هڪ عجيب شخص منهنجو دوست آهي
نوابشاهه جا اُهي ڏينهن ڏاڍا هيڪلا، طويل، ۽ اُداس ڪندڙ هوندا هئا. رات ايندي هئي، ته ڪڏهن ختم نه ٿيڻ جو قسم کڻي ايندي هئي. آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ايڏي گگهه اوندهه مون زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن نه ڏٺي هئي. ائين لڳندو هو، ڄڻ تاريڪيءَ جو سمنڊ هو؛ سمنڊ ۾ سڙهه ۽ سکان بنا سفر هو: سفر جو ڪو انت نه هو. صبح سان سج سوا نيزي تي لهي ايندو هو. اڪثر گُهٽ ۽ ٻوسٽ هوندي هئي. ۽ جيڪڏهن هوا هلندي هئي، ته واچوڙا اُڀ تائين مٽيءَ جا مينار ٺاهي ڇڏيندا هئا. ڪاليج شام جو کُلندو هو. شام، اُن دل وانگر پري لڳندي هئي، جنهن ۾ منهنجي لاءِ جڳهه نه هئي. بيوسيءَ وچان، لطيف هال جي گرين روم ۾ ڪنڌ هيٺان ٻانهون ڏيئي، مان ڇت سان لٽڪندڙ پکي ڏانهن پهرن جا پهر ڏسندو هوس، ۽ سمهڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، ۽ سمهي نه سگهندو هوس ته دريءَ جي لوهي شيخن ۾ هٿ وجهي ٻاهر رڻ جهڙي گرميءَ ۾ رڃ ڏانهن ڏسندو هو، پر اُڃ اُجهائي نه سگهندو هوس. تڏهن، ڪراچيءَ مان ڀڄي اچڻ واري فيصلي تي مون ڏاڍو پڇتايو هو.
اِهي ڳالهيون اڻويهه سئو پنجونجاهه ـــ ڇاونجاهه جون آهن. پر، زندگيءَ جي ڊرامي ۾ هڪ ڏيک پٺيان ايندڙ ٻئي ڏيک وانگر وسرندڙ نه آهن. تڏهن، مان ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ انٽر سائنس پڙهندو هوس. سِرَ تي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ پائليٽ ٿيڻ جو جنون سوار هوندو هو. اُن وقت مان پنهنجي جنون جو ڇيد ڪري نه سگهندو هوس. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۽ پائليٽ! ڪهڙو تعلق آهي ٻنهي جو پاڻ ۾! اُن وقت خبر نه پوندي هئي. اُن وقت فقط جنون جو هوش هو ــ پائليٽ ٿيندس، ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندس! جنون به اهڙو، جو ابتدائي عمر جي ڪنهن عشق کي مات ڏيئي ڇڏي! عمر جي هن حصي ۾، جڏهن شام کان پوءِ زندگيءَ ۾ لهندڙ سج جي لام نظر اچڻ لڳي آهي. مان پنهنجي اوائلي جنون جو منطقي ڇيد ڏاڍي يقين سان ڪري سگهان ٿو.
ڪرڪيٽ ۾ منهنجو هيرو امتياز هو. ڏاڍو وڻندو هو. امتياز وانگر وڪيٽ ڪيپنگ ڪرڻ، امتياز وانگر بيٽنگ ڪرڻ، زندگيءَ جو نصب العين ٿي پيو هو. نه فقط ايترو، پر ان کان به اڳتي! امتياز وانگر نظر اچڻ ـــ امتياز جهڙا وار رکائڻ، امتياز جهڙا ڪپڙا پائڻ، امتياز وانگر هلڻ، چلڻ، اٿڻ، ويهڻ، ۽ ڳالهائڻ! امتياز جڏهن به ڪراچيءَ ايندو هو، ڪنهن ميچ ۾ کيڏڻ لاءِ، اُهي سمورا ڏينهن مان اسڪول مان غائب هوندو هيس. ان ڳالهه جي خبر گهر وارن کي، ۽ اسڪول ۾ به هوندي هئي ـــ پر ڪابه جهل پل نه هئي. اُنهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ فقط ٻه ڪرڪيٽ گرائونڊ تمام سٺا هوندا هئا. ڪراچي جمخانه، ۽ ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ. مان ٽيئي ـــ چاريئي ڏينهن ميچ جا پويلين ۾ وڃي ويهندو هوس، ۽ امتياز جي هڪ هڪ عمل کي ذهن نشين ڪندو هوس. ۽ پوءِ، هڪڙي ڏينهن خبر پئجي ويئي ڪٿان، ته امتياز پائليٽ آهي!
