جيجل ٻيجل آيو آ
پاڪستان جي مضبوط مرڪز اسلام آباد مان (جتي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي ڪرسيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به ڪرسي مضبوط نه هوندي آهي، بلڪه لوڏن ۾ هوندي آهي) مون قمر شهباز کي چوائي موڪليو هو ته، يار مون کي خاص مهمان ڪري گهرائين ته ٿو، پر مون کان تقرير نه ڪرائجانءِ. مون کي تقريرلکي ڏيڻ وارو ڪوبه ڪونهي. ۽ جي پنهنجي ساءِ تقرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، ته پوءِ خدا جي فضل سان تقرير ختم ٿيڻ کان اڳ مهمان ختم ٿي ويندا، برداشت ڪرڻ لاءِ هال ۾ تون وڃي اڪيلو بچندين ۽ منهنجي مشق ستم جو شڪار ٿيندين.
ڪميونيڪيشن، يعني مواصلات ۾ گڙٻڙ سبب منهنجو نپايو قمر بدران قمر جي دشمنن کي وڃي پهتو. دشمنن ٺهه پهه چوائي موڪليو ته، مولائي تقرير کان سواءِ ڪم نه هلندو ـــ پاڪستان ۾ ٻيو ڪجهه ڪجي يا نه ڪجي پر تقرير ضرور ڪجي. تنهن ڪري اي مضبوط مرڪز مان ايندڙ ڪمزور مسافر، توکي تقرير ڪرڻي پوندي ـــ ڪرڻي پوندي.
سوچيم، انڪار ڪري ڇڏيان. دعوت قبول نه ڪريان. ورهين کان پوءِ وطن ورڻ، ۽ مٽيءَ تي مٿو ٽيڪڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيان. پر، دل کي ڪير سمجهائي! دل وس هجي ها، ته جيڪر ممنوع محبتن جي ڪعبي ۾ سجدو نه ڪري ها. سنڌوءَ ۾ ساهه نه اٽڪائي ها. ۽ پاڻ سان گڏ مون کي گهر گهر بدنام نه ڪري ها. ضد ڪري، سفر جو سامان ٻڌي ويٺي. دل کي سمجهايم. چيم، ”واعده معاف گواهه وانگر، ڦري ويل شاهد وانگر مون سان دوکو نه ڪر ـــ مان تقرير ڪري نه سگهندس. ڪن تي هٿ رکي هوڪو ڏيئي، مان ريوڙيون، چڻا ۽ ڀڳڙا ته وڪڻي سگهندس. پر تقرير ڪري نه سگهندس. دل، مون کي ٻيلي مجبور نه ڪر.“
دل ماٺ! اهڙي اوپري، جهڙو پرديس! سوچيم، دل آڏو دليل نه هلندو ـــ نظريه ضرورت ڪم نه ايندو: ۽ هونءَ به قمر جي ڪتاب لاءِ ميڙو متو آهي، قمر سان دوستي ڪا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه ته نه آهي! چوٿائي صديءَ کان ڏهاڪو کن سال مٿي جي ياري آهي. قيامت جهڙي هڪ دور جي ياد آهي، جڏهن مون، آڪٽوبر 1955 جي هڪ رڻ جهڙي، ۽ رڃ جهڙي شام ۾ موني بازار نوابشاهه جي چوڪ تي ماڻهن جي سمنڊ آڏو قمر جو هڪ قومي گيت ڳايو هو، ”وطن جي راهه ۾ وطن جا نوجوان شهيد ٿيو. يا بچايو سنڌ کي يا سورما شهيد ٿيو.“
ون يونٽ خلاف هليل اها هلچل، 1983ع ۾ مارشل لا خلاف هلايل هلچل کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئي. گولين، ٽيئرگيسن ۽ ڏنڊن جي وسڪارن ۾ قمر جي ۽ منهنجي دوستيءَ جي پيڙهه پئي هئي. سوچيم، ڪراچي ضرور وڃبو. قمر جي فنڪشن ۾ شريڪ ضرور ٿبو. پر، بدبخت هڪ عدد تقرير جو ڇا ڪبو! تڏهن، مون کي پهريون ڀيرو ڪنهن جي زندگيءَ ۾ صديق سالڪ جي اهميت جو اندازو ٿيو هو.
