باب نائون
گذريل هفتي جا پهريان چار ڏينهن، منهنجي زندگيءَ جا يادگار ڏينهن هئا. شايد، مرڻ گهڙيءَ تائين وساري نه سگهندس. انهن چئن ڏينهن ۾ مون سنڌ جي نئين تاريخ جا اُهي باب ڏٺا، جيڪي ڪنهن مورخ اڃا تائين نه لکيا آهن. مان نئين تاريخ جي اَڻ لکيل بابن جو شاهد آهيان.
شهرن ۾ الطاف حسين جي جلسن ۾ لکين ماڻهو ڏسي هرڪو حيران ۽ پريشان ٿيندو آهي. ڏسڻ وارن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. پر، انسان ويچاري جي ياداشت ڏاڍي ڪمزور آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو شيخ مجيب الرحمان جي جلسن ۾ ڏٺا ويا هئا. اُهي جلسا تعداد جي لحاظ کان اڄ تائين رڪارڊ وانگر قائم آهن. ڪوبه سياسي ليڊر اڄ تائين شيخ مجيب الرحمان کان وڏا جلسا ڪري نه سگهيو آهي. الطاف حسين جا جلسا ڪنهن به صورت ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي جلسن کان وڏا نه آهن. ذوالفقار علي ڀٽي جو جلسو نشتر پارڪ ۾ ٿيندو هو، ۽ ماڻهو جمشيد روڊ، بندر روڊ، سولجر بازار، ۽ شڪارپور ڪالونيءَ تائين پکڙيل هوندا هئا.
ڪراچيءَ جي ماڻهن کان الاءِ ڇو اُهو جلوس وسري ويو آهي جنهن ۾ بينظير کي ائيرپورٽ کان قائداعظم جي مقبري تائين پهچڻ ۾ چوڏهن ڪلاڪ لڳي ويا هئا. ايڏائي وڏا جلسا پشاور ۾ ولي خان، ۽ ڍاڪا ۽ چٽگانگ ۾ ڀاشانيءَ ڪيا هئا. چَوَن ٿا ته جلسن ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو هٽلر کي ٻڌڻ ايندا هئا، ۽ سندن تعداد پنجاهه لک هوندو هو.
ازل کان وٺي جلسا ۽ جلوس ٿيندا آيا آهن، ۽ ابد تائين ٿيندا رهندا. اِن معمول ۾ ڪابه ڦير گهير يا تبديلي نه ايندي. ها، هڪ تبديلي ايندي رهي آهي، ۽ ايندي رهندي، جلسن جلوس لاءِ ميدان ساڳيا هوندا آهن، پر ليڊر بدلجي ويندا آهن. جنهن هنڌ ايوب خان تقرير ڪئي، ساڳئي هنڌ ذوالفقار علي ڀٽي تقرير ڪئي. ڀٽي کان پوءِ ساڳئي هنڌان ضيا تقرير ڪئي. ضيا کان پوءِ ساڳئي هنڌان بينظير تقرير ڪئي. ۽ بينظير کان پوءِ ساڳئي هنڌان الطاف تقريرون ڪري رهيو آهي. اهو سلسلو ائين ئي جاري رهندو. ساڳئي هنڌان، جتان اڄ الطاف تقريرون ڪري رهيو آهي، اُتان ٻيو ڪو شخص تقريرون ڪندو.
ڳالهه ڇاهي، جو شهرن تي شهر وارن ۽ مشينن قبضو ڪري ورتو آهي. ڪيميرا جي مختلف زاوين کان ورتل تصويرون اخبارن ۽ ٽيليويزن تي عام جلسي کي غير معمولي جلسو ڪري ڏيکارينديون آهن. ڪنهن به پروڊيوسر هيليڪاپٽر ۾ ويهي ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي جي عڪس بندي نه ڪرائي آهي. هيليڪاپٽر مان ڪيميرا جي اک اسان کي ڀٽ شاهه ۾ ماڻهن جو سمنڊ ڏيکاري سگهندي ــ ايڏا ماڻهو نظر ايندا جو ڏسڻ وارن کان مجيب، ڀاشانيءَ ڀٽي، بينظير ۽ الطاف جا جلسا وسري ويندا.
مجيب نه رهيو، پر مجيب جو ميدان جتان هو تقريرون ڪندو هو، موجود آهي. ذوالفقار علي ڀٽو نه رهيو، پر جنهن ميدان ۾ هو تقريرون ڪندو هو، سو ميدان موجود آهي. الطاف اڄ آهي، سڀاڻي نه هوندو. پر اُهو ميدان، جتان هو اڄ تقريرون ڪري رهيو آهي، سو ميدان پنهنجي جاءِ تي موجود هوندو. سياست ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي، ۽ ائين ئي ٿيندو رهندو.
شاهه لطيف سياستدان نه آهي. هو عوامي پارٽيءَ جو ميمبر نه آهي. هو پيپلز پارٽيءَ جو ميمبر نه آهي. هو مسلم ليگ جو ميمبر نه آهي. مسلم ليگ وارا، پيپلز پارٽيءَ وارا، مارشل لا وارا پنهنجي پنهنجي مطلب خاطر ڀٽ ڌڻيءَ جي مزار تي چادر چاڙهڻ آيا ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ گمناميءَ جي غار ۾ گم ٿي ويا. اهو سلسلو ائين ئي جاري رهندو. ليڊر سڳورا درويشن جي درگاهن تي چادرون چاڙهيندا، ۽ الوپ ٿيندا رهندا. اِهو سندن نصيب ۾ لکيل آهي. نالو رهندو ارنيسٽ ٽرمپ جو، نالو رهندو گربخشاڻيءَ جو، نالو رهندو ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو، نالو رهندو سائين جي ايم سيد جو، نالو رهندو ڊاڪٽر دائود پوٽي جو، نالو رهندو ڊاڪٽر نبي بخش جو، نالو رهندو علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو، نالو رهندو آغا محمد يعقوب جو، نالو رهندو اڪرم انصاريءَ جو، نالو رهندو سورلي جو، جن شاهه لطيف جي فڪر، ڪلام، ڪلام جي معنيٰ ۽ مفهوم، ۽ فلسفي ۽ تصوف تي ڪم ڪيو آهي.
شاهه لطيف پنهنجي ازلي مقام تي موجود آهي. ڀٽ جو ننڍڙو ڳوٺڙو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، جتي هر سال، ميلي جي موقعي تي عقيدتمند لکن جي تعداد ۾ اچي مڙندا آهن، پتنگن وانگر پَههُ ڪندا آهن. سندن تعداد ڪنهن به مجيب، ڪنهن به ڀاشانيءَ، ڪنهن به ڀٽي، ڪنهن به بينظير، ۽ ڪنهن به الطاف جي جلسي کان وڌيڪ هوندو آهي. ڪيميرا جي اک سان ڪنهن به کين نه ڏٺو آهي، ورنه شهرن ۾ جيڪر ٿرٿلو مچي وڃي. پتنگن پَههُ ڪيو، مڙيا مٿي مچ! اِهو سلسلو ڪنهن به بدبودار سياسي ڦير گهير ۽ ڀڃ ڊاهه جي اثرن کان بنهه آجو، جاري آهي، ۽ جاري رهندو. هتي، تاريخ جي اُن باب کي مون پڙهيو آهي، جنهن کي ڪنهن به مورخ اڃا تائين نه لکيو آهي.
1991