بابا ويچاري سوچيو هو ته پٽ انجنيئر ٿيندو. مان لڪ ڇپ ۾ پائليٽ ٿيڻ جي تيارين ۾ لڳي ويس. اُنهن ڏينهن ۾ برنس گارڊن جي پٺيان، اينگل روڊ تي، جنهن کي اڄ ڪلهه ضياالدين روڊ، جو نالو ڏنو اٿائون، پاڪستان ايئرفورس جي پائليٽن لاءِ رڪروٽنگ آفيس هئي. ڏاڍي تياري ڪيم. روزانو رڪروٽنگ آفيس ڀڳو بيٺو هجان. لائبريرين ۾ مطالعي ۾ مشغول ـــ جنرل ناليج ۽ ڪرنٽ افيئرس جي تياري ـــ ڏينهن رات ويٺو ٽائيمس ۽ نيوز ويڪ رسالن کي چَٽيان! خبر تڏهن وڃي پيئي، جڏهن والدين کان ڀرائڻ لاءِ اجازت نامو ڏنائون. ڦاٽ ڦاٽي پيو. گهران نابري واري ڇڏيائون. انڪار ڪيائون. فارم نه ڀريائون. مان هوڏي پڙهڻ کان پڙ ڪڍي بيٺس. سڄا سمورا ڇهه اٺ مهينا ڪراچيءَ ۾ ڌڪا کائيندي، ۽ آواره گردي ڪندي گذاريم. چار چڱا وچ ۾ پيا. ٺاهه ان ڳالهه تي ٿيو، ته پڙهڻ شروع ڪندس، پر ڪراچيءَ ۾ نه ـــ بس گهر ۾ نه رهندس. ۽، سائنس به نه پڙهندس. بابا سائين ڏاڍو دلبر شخص هو. رڳو پيار ڏيندو هو، هر ڳالهه پيو مڃيندو هو. نوابشاهه ۾ نئون آرٽس ڪاليج کليو هو. پرنسپل احمد سعيد، بابا جو واقف هو. اڌ سال وڃائڻ کان پوءِ به مون کي انٽر آرٽس ۾ داخلا ڏنائين. زندگيءَ جي ڊرامي جو هڪ ڏيک ڄڻ پورو ٿيو، ۽ ٻيو ڏيک شروع ٿيو.
نوابشاهه جي حامد علي ڪرڪيٽ گرائونڊ جي مٽي، دز ۽ بدحال پِچ ڏسي دل ڀڄي پيئي. پائليٽ نه ٿي سگهڻ جي ڏک سان اڃان ٺاهه نه ڪيو هوم، جو پڪ ٿي ويم ته اهڙي ميدان تي کيڏندي مان ڪڏهن به ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندس. دل ايڏي اُداس، ڄڻ ڪائنات هٿن مان نڪتي پئي ويئي. بيٽنگ ڪرڻ نڪران ته ٽيهن ـــ چاليهن کان مٿي اسڪور ڪري نه سگهان ـــ دنگ ٿيو ته پنجاهه، ورنه ٻُڙي! وڪيٽ ڪيپنگ ڪندي وڪيٽ کي ويجهو وڃي بيهان، ته بال سڌو اچي لڳي ٻوٿ ۾! مجبوري ۽ بيوسي اهڙي، جو ڪمري جو در بند ڪري، ويهاڻي ۾ منهن وجهي ويٺو روئان!