اسلام آباد ڪامورن جو شهر آهي. ڪي ڪامورا ڇوٽا، ته ڪي موٽا ـــ ڪي سهڻا، ته ڪي ڪارا، ته ڪي ڪوجها! قسمين قسمين ڪم ڪن. سيڪريٽريٽ جي ايئرڪنڊيشنڊ آفيسن ۾ ويهي ٿربر جي باري ۾ ترقياتي اسڪيمن سان فائيلن جا پيٽ ڀرين. ڪاغذن تي رٿائون ٺاهن ۽ وري ڊاهي ڇڏين، ليجرن ۾ قرض جاري ڪن، ۽ جاري ڪرڻ کان پوءِ قرض معاف ڪري ڇڏين. ماڻهن جو پيٽ ڀرجي، يا نه ڀرجي، پر فائيل جو پيٽ ضرور ڀرجي! مطلب ته سموري ملڪ ۾ جيڪي ڪک پن چرندا آهن، سي اسلام آبادي ڪامورن جي حڪم سان چرندا آهن. وڏن ۽ ذري گهٽ جِنَ جيڏن ڪامورن لاءِ ڪي ذهين، سياڻا ۽ دانشور قسم جا ماڻهو تقريرون تيار ڪندا آهن، ۽ پاڻ کي صاحبن جا اسپيچ رائيٽر، يعني تقريرون لکندڙ سڏائيندا آهن ۽ صاحبن جي ويجهو ۽ گهڻ گهرن مان هوندا آهن. صبح جو صاحب کي جيسمين يعني ياسمين باغ ۾ گلن جي نمائش جو افتتاح ڪرڻو هوندو ته اسپيچ رائيٽرن طرفان ٺهه پهه تقرير تيار! منجهند جو دانشورانِ اسلام آباد طرفان صاحب جي شان ۽ مانَ ۾ مانيءَ جو اهتمام هوندو ـــ اسپيچ رائيٽرن طرفان ٺهه پهه تقرير تيار! شام جو اسلام پسندانِ اسلام آباد جي جلسي ۾ صاحب کي رونق افروز ٿيڻو هوندو ـــ اسپيچ رائيٽرن طرفان ٺهه پهه تقريرتيار! رات جو غير ملڪي فنڪارن جي طائفي طرفان صاحب کي شرڪت جو سڏ هوندو ـــ ٺهه پهه تقرير تيار! اسلام آباد ۾ اسپيچ رائيٽر، صاحبن لاءِ تقريرون ائين تيار ڪندا آهن، ڄڻ فاسٽ فوڊ! تڙي کڙي تيار، گرم، سوادي ۽ مصالحيدار! اهو ڪم هو نهايت خير خوبيءَ سان، گذريل ٽيهن سالن کان ڪندا اچن، جڏهن فيلڊ مارشل ايوب خان اسلام آباد ۾ پنهنجي راڄڌانيءَ جو پايو وڌو هو.
مان هڪ ٻن اسپيچ رائيٽرن کي سڃاڻان. وڃي در ورتو مانِ، عرض ڪيو مانِ، ته قمر شهباز جي ڪتاب جي مهورت آهي. مون کي خاص مهمان ڪري گهرايو اٿائين، هونءَ ته منهنجي ڪا حيثيت ڪانهي، پر خاص مهمان جي حيثيت ۾ مون کي هڪ عدد تقرير ڪرڻي پوندي، ورنه وڏي ڦڪت ٿيندي.
ڪجهه سوچيائون. پوءِ پڇيائون، ”تو وارو سنگتي قمر شهباز چانڊيو ته ناهي؟“
هڪدم چيم، ”نه هرگز نه.“
پڇيائون، ”۽ تون؟“
وراڻيم ”پوليس ۽ سي. آئي. ڊيءَ. وارن جي رپورٽن مطابق مان ٽوهه چانڊيو آهيان. پر، خدