فوزيه جو خط
هن خط جي آخر ۾ پنهنجو نالو فوزيه لکيو آهي. خط ختم ڪندي هن لکيو آهي، ”هيءُ خط مون پنهنجي ماحول کان متاثر ٿي لکيو آهي. ظلم ته ڏسو، لڪي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري رهي آهيان ــ نالو به مٽائي. ڇو! ڇو! صرف انهيءَ ڪري ته جي اِهو نه ڪيم ته بيڪار ۾ ذهن ۾ مانڌاڻ مچي ويندو، ۽ اڄ جيڪا جرئت ٿي آهي اها هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي. هميشه اوهين پنهنجين ۽ ٻين جي ڳالهين لاءِ ڪالم مخصوص ڪندا آهيو. اڄ اوهان صرف منهنجين ڳالهين جو ذڪر ڪريو“.
تنهنجيءَ سوچ، ۽ منهنجيءَ سوچ جو محور ساڳيو آهي، فوزيه، تنهن ڪري اڄ مان فقط تنهنجي خط جو ذڪر ڪندس. عورت بنيادي طرح ماءُ آهي. ٻار جي پهرين، ۽ ابتدائي تربيت ماءُ جي هنج ۾ ٿيندي آهي. ان تربيت جو اثر کڻي ٻار وڏو ٿيندو آهي، ۽ دنيا جي لاهن چاڙهن مان لنگهندو آهي. ٻار جي پهرين ۽ ابتدائي تربيت اهم آهي. سنڌ جو مرد اڄ جيڪڏهن ان حقيقت جو منڪر آهي، ته سڀاڻي کيس ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو.
ويجهڙائيءَ ۾ ٻن انتهائن جي وچ ۾ مون ماءُ ۽ ٻار جي تعلق جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي. ٻنهي انتهائن مان پهرين انتها سنڌي ماءُ ۽ سندس ٻار آهي. سنڌي ماءُ جهڙو پيار دنيا جي ٻئي ڪنهن ٻار کي ورلي ملندو. سنڌي ماءُ پاڻ کي پنهنجي اولاد تان صدقو ڪندي نه ٿڪبي آهي ــ گهوريو پئي ويندي! سموري دنيا جي مائرن جو پيار تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ ۽ ٻئي ۾ جيڪڏهن سنڌي ماءُ جو پيار وجهجي، ته به سنڌي ماءُ جو پيار سوايو ثابت ٿيندو. پر، فقط پيار ئي ته سڀ ڪجهه ناهي زندگي ۾! اسان جي امڙ وهمن ۾ ورتل، ۽ سودائن ۾ سوگهي ٿيل آهي. اسان جي امڙ جنن ڀوتن جي جڙتو ڳالهين کان هيسايل آهي. اسان جي امڙ تعويذ ڳنڊن جي معتقد آهي. اسان جي امڙ پير پرست ۽ قبر پرست آهي. پر ان ۾ اسان جي امڙ جو ڏوهه نه آهي. کيس علم، معلومات ۽ روشنيءَ کان محروم رکيو ويو آهي. کيس ڄاڻ کان دور ڪيو ويو آهي. اهڙي ماءُ ٻار کي بيمثال پيار ته ڏيئي سگهي ٿي، پر سندس تربيت ڪري نه ٿي سگهي. اهڙي ماءُ جي هنج مان ٻار وهمي، سنسائي، ڊڄڻو، قبر پرست ۽ گيدي ٿي وڏو ٿيندو. ان قسم جا ٻار جڏهن وڏا ٿي معاشري ۾ وراهجي ويندا آهن، تڏهن هڪ ٻئي تي شڪ، گلا، دشمني، ۽ دغا بازيءَ جي اک رکندا آهن. اسين اهڙي معاشري جا فرد آهيون.
ٻي انتها مان آمريڪا ۾ ڏسي آيو آهيان. ماءُ پنهنجي ٻار کي نرسريءَ جي حوالي ڪري ڪم تي هلي ويندي ــ شام جو دير سان گهر موٽندي ــ ٻار عجب مان ماءُ ڏانهن ڏسندو ــ ۽ ممتا لاءِ واجهائيندو! اهڙي ماحول ۾ ٻار پنهنجيءَ دل ۾ ماءُ جي محبت جي روشني ڏسي نه سگهندو. تنهن ڪري آمريڪي ماءُ ۽ سندس ٻار جي وچ ۾ اُها سڪ ۽ ڇڪ نه آهي، جيڪا سنڌي ماءُ ۽ سندس ٻار جي وچ ۾ آهي. آمريڪي معاشري ۾ نتيجو اهو نڪتو آهي جو هوش سنڀالڻ کان پوءِ ٻار پهريون ڪم اهو ڪندو آهي جو پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي ڏيندو آهي. اهي حالتون خالص سرمائيدار ماحول ۾ پيدا ٿينديون آهن. اسين نظرياتي طور تي سرمائيدار ماحول جا مخالف آهيون. اهڙو ماحول اسان وٽ پيدا نه ٿيندو.
