاءِ منهنجي عقيدت، حب ۽ پيار انتها جي سرحدن کي اورانگهي ويندا آهن، تڏهن مان هن سان نه ملندو آهيان. جنهن کي چاهيو اٿم، تنهن کان دور رهيو آهيان. اِهو منهنجو پنهنجو رستو آهي. اهو منهنجين چاهتن جو دستور آهي. اياز سان ملڻ جي تمنا ترڪ ڪري مان اُٻاڻڪو ضرور ٿيو هوس، پر پنهنجي عقيدت جي جذبي سبب اندر ۾ آسودگي ۽ اطمينان محسوس ڪيم، ۽ اڄ تائين محسوس ڪندو آيو آهيان. انهن ڏينهن ۾ مان دوستن کان پڇندو هوس ته، ڀلا اياز منهنجا افسانا پڙهندو آهي. مان کانئن اهو نه پڇندو هوس ته اياز کي منهنجا افسانا وڻندا آهن يا نه. دوست مون کي ٻڌائيندا هئا ته، ها، اياز ڪڏهن ڪڏهن تنهنجو ڪو افسانو پڙهي وٺندو آهي. اياز منهنجا افسانا پڙهندو آهي! اِهو اطلاع منهنجي لاءِ سڀ کان وڏو انعام هو.
ادب جي تاريخ ۾ ائين گهٽ ٿيو آهي، جو ڪو اديب يا شاعر پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ئي لافاني ٿي ويو هجي، Legend ٿي ويو هجي. ورنه ٿيندو ائين آهي، جو فنڪار پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ نور نچوڙي هليو ويندو آهي، اڻ ڳاتل، اڻ سڃاتل ئي هليو ويندو آهي. ۽ ورهين کان پوءِ سڃاتو ويندو آهي. جيڪي اديب پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ مڃيا ويندا آهن، سي تاريخ ساز حيثيت جا مالڪ، ۽ ڏات جا ڌڻي ٿيندا آهن. هو ماضيءَ جا امين ٿيندا آهن. ۽ حال تي پنهنجي عظمت جي ڇاپ هڻي، ايندڙ نسلن لاءِ راهه هموار ڪري ويندا آهن. شيخ اياز اسان جو ماضي آهي، شيخ اياز اسان جو حال آهي ـــ شيخ اياز اسان جو مستقبل آهي.
مان مٿي جنهن وائيءَ جو حوالو ڏيئي آيو آهيان، اها وائي اياز جي ان دور جي لکيل آهي، جڏهن سندس عظمت جو اعتراف سڄي ملڪ جي ادبي دنيا ۾ ٿي چڪو هو. ان وقت ئي هو لافاني ٿي چڪو هو تخليقي ڪم ڪندڙ هرڪو فنڪار ڪنهن نه ڪنهن حد تائين غم پسند ٿيندو آهي. اياز جي ڪلام ۾ جتي شينهن واري گجگوڙ آهي، اتي سندس ڪلام ۾ سندرتا جو سنگيت، ۽ دل جي درد جو درمان به آهي. سندس مٿئين وائيءَ ۾ هڪ وچون بند ۽ آخري بند فنڪار جي درد جي، ڏک جي اڄ تائين ترجماني ڪري رهيا آهن. اهي ٻه بند آهن:
”نيٺ ته ڀائيندين تون، هاڻي
ڀلي نه مون کي ڀانءِ،
الا مان اُڏري ويندو سانءِ.“
”ڳائي منهنجا گيت، پيو
پوءِ مون کي ياد ڪجانءِ،
الا مان اُڏري ويندو سانءِ.“
اڄ، جڏهن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو آهي، تڏهن سندس وائيءَ جي مٿين ٻن بندن جي معنيٰ منهنجي لاءِ بيحد وسيع ٿي ويئي آهي. اسان پنهنجو اياز سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏنو آهي. اياز پنهنجي شخصيت ۾ سنڌ جي علامت آهي. اسان سنڌ يونيورسٽيءَ کي پنهنجي سنڌ ڏني آهي. کيس هينئن سان هنڊائجو دوستو؛ کيس دل ۾ جاءِ ڏجو. علم ۾ ڄاڻ جو وڻجارو وري وري نه ايندو. سنڌ ڌرتي ورهين تائين ٻيو ڪو اياز ڏسي نه سگهندي، سنڌ جي امانت اسان سنڌ جي سورمن کي ڏني آهي.
1976