باب ڇهون
منهنجو تڙ ڏاڏو، يعني منهنجي ڏاڏي جو ڏاڏو سنڌ سڳوريءَ جي آڙيڪاپ وڏيرن مان هڪ آهي. سندس شمار سنڌ جي بااثر، معتبر، ۽ سياسي شخصيتن ۾ ٿيندو آهي. ڪتا، سوئر، رڇ ۽ ڌاڙيل پالڻ کان سواءِ سندس لاجواب زندگيءَ ۾ ٻه مشغلا مستقل اهميت واري جڳهه والاريندا آهن. کيس اڪثر انهن مستقل مشغولين ۾ مصروف ڏٺو ويو آهي. مستقل نوعيت وارا ٻه مشغلا سندس ابدي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سبب آهن. هن تاريخ کي شڪست ڏيئي ڇڏي آهي. ڀڙڀانگ ڳوٺن جي رعيت کيس گهڻو ڪري نئين شادي ڪندي يا چونڊن ۾ بيهندي ڏٺو آهي. انهن ٻنهي مشغولين ۾ منهنجو تڙ ڏاڏو ڏاڍي زور شور سان حصو وٺندو آهي. هو اڪثر نئين سر شادي ڪندو آهي، ۽ چونڊن ۾ بيهڻ کان پوءِ ڪامياب ٿيندو آهي. چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ڇيهه وڃي اسيمبلين ۾ ڪندو آهي، ڪڏهن قومي اسيمبليءَ ۾، ته ڪڏهن صوبائي اسيمبليءَ ۾! اِهو شغل ورهاڱي کان اڳ کان جاري آهي.
اسان جي تمام وڏي خاندان ۾ اسان جو تڙ ڏاڏو سڀ کان وڌيڪ محبت مون سان ڪندو آهي. هو اڪثر منهنجي لاءِ فڪرمند رهندو آهي. منهنجين حرڪتن ۽ بدمزاجين سبب پاڪستان ۾ کيس منهنجي لاءِ ڪوبه شاندار مستقبل نظر نه ايندو آهي. کيس منهنجو سنڌيءَ ۾ لکڻ بنهه نه وڻندو آهي.
پنهنجي بي انتها ڪامياب، درخشان ۽ لاجواب زندگيءَ ۾ پندرهون دفعو شادي ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ هن مون کي نصيحت ڪندي چيو هو: ”تون سچ ڳالهائين يا ڪوڙ؛ اهو اهم ناهي. اهم اهو آهي ته تون جيڪي ڪجهه ڳالهائين، لکين، پڙهين، ۽ سوچين سو سمورو انگريزيءَ ۾ هئڻ گهرجي. جيڪي ماڻهو انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندا، لکندا، پڙهندا ۽ سوچيندا آهن، سي ٻئي ڪنهن ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ سوچڻ وارن تي راڄ ڪندا آهن. سنڌيءَ ۾ لکڻ سان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندوءِ.“
مون کيس جواب نه ڏنو هو. کيس جواب نه وڻندا آهن.
منهنجي تڙ ڏاڏي پنهنجي نصيحت جاري رکندي چيو هو، ”بنگالي ليکڪن وانگر تون به گم نام رهجي ويندين. ڪوبه مغربي پاڪستاني تنهنجيءَ ڳالهه کي اهميت نه ڏيندو. مغربي پاڪستان جي ڪيترن عقل ۾ اڪابر دانشورن کي بنگالي ليکڪن جا نالا ياد آهن! مغربي پاڪستانين کي خبر آهي ته مشرقي پاڪستاني ڇا لکندا هئا؟ تنهن ڪري، منهنجا تڙ پوٽا، تون به سنڌيءَ بدران انگريزيءَ ۾ لکڻ شروع ڪر.“
سنڌ ۾ وڏيراشاهي، ۽ سياست گڏ هلندي آهي. سنڌ ڇا، سموري پاڪستان ۾ سياست ۽ وڏيرا شاهي گڏ هلندي آهي. پر، ٻين صوبن ۾ وڏيرا نه ٿيندا آهن. اُتي وڏيرن جا لقب بدلجي ويندا آهن. ٻين صوبن ۾ وڏيرن کي سڏيندا آهن، سردار، خان، ۽ چوڌري! پاڪستان جي سموري زمين سندن زمينداريءَ ۾ شامل آهي. ٻين لفظن ۾، سمورو پاڪستان سندن جاگير آهي، ۽ سموري ملڪ جا ماڻهو سندن هاري، ڪاشتڪار، مزاريه، ڪمي، ۽ نوڪر چاڪر ٿيندا آهن. هو پنهنجين وڏين موٽرن، پجيرو ۽ نسان جهڙين گاڏين جا ڪارا شيشا چاڙهي پاڪستان جي ڪچن ۽ پڪن رستن تي قوم جي خدمت خاطر تيزيءَ سان ايندي ۽ تيزيءَ سان ويندي نظر ايندا آهن.
تمام وڏي زميندار جي حيثيت ۾، ۽ بااثر شخصيت هئڻ جي ناطي، منهنجي تڙ ڏاڏي وٽ ان کان سواءِ ٻي ڪا واهه نه آهي ته هو مسلسل شاديون ڪندو رهي، ۽ چونڊن ۾ بيهندو رهي. هو اڻويهه سئو هڪ (1901) کان ايتريقدر ته چونڊن ۾ بيٺو آهي جو هينئر ويهڻ وساري ويٺو آهي، ۽ اڪثر بيٺي نظر ايندو آهي. ورهاڱي کان اڳ به اسان جو تڙ ڏاڏو اهڙي ئي نموني بااثر ۽ هردل عزيز هو، جهڙي نموني ورهاڱي کان پوءِ ثابت ٿيو آهي. سنڌ جي ذري گهٽ سمورن سپاهين ۽ صوبيدارن سان سندس دوستي آهي. ورهاڱي جو سندس ناموس ۽ نامياچار تي ڪو اثر نه پيو آهي.
هو اڄ به پنهنجن هارين نارين ۾ ايترو ئي هر دلعزيز آهي، جيترو ورهاڱي کان اڳ. ورهاڱي کان اڳ به وڏي اڪثريت سان چونڊ کٽيندو هو، ورهاڱي کان پوءِ به وڏي اڪثريت سان چونڊ کٽيندو آهي. تاريخ ۽ تاريخي تبديلين جو مٿس ڪو اثر نه پيو آهي. تنهن ڪري سندس شمار پاڪستان جي تاريخ ساز شخصيتن ۾ ٿيندو آهي.
منهنجي تڙ ڏاڏي کي هڪ ڏک کان سواءِ ٻيو ڪو ڏک ڪونهي. کيس ڏک آهي ته مان سنڌي ۾ لکندو آهيان. ائين به ناهي ته منهنجو ڏاڏو ڪو انگريزيءَ ۾ اڪابر آهي، يا وليم شيڪسپيئر جو قلمي دوست آهي. نه نه. اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي. هن پنهنجي لاجواب ۽ حيرت انگيز زندگيءَ جي اوائلي دور ۾ انگريزن جو دٻدٻو ڏٺو هو. انگريز جي حشمت ۽ شان شوڪت کان ڏاڍو متاثر آهي. هڪدفعي چيو هئائين، ”اڙي ڀوڪ، خبر اٿئي ته انگلستان جي راڻي انگريزيءَ ۾ لکندي، پڙهندي ۽ ڳالهائيندي آهي؛ تنهن ڪري دنيا تي حڪومت ڪندي آهي. منهنجا ڀوڪ تڙ پوٽا، منهنجي ڀوڪ پوٽي جا ڀوڪ پٽ، موهن جي دڙي واري ٻوليءَ ۾ لکڻ کان توبهه ڪر، ۽ انگريزن ۽ انگريزن جي رهجي ويل نسل جي ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪر، ۽ پنهنجو آئيندو روشن ڪر.“
پنهنجي تڙ ڏاڏي جي نصيحت تي عمل ڪندي مون انگريزيءَ ۾ لکڻ جو فيصلو ڪيو. مان هڪ انگريزي اخبار جي آفيس کان ٻئي آفيس تائين ڌڪا کائيندو رهيس، پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو.
نيٺ هڪڙي انگريزي اخبار جي سب ايڊيٽرن ۽ ڪرائيم رپورٽرن کي منهنجي حال تي رحم آيو. هنن تعجب وچان پڇيو، ”ڇا واقعي تون گذريل ٽيهن سالن کان لکي رهيو آهين؟“
هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيم، ”ها ڀائو، مان گذريل ٽيهن سالن کان لکي رهيو آهيان.“
چيائون، ”پر، اسان اڄ تائين تنهنجو نالو نه ٻڌو آهي.“
”توهان بنگالي ليکڪن جو نالو به نه ٻڌو هو.“ چيم، ”مان سنڌيءَ ۾ لکندو آهيان.“
”اوه!“ ڏاڍي عجيب ۽ دردناڪ قسم جي آه سندن وات مان نڪري ويئي. چيائون، ”ته تون سنڌيءَ ۾ لکندو آهين!“
”ها سائين.“ وراڻيم، ”مان سنڌيءَ ۾ لکندو آهيان.“
پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ کان پوءِ چيائون ”ته تو سچ پچ انگريزيءَ ۾ لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟“
”ها. مون انگريزيءَ ۾ لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ چيم، ”منهنجي تڙ ڏاڏي چيو آهي ته مان سنڌيءَ کي ڇڏي انگريزيءَ ۾ لکڻ شروع ڪريان.“
”تنهنجي تڙ ڏاڏي لاءِ اسان کي احترام آهي.“ هنن چيو، ”پر، هڪ علاقائي ۽ صوبائيءَ ٻوليءَ مان نڪري سڌو سنئون بين القوامي ٻوليءَ ۾ لکڻ مناسب نه ٿو لڳي. ڪيترن سالن کان سنڌيءَ ۾ لکي رهيو آهين؟“
چيم، ”ٽيهن سالن کان.“
چيائون، ”هاڻي تون هيئن ڪر، ٽيهه سال لاڳيتو قومي ٻولي اردوءَ ۾ لِکُ. ٽيهن سالن تائين اردوءَ ۾ لکڻ کان پوءِ تون پنهنجي تڙ ڏاڏي جي نصيحت تي عمل ڪندي. انگريزيءَ ۾ لکڻ شروع ڪجانءِ.“
مان مايوس ٿي موٽي آيس. ان ڳالهه جو ذڪر مون پنهنجي تڙ ڏاڏي سان ڪيو.
منهنجي تڙ ڏاڏي چيو، ”تون فڪر نه ڪر. انگريزيءَ ۾ مان پنهنجي هڪ اخبار ڪڍندس، ۽ توکي ان اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪندس.“
گد گد ٿيندي پڇيم، ”اخبار جو چيف ايڊيٽر ڪير هوندو ڏاڏا سائين؟“
سنڌ جي گڙنگ وڏيري، منهنجي تڙ ڏاڏي وراڻيو، ”چيف ايڊيٽر مان ٿيندس. ٻيو ڪير ٿيندو!“
مان عنقريب پنهنجي تڙ ڏاڏي جي انگريزي اخبار ۾ انگريزي ۾ ڪالم لکندس.
1991