انهن ڏينهن ۾ مان پاڻ کي هارايل جنگ تان زنده موٽي آيل سپاهيءَ وانگر پشيمان پشيمان محسوس ڪندو هوس. شڪست خورده. اڪيلو. توائي. ڪنهن ڪنهن وقت خودڪشيءَ جي باري ۾ سوچيان! تڏهن، اوچتو ئي اوچتو، ڄڻ غيب مان هڪ شخص نڪري منهنجي آڏو اچي بيٺو. قداور، سنهڙو، پر اورچ. ڳالهائڻ جو بلا. چرچو هڻي ته هڪڙن کي کلائي کيرو ڪري وجهي، ته ٻين کي بنهه ڊاهي رکي. وري جي سنجيده ٿئي ته اروڙ جي شام وانگر اُداس ڪري وجهي. شعر چوي، ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکي، ڊرامن ۾ ڪم ڪري ـــ ڪڏهن اداڪاري، ته ڪڏهن هدايتڪاري! ڏاڍو عجيب، پر مون کي پنهنجو پنهنجو لڳو هو. مليو، ته ڄڻ آخري فيصلي وانگر مليو. اڃا ويهن سالن جو به نه ٿيو هو، جو نامور ٿي پيو هو ـــ نالو هوس قمر شهباز.
مون کي ڏاڍو وڻيو، اصل امتياز وانگر. ٻانهن ۾ هٿ وجهي، ڇڪي، سڌو وڃي ادبي سنگت جي هفتيوار ڪچهرين ۾ ويهاري. بردو سنڌي، نور عباسي، گل محمد چنا، عبدالحڪيم ارشد، ماڻڪ، ۽ ٻين انيڪ اديبن شاعرن سان ملائي. ادبي گڏجاڻين ۾ مان تجسس ۽ تعجب وچان شعر ۽ ڪهاڻيون ٻڌان؛ حيران ٿيان، اندر ۾ غيرمعمولي اَڻ تڻ، ۽ اُٿل پُٿل محسوس ڪريان! وجود ۾ ايڏي ڀڃ ڊاهه، جو اڌ اڌ رات جو ڇرڪ ڀري جاڳي پوان، ۽ پگهر پاڻي ٿي وڃان! اُها پُر اسرار آگاهيءَ جي ابتدا هئي، ته، اڳتي هلي مان لکندس ـــ فقط لکندس، ۽ لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪري نه سگهندس ـــ ۽ هيءُ هڪ شخص منهنجي زندگيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم جڳهه والاريندو ـــ ۽ منهنجي مرڻ گهڙيءَ تائين هن شخص جو هٿ منهنجي ٻانهن ۾ هوندو!
۽ پوءِ، فقط پنجن سالن ۾ ، اڻويهه سئو پنجونجاهه ـــ ڇاونجاهه کان اڻويهه سئو سٺ ــ ايڪهٺ تائين منهنجي زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو. هڪ ٻيو شخص امتياز سان ڪلهو هڻي بيٺو. ادب ۾ سڀ کان اڳ مون پنهنجي لاءِ مناسب نالي جي تلاش ڪئي، جيڪو قمر جي نالي سان ملندڙ جُلندڙ هجي. اڻويهه سئو ڇاونجاهه ۾ مون پهرين ڪهاڻي ”اندرا“، پريميءَ جي نالي سان لکي هئي؛ پر اُهو نالو مون کي بنهه نه وڻيو هو. نالي نه وڻڻ جي انيڪ سببن مان سڀ کان وڏو سبب اِهو هو، جو منهنجو نالو قمر جي نالي سان ملندڙ جُلندڙ نه هو. انهن ابتدائي پنجن سالن ۾ هوبهو قمر جي نالي جهڙو نالو نيٺ مون کي ملي ويو ـــ ”امر“، ان ڳالهه جو ذڪر مون اڄ تائين ڪنهن سان به نه ڪيو آهي. يارن کي ڏاڍي مٺيان لڳي. ٺٺولي ڪرڻ لڳا ته هن مجهول کي ڏسو ـــ پنهنجي نالي سان لفظ ٿو لکي امر ـــ ڪڏهن نه مرڻ وارو! انهن ڏينهن ۾ رکي رکي خيال ايندو هو ته، يارن جي غلط فهمي دور ڪريان ـــ کين ٿڌيءَ دل سان سمجهايان، ته يارو، مان ڪڏهن نه مرڻ وارو نه آهيان ـــ مان هڪ شخص جي حوالي سان امر آهيان ـــ قمر جي نالي پٺيان امر آهيان. هِن موقعي ته اڄ ٺيڪ ٿيو، پُراڻي راز تان پردو کڄي ويو، جنهن کان قمر خود به واقف نه هو.
اِهي پهريان پنج سال منهنجي لاءِ ڪرڪيٽ کان موڪلاڻيءَ، ۽ ادب جي بارگاهه ۾ هميشه لاءِ سجده ريز ٿيڻ جا سال هئا. اِهي پنج سال هڪ اهڙي دوستي جي پيڙهه پوڻ جا سال هئا، جنهن جو دستور اڳتي هلي مون لکيو، قمر نه لکيو. انهن پنجن سالن ۾ گهڻو، گهڻو ڪجهه ٿيو. وقت جو درياهه اسان کي گڏ ٻوڙيندو، ۽ گڏ تاريندو رهيو. سڄا سمورا پنجويهه ـــ ٽيهه سال گذري ويا آهن، پر لڳيم ٿو، ڄڻ ڪالهوڪي ڪا ڳالهه آهي ـــ زندگيءَ جي ڊرامي ۾ اجهو هينئر پوري ٿيل، اڳئين ڏيک جي ڪا ڳالهه آهي ـــ
هيءَ ڪٿا 1980 ۾ لکيل آهي. 2009 ۾ قمر جي اسهڻ تائين اسان جي دوستي اڌ صديءَ کان اڳتي نڪري ويئي هئي.
ون يونٽ ٺاهڻ جو اعلان ٿيو آهي. سموري سنڌ ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي پيئي آهي. ماڻهو ميدان تي نڪري آيا آهن، جلسا ٿي رهيا آهن، جلوس نڪري رهيا آهن. احتجاج جا عَلَم بلند ٿي رهيا آهن، آڪٽوبر 1956ع جي ڪا شام آهي، موني بازار ۽ اسٽيشن روڊ جي چوواٽي تي نوابشاهه جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ٿيڻو آهي. جلسي لاءِ قمر قومي ترانو لکيو آهي، ”وطن جي راهه ۾ وطن جا نوجوان شهيد ٿيو! يا بچايو سنڌ کي، يا سورما شهيد ٿيو.“ مون قومي گيت لائوڊ اسپيڪرن تي ڳايو آهي، وٺ پڪڙ ٿي آهي. قمر ۽ مان ڪراچي هليا آيا آهيون. گم ٿي ويا آهيون. سائين ايڇ ـــ ايم خوجا صاحب جي ٻڌايل ليکڪن کي پڙهڻ ۾ لڳي ويا آهيون. هال ڪين، وڪٽرهيوگو ۽ جوزف ڪانراڊ ۽ ٻيا انيڪ ليکڪ.
اسين ٻئي لکي رهيا آهيون، پر ڇپائڻ کان قاصر آهيون؛ مهراڻ ۽ نئين زندگي ۽ ڪجهه ٻين رسالن تي غلام رباني، شيخ حفيظ؛ رشيد آخوند، سراج، ثميره زرين وغيره ڇانيل آهن. اسان لاءِ ڪا جاءِ ڪونهي. اسان ٻنهي هندستان جي سنڌي رسالن ڪونج، نئين دنيا، پرهه ڦٽي ۽ رابيل وغيره ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي.
اسان ٻنهي ڪراچيءَ جي هفتيوار ”آزاد“ ۾ نجمه شيرين جي نالي سان سنڌي ادب ۾ هڪ هٽي خلاف جنگ جو آغاز ڪيو آهي ـــ ڪوٽن کي ڪيرائڻ شروع ڪيو آهي.
طارق اشرف سان ”سهڻيءَ“ ۾، ۽ حميد سنڌيءَ سان ”روح رهاڻ“ ۾ وڃي شامل ٿيا آهيون.
سنڌي ادب ۾ پهريون ڀيرو تمام شدت ۽ جذبي جي مڪمل سچائي سان قوم پرست ادب جو آغاز ٿيو آهي. ادب ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا لاءِ اپٽار ٿيڻ لڳي آهي. ”سهڻي“ ۽ ”روح رهاڻ“ رسالا سنڌي قوم پرست ادب جي سڃاڻپ ٿي پيا آهن.
”نئين زندگي“ رسالي جي ايڊيٽر مولوي عبدالواحد سنڌيءَ اسان کي ٺاهه لاءِ گهرايو آهي. اسين ٻئي ساڻس ملڻ ويا آهيون. رشيد احمد لاشاريءَ جي موجودگيءَ سبب ڪنهن به ٺاهه تي پهچڻ کان اڳ اُٿي هليا آيا آهيون.
انيڪ اڻوسرندڙ لمحا آهن. گهڙيءَ گهڙيءَ جي هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي. لکڻ ويهان، ته جيڪر آتم ڪٿا جو هڪ جلد مڪمل ڪري ڇڏيان.
ادب جي بارگاهه ۾ سجده ريز ٿيڻ وارا پهريان پنج سال اک ڇنڀ ۾ گذري ويا. انهن پنجن سالن ۾ مان ڪرڪيٽ راند کيڏندو رهيس، ۽ قمر وانگر لکڻ جي لڪي لڪي ڪوشش ڪندو رهيس. جيئن وڇوڙي کان اڳ محبت انتها کي پهچي ويندي آهي، تيئن ڪرڪيٽ کي هميشه لاءِ الوداع ڪرڻ کان اڳ مون دل کولي راند ڪئي گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه جو ڪرڪيٽ ڪئپٽن ٿيس. سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان کيڏندي پشاور يونيورسٽيءَ خلاف وڪيٽ ڪيپنگ ڪندي نَوَ رانديگر آئوٽ ڪري سنڌ يونيورسٽي ۽ پاڪستان جي گڏيل يونيورسٽين لاءِ وڪيٽ ڪيپنگ جو رڪارڊ قائم ڪيم (1957)، جيڪو گذريل ستاويهه سالن ۾ الائي ٽٽو به آهي، يا اڃا تائين قائم آهي! سنڌ لاءِ کيڏيم. فيڪلٽيز ڪراچي يونيورسٽيءَ جو ڪئپٽن ٿيس ۽ ٽيم کي فائينل تائين وٺي ويس، فائينل ايوب خان خلاف شاگردن جي هنگامن جي ور چڙهي ويئي. ڏينهن رات ڪرڪيٽ راند ۾ مشغول رهڻ جي باوجود مان قمر وانگر لکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. قمر وانگر شاعري ڪيم، ڪهاڻيون لکيم. شاعري هندستان جي سنڌي رسالن ۾ ڇپرايم. پر ڪوشش ۽ محنت جي باوجود مان قمر جهڙي شاعري ڪري نه سگهيس. مان قمر جهڙيون ڪهاڻيون لکي نه سگهيس.
