يادن جو روشندان
هن دفعي جڏهن اڌ ڪپيل چنڊ اُڀ ۾ کڙيو تڏهن هو مون کي اوچتو ياد آيو. نوجوان هو ـــ کلمک هو ـــ عادتن ۾ اعليٰ هو ـــ دل جو شفاف هو. هو جيستائين ڌرتيءَ جي سيني تي موجود هو، هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به شخص نوابشاهه ۾ هر دلعزيز نه هو. هن جهڙو سلڇڻو، ذهين ۽ ٺاهوڪو جوان وري نوابشاهه کي نصيب نه ٿيو. نالو هوس عبدالمالڪ؛ پر سموري شهر ۾ ادا جي نالي سان سڏبو هو. اڄ (1977) کان ويهه سال اڳ، هنن ئي ڏينهن ۾ اسان جو سڄڻ سفر تي هليو ويو هو.
اُنهن ڏينهن ۾ مان نوابشاهه ۾ هوس ـــ اتان ئي بي اي ڪئي هيم. عبدالمالڪ سان سرسري ملاقات موني بازار ۾ ٿي هئي، ۽ تفصيلي ملاقات ڪرڪيٽ راند جي ميدان تي. مون کي خبر ڪونهي ته حامد علي ڪلب جو ڪرڪيٽ گرائونڊ اڃا موجود آهي، يا نه؛ پر اُنهن ڏينهن ۾ حامد علي ڪلب جو ڪرڪيٽ گرائونڊ سنڌ جي سٺن گرائونڊن ۾ شمار ٿيندو هو. عبدالمالڪ ڊي سي اسڪول ۽ نوابشاهه جي چونڊيل ٽيم طرفان اوپن ڪندو هو، ۽ نئين بال کي ڪمال اعتماد سان کيڏندو هو. ان وقت تائين مون کي ملڪ جي سٺن رانديگرن سان کيڏڻ جو موقعو مليو هو. اڄ جڏهن هيءُ ڪالم لکي رهيو آهيان تڏهن اعتراف ڪريان ٿو ته عبدالمالڪ نه فقط سنڌ پر ملڪ جي سٺن رانديگرن سان ڀيٽ ڪرڻ جي قابل هو. اسان جي دوستي راند جي ميدان کان شروع ٿي.
عبدالمالڪ جو گهر مسجد روڊ تي هو. سندس گهر جي ڀرسان اسان جو هڪ ٻيو دوست عبدالجبار رهندو هو. عبدالجبار اڄڪلهه سنڌ ۾ ڪٿي ميٿميٽڪس جو پروفيسر آهي. عبدالجبار جي گهر جي ٻاهران هڪ وڏو صندل پيل هوندو هو. اسين اڪثر ڪري رات جو سنگت جي ساٿ سان ان صندل تي وڃي ويهندا هئاسين. عبدالمالڪ کي قدرت طرفان سنگيت ۽ سرن جو ساٿ نصيب ٿيل هو. هو ڳائيندو هو. اسين محو ٿي هن جو ڳائڻ ٻڌندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ طلعت محمود جو هڪ غزل بيحد مشهور ٿيو هو، جنهن جا ٻول هئا :
"جب جب پھول کھلے۔ تجھے یاد کیا ہم نے۔"
مان سمجهان ٿو اڄ تائين اُهو غزل منهنجي ذهن ۾ عبدالمالڪ جي ڪري موجود آهي، ۽ نه ڪي طلعت محمود جي ڪري.
اسان جي ساٿ ۾ سنگت جو اٽالو هوندو هو. اڄ عبدالمالڪ جي حوالي سان انهن مان ڪجهه دوستن جا نالا ۽ سندن ياد دل تي تري آئي آهي ـــ قمر شهباز، گل محمد چنا، جمال، دوست محمد، علي گوهر، علي محمد، مير، شهمير، نور احمد، تصدق ۽ عزيز لاهوري. منهنجي دعا آهي ته هو جتي به هجن شل خوش هجن. مون پنهنجي زندگيءَ جا تمام سٺا ڏينهن انهن دوستن سان گذاريا آهن.
عبدالمالڪ اسٽيج ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار ڪندو هو. ڪمال جو فنڪار هو. مون کي نه ٿو سجهي ته مون اڄ تائين ڪنهن اهڙي شخص کي ڏٺو هجي، جيڪو بهترين رانديگر، سٺو ڪوي، اعليٰ درجي جو فنڪار ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته لاجواب دوست ۽ همدرد هجي. اهڙا عظيم شخص تمام ٿوري دير لاءِ دنيا ۾ ايندا آهن، ۽ دنيا جي اوندهه ۾ پنهنجي روشني ڇڏي ويندا آهن. عبدالمالڪ اڄ (1977) کان ويهه سال اڳ هنن ئي ڏينهن ۾ هليو ويو هو. مان کيس مرڻ گهڙيءَ تائين وساري نه سگهندس.
نوابشاهه ۾ مون کي هڪڙي ٻئي دوست جو ساٿ نصيب ٿيو، جنهن مون کي راند جي ميدان مان اٿاري ادب ۾ آندو. جنهن مون کي لکڻ سيکاريو. جنهن مون کي سٺو ادب پڙهڻ جو ڏانءُ ڏنو. مان نه ٿو سمجهان ته قمر شهباز جي دوستيءَ کان سواءِ مان سنڌي ادب ۾ سڃاتو وڃان ها. هو منهنجي لاءِ اوندهه ۾ روشني مثل رهيو آهي. لکڻ جي اوائلي دور ۾ مان جڏهن ڪٿي به ڇپجي نه سگهندو هوس، تڏهن قمر شهباز چوندو هو. تون هڪ ڏينهن ڇپبين ۽ پڙهيو ويندين.
منهنجي زندگيءَ جا گذريل ويهه سال (1957ــ1977) مونجهارن ۾ گذريا آهن. انهن ويهن سالن ۾ مان ڀٽڪندو رهيو آهيان، ڪرندو رهيو آهيان. ڪري وري اُٿندو رهيو آهيان! ڀڄندو رهيو آهيان. ڀرندو رهيو آهيان ـــ اوندهه جي رڻ مان لنگهندو رهيو آهيان ـــ پر قمر شهباز منهنجو ساٿ نه ڇڏيو آهي. هو منهنجي سکن جو ئي نه، ڏکن جو به ساٿي آهي. اهڙو دوست زندگيءَ ۾ ورلي ملندو آهي.
1977