سنڌ جي مرد ۾ (دنيا جي ڪنهن به مرد ۾) اهڙي ٿوم نه آهي جو اڪيلي سر، يعني ماءُ جي تربيت کانسواءِ، سٺا، برجستا، ڦڙت ۽ ذهين شهري پيدا ڪري سگهي. ان لاءِ ماءُ کي علم، معلومات، ڄاڻ ۽ روشني حاصل ڪرڻي آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌي مرد هر ممڪن ڪوشش ڪري عورت کي علم، معلومات، ڄاڻ ۽ روشنيءَ کان محروم رکيو آهي، اهڙي طرح هو مرد جي هوڏ کي هٿي ڏيندو رهيو آهي. ۽ تو پنهنجي خط ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي، ”توهان مرد شڪ ئي شڪ ۾ اسان کي اوڙاهه جي ڪن ۾ کنبيو ڦٽو ڪريوــ“ ان کان پوءِ تو مرد جي مرضين جو ذڪر ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو، ان مان تنهنجو اشارو ”ڪارو ڪاريءَ“ جي وحشي ۽ ڪاري روايت ڏانهن آهي. ڪارو ڪاريءَ جي روايت يا رواج اسان جي جهالت جو شاهد ۽ امين آهي. اهو رواج جيڪڏهن ڪارآمد هجي ها، ته اڄ تائين هزارين عورتون ۽ مرد مارجي وڃڻ کان پوءِ سنڌ مان ”ڪارو ڪاريءَ“ جو نالو ختم ٿي وڃي ها. پر ائين نه ٿيو آهي. روزانو اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريون پيون آهن. ان جو مطلب آهي ته ڪارو ڪاريءَ وارو وحشي رواج بيڪار ۽ بيسود ثابت ٿيو آهي. نڪاح کان پوءِ ڪنهن به مرد کي عورت جي حياتيءَ تي اختيار نه ٿو ملي. مرد جيڪڏهن محسوس ڪري ته عورت هن سان خوش ۽ راضي نه آهي، ته هو اهڙي عورت کي طلاق ڏيئي سگهي ٿو. پر ائين ڪرڻ لاءِ به عقل، علم ۽ ڄاڻ جي ضرورت آهي. جاهل ۽ اڻ پڙهيل مرد پنهنجي عورت کي ڍور ڍڳو سمجهندو آهي، تنهن ڪري کيس ماريندي ويرم نه ڪندو آهي. هو سمجهندو آهي ته عربيءَ ۾ ٻڌايل نڪاح ۾ شايد اهو به شامل آهي ته عورت ٻڌي ٻانهيءَ طور کيس ملي رهي آهي، تنهن ڪري کيس عورت جي حياتيءَ تي به اختيار آهي. جڏهن چاهي، کيس ماري ڇڏي! خدا شل مولوين کي ساڃهه ڏئي ۽ هو نڪاح جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مرد کي به ٻڌائين. فوزيه، اسين ان ڪاري ڪاريءَ جي ڪاري رواج خلاف بغاوت ڪنداسين، سنڌ کي وحشي ريتن کان آجو ڪرائينداسين، ۽ ڪردارن کي علم ۽ عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ڪوشش ڪنداسين. مون ان لاءِ اڪيلي سر جنگ جوٽي آهي، ۽ مان اها جنگ جاري رکندس.
تو فوزيه، پنهنجي خط جي پڄاڻيءَ ۾ منهنجي لاءِ دعا لکي آهي، ”شال خوش رهو سنڌوءَ مان.“
هوءَ شل خوش رهي، سنڌو شل سکي رهي ــ منهنجيون رهيل سهيل خوشيون به شل هن کي ئي ملن ــ منهنجيءَ حياتيءَ جون باقي بچيل گهڙيون به شل هن کي ئي نصيب ٿين. منهنجو ڇاهي! مان پوئين پهر جو ڏيئو آهيان ــ آهستي آهستي اُجهامي رهيو آهيان.
1977