دلپسند ڌنڌو
اڄ، سنڌ ۾ سڀ کان ڪارآمد ڌنڌي متعلق ڳالهائبو، ۽ آخر ۾ ان ڌنڌي جو نسخو اوهان کي ٻڌائبو، ۽ فيضياب ڪبو.
مون کي يقين آهي، ته ”ڪارآمد ڌنڌي“ جو لفظ ٻڌڻ کان پوءِ، اوهان جو ڌيان ڪليم جي ملڪيت ڏانهن ڇڪجي ويو هوندو. برابر، ڪليم جي ملڪيت هٿ ڪرڻ، ۽ هٿ ڪري نيڪال ڪرڻ بهترين ڌنڌو آهي. مون کي ان کان انڪار ڪونهي. پر، اڄڪلهه ڪليم جو ڌنڌو ٿڌو ٿي ويو آهي. ذري گهٽ سموري سنڌ وڪامي ويئي آهي. هينئر سنڌ ۾ ڪليم لاءِ سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ڪجهه به نه بچيو آهي. مان اوهان کي اهڙي دائم ۽ قائم ڌنڌي جو نسخو ٻڌائيندس، جنهن جو سج سنڌ ۾ ڪڏهن به نه لٿو آهي.
ٿي سگهي ٿو، اوهين پلاٽن جي الاٽمينٽ متعلق سوچي رهيا هجو! سٺو ڌنڌو آهي. پلاٽ الاٽ ڪرائي، وڏين قيمتن تي وڪڻي چڱو لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو. مون اڄ تائين چار پلاٽ مختلف اسڪيمن ۾ پنهنجي نالي الاٽ ڪرائي، ۽ پوءِ وڪڻي ڇڏيا آهن. جيڪو پلاٽ چئن هزارن ۾ ورتم، سو چاليهن هزارن ۾ وڪڻي ڇڏيم! اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ هڪ به پلاٽ پنهنجي نالي الاٽ نه ڪرايو، تنهن ڪري اڄ تائين ڪنگلو آهي. هو مئل انگريزن جا ڪپڙا پائيندو، ۽ ٻاڪڙن تي ماني کائيندو آهي. بيوقوف آهي. وقت جو فائدو نه ٿو کڻي. هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور پڇتائيندو.
سنڌ ۾ اڄڪلهه هڪ ٻيو ڌنڌو به کلي پيو آهي. يار لکين پيا ڪمائين. مثال طور، اوهين جيڪڏهن عام ماڻهن تي اهو اثر ويهارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيو، ته اوهين ڪنهن ايم اين اي، ايم پي اي، يا ڪنهن وزير جا ماڻهو آهيو، ته پوءِ اوهان لاءِ دولت جون واٽون کليل آهن. عام ماڻهن کان اوهين ڪم ڪرائي ڏيڻ جي آسري تي سوين، هزارين رپيا ڦٻائي سگهو ٿا. پر، اِهو ڌنڌو به عارضي آهي.
مان قائم ۽ دائم ڌنڌي بابت اوهان کي ڪجهه ٻڌائيندس. اوهان جو ڌنڌو هڪ پشت کان ٻيءَ پشت تائين هلندو رهندو، ۽ ڪڏهن به مات نه کائيندو.
ڌنڌو شروع ڪرڻ کان اڳ اوهان کي مناسب جاءِ ڳولڻي پوندي. جاءِ جي الاٽمينٽ جي ضرورت اوهان کي هرگز محسوس نه ٿيندي، ڇو جو ان جاءِ تي اوهان کي هڪ عدد قبر ٺاهڻي آهي، ۽ ان قبر جو مجاور ٿيڻو آهي.
قبر، جوکم ۽ ڦڏي واري هنڌ ٺاهڻ سان وڌيڪ لاڀ ملندو آهي. مثال طور، قبر (اندران خالي) سپر هاءِ وي، چڪلي، جوا جي ٽڪرين، ۽ شراب خانن جي پسگردائيءَ ۾ ٺاهڻ گهرجي. قبر جي پبلسٽيءَ لاءِ قوالي ڪرائجي، ۽ ماڻهن کي قبر واري پير سائينءَ جي ڪرامتن بابت معلومات پهچائجي. قبر تي لوبان ۽ اگربتي ٻارڻ کان هرگز نه ڪيٻائجي. دونهون ڏسي ماڻهو ديوانا ٿي ويندا آهن. اسين سنڌي قبر پرستيءَ ۾ عالمي چيمپئن آهيون. خدا جي فضل سان اوهان جي اڏيل قبر اوهان جي اولاد لاءِ قارون جو خزانو ثابت ٿيندي.
1974