مون قمر جي نالي سان ملندڙ جلندڙ اُچار وارو نالو امر ته پاڻ تي رکي ڇڏيو هو، پر اصل ۾ قمر جي دز کي به پهچي نه سگهيس. مون کي پڪ ٿي وئي ته ڪرڪيٽ ۾ جيئن مان امتياز جهڙو ٿي نه سگهيو هوس، تيئن ادب ۾ مان امر نالو رکائڻ جي باوجود قمر ٿي نه سگهندس. مون شاعريءَ تان هٿ کڻي ڇڏيو. ڪجهه عرصي تائين بي فيض ۽ بي لاڀ جدوجهد کان پوءِ مون محسوس ڪري ورتو، ته، مان ناممڪن کي ممڪن ڪري نه سگهندس. مان قمر وانگر ڪا به ڪهاڻي لکي نه سگهندس.
عين ممڪن هو ته مان بدحواس ٿي لکڻ تان هٿ کڻي ڇڏيان ها، بي مقصد ۽ بي معنيٰ زندگيءَ کي ڪوبه مقصد ۽ ڪابه معنيٰ ڏيڻ کانسواءِ هتان هليو وڃان ها! پر، قمر ائين ٿيڻ نه ڏنو. قمر ڏاڍي يقين سان مون کي اعتبار ڏياريندو آيو، ته مان لکندو رهان. مسلسل، لاڳيتو، پوري ڪمٽمينٽ سان لکندو رهان؛ ڇو جو مان ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ نه، بلڪه لکڻ لاءِ پيدا ٿيو آهيان، ته پوءِ مون کي هڪ حقيقت کي قبول ڪرڻو پوندو ته مان قيامت تائين، ڪنهن به جنم ۾ قمر جهڙي هڪ به ڪهاڻي لکي نه سگهندس؛ مون کي ادب جو صحرا جهاڳڻو پوندو ـــ! پنهنجي لاءِ اظهار جو نئون رستو تلاش ڪرڻو پوندو. نئين راهه جو کوج لڳائڻو پوندو. مون کي جوڳ وٺڻو پوندو. وستين بدران وستين جي ويرانين ۾ ويهي لکڻو پوندو. مون کي سڀ ڪجهه ڇڏڻو پوندو ـــ . دوست، احباب ۽ ساٿي! مون سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو!
ورهيه ٿي ويندا آهن جو اسين پاڻ ۾ نه ملندا آهيون. نه قمر مون کي خط لکي، ۽ نه مان ئي کيس خط لکان. ورهين کان پوءِ ڪٿي ملندا آهيون، ته هڪ ٻئي جي وجود تي وقت جا گهاوَ، چهري تي گهنج، ڇڊن وارن ۾ اڇن وارن جو وڌيل تعداد ڏسي حيران ٿيندا آهيون؛ پاڻ ۾ ڳالهائي نه سگهندا آهيون. هڪ پل ۾ هڪ ٻئي جي وجود ۾ ڊاهه کان پوءِ رهجي ويل قديم آثار ڏسي وٺندا آهيون. ڏاڍو کلندا ۽ کلائيندا هئاسين سڀني کي ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ واري دور ۾! رستن تي، دوستن سان ملي، ڪورس ۾ ڳائيندا هئاسين؛ ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين؛ هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“ پوليس وارن کان وٺي ويندي يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن ۽ وائيس چانسلرن تائين، سڀني جو نڪ ۾ دم ڪندا هئاسين؛ پر ڪڏهن به ڪنهن جي انسلٽ نه ڪئي سين. نتيجي طور موٽ ۾ اسان کي رڳو پيار ملندو هو. ايڏو پيار، جنهن جو اندازو لڳائڻ امڪان کان ٻاهر آهي.
قمر پنهنجي قد ڪاٺ ۽ ٺاهوڪي پرسنلٽيءَ سبب ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڇوڪرين ۾ ڏاڍو پاپولر هوندو هو. مان شڪل شبيهه ۾ ڪنهن بن مانس کان گهٽ ڪونه هوس (هينئر پوڙهو بن مانس لڳندو آهيان). يونيورسٽيءَ جي ڪابه ڇوڪري مون کي کنگهندي به نه هئي. ڪرڪيٽ ميچ ۾ منهنجا ڪارناما ڏسي. ڏاڍيون تاڙيون وڄائينديون هيون. پر ڪلاس، ڪاريڊار ۽ ڪينٽن ۾ مون کي ڏسي منهن موڙي ڇڏينديون هيون. قمر کي ان ڳالهه جو احساس هو. هن الائي ڪهڙو چڪر هلايو، جو هڪڙي ڏينهن يونيورسٽيءَ جي سڀ کان سهڻي ڇوڪري نسيمه مون وٽ آئي. چيائين ته اسان جي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪو فنڪشن آهي، مون ٻڌو آهي ته تون راڳ سٺو ڳائي سگهندو آهين، مهرباني ڪري اسان کي هلي راڳ ٻڌاءِ. مون قمر سان صلاح ڪئي. اهڙو ڏيک ڏنائين ڄڻ کيس ڪا خبر نه هئي! ان کان اڳ اسان ٻنهي گڏجي ان قسم جون انيڪ ايڪٽوٽيز ڪيون هيون. مشڪريءَ مشڪريءَ ۾ ماڻهن جا عشق ڪرائي وڌا هئاسين، جن مان ڪجهه عشقن وڃي شاديءَ تي دنگ ڪيو. قمر قسم کڻي تريءَ تي تيل لڳڻ نه ڏنو. نسيمه الائي ڇو، هر هفتي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ گڏجاڻي ڪندي هئي، ۽ مون کي ماسٽر چندر جو راڳ ڳائڻ لاءِ وٺي ويندي هئي؛ ”قسمت ڪئي جدائي، ڪنهن تي ميار ناهي“. قمر ۽ مان ٻئي پوڙها ٿي ويا آهيون، پر هن اڃا تائين ان راز تان پردو نه کنيو آهي؛ هن ائين ڇو ڪيو هو ـــ ! مان سمجهان ٿو، قمر هن وقت تائين منهنجي باري ۾ محسوس ڪري ورتو هوندو، ته زندگيءَ جا ڪجهه خال ڪڏهن به نه ڀرجندا آهن. هن جي ڪوشش اجائي هئي. يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ نسيمه جي شادي هڪ پائليٽ سان ٿي ويئي هئي.
ورهين کان پوءِ قمر جو خط آيو. لکيو هئائين، ”بائي پاس“ ڪرائڻ لاءِ لنڊن پيو وڃان؛ اڙي؛ هي ڇا ـــ ! قمر هن دفعي به مون سان مشڪري پيو ڪري ڇا ـــ ! هڪ دفعي مون سان ڏاڍو ظالماڻو چرچو ڪيو هئائين. سندس چرچو مون کي قطعي نه وڻيو هو. هن منهنجي دل آزاري ڪئي هئي، مون کي ڏک ڏنو هئائين. ٿيو اِئين هو، جو يونيورسٽيءَ ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ موڪلون هيون. قمر نوابشاهه ويل هو. عين اُن ڏينهن جنهن ڏينهن کيس ڪراچي ورڻو هو، نوابشاهه ۽ حيدرآباد وچ ۾ هڪ ريل گاڏيءَ جو زبردست ايڪسيڊنٽ ٿيو هو. حادثي ۾ ستر ـــ اسي کن ماڻهو مري ويا هئا. حادثي واري ڏينهن کان ٻئي ڏينهن قمر نه آيو. قمر جي ڀاءُ شمس الدين طرفان يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي لاءِ تار آئي. لکيل هو: ”ريل جي حادثي ۾ قمر گذاري ويو.“ ڄڻ هڪ پل ۾ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. آسمان ڌرتيءَ تي اچي ڪريو. فنا جو تصور اکين آڏو اچي بيٺو. منهنجي ڏک جو اندازو تڏهن به قمر لڳائي نه سگهيو هو، ۽ اڄ تائين هو منهنجي تڪليف جو اندازو لڳائي نه سگهيو آهي. منٽن ۾ المناڪ خبر سڄي يونيورسٽيءَ ۾ پکڙجي ويئي. وائيس چانسلر قمر جي ڏک ۽ احترام ۾ يونيورسٽي بند ڪري ڇڏي. تعزيتي جلسو ڪيو ويو، جنهن سان اُن دور جي نامور شاگرد اڳواڻن خطاب ڪيو. غائبانه نماز جنازه جون تياريون ٿي رهيون هيون، جو قمر شاگردن ۽ استادن جي روئيندڙ هجوم جي وچ ۾ اچي بيٺو. مان سمجهان ٿو، اُهو پهريون ڏينهن هو، ۽ شايد آخري، جو قمر جو عملي چرچو ڪنهن کي به نه وڻيو هو. سڀني دل کولي کيس ملامت ڪئي هئي. ڇويهه ـــ ستاويهه سال گذري ويا آهن اِن ڳالهه کي. مون کي اڄ به اُن ڳالهه جو ڏک آهي. کيس مون سان اِن قسم جو چرچو ڪرڻ نه جڳائيندو هو.
”بائي پاس“ واري آپريشن متعلق قمر جو خط پڙهي مون کي اچرج ٿيو. اڳ نڪري ويو نه! اسان ٻنهي، پنهنجي ساءِ، دل سان ڪو چڱو ورتاءُ نه ڪيو هو، ۽ نه ڪيو آهي. ڏاڍين آزمائشن ۾ وڌو آهي اسان پنهنجيءَ پنهنجيءَ دل کي! مون کي پڪ هئي، مون کي پڪ آهي، ته منهنجي دل مون سان دغا ڪندي، منهنجيون ارڏايون وڌيڪ سهي نه سگهندي. هڪ ڏينهن، اوچتو ئي اوچتو ساٿ ڇڏي ويندي. هونءَ به، منهنجيءَ دل لاءِ دغا ڏيڻ جو مڪمل حوالو پڻ آهي. منهنجي امڙ، اهڙي امڙ جنهن جو ذڪر فقط ڪهاڻين ۾ ايندو آهي، هارٽ اٽيڪ ۾ گذاري ويئي هئي. منهنجو اڪيلو ڀاءُ، درويش صفت وڏو ڀاءُ به هارٽ اٽيڪ ۾ اُسهيو هو. مان به جڏهن دل هٿان دغا کائي هتان روانو ٿيندس، تڏهن ڪنهن کي به تعجب نه ٿيندو. چوندا، موروثي مرض هوس؛ دل ٽٽي پيس. پر، هيءُ ”بائي پاس“ جو چڪر قمر ڪيئن هلايو آهي! خط ۾ لکيو هئائين، ”جواب ۾ ڪجهه نه لکجانءِ.“ مون جواب ۾ کيس ڪجهه نه لکيو. آسمان ڏانهن ڏسندي چيو هوم، ”اِهو هڪ شخص منهنجو دلبر دوست اٿئي. خيال ڪجانءِ ـــ ورنه، مون کي تون سڃاڻين ٿو.“
قمر صحت مند ٿي موٽيو. پنهنجن ٻارڙن سان اچي مليو. مون آسمان ڏانهن ڏسندي چيو، ”ٿينڪ يو. هاڻي جيڪڏهن ڪو حساب ڪتاب ڪرڻو اٿئي، ته مان حاضر آهيان. منهنجي اڳيان پويان ڪوبه ڪونهي.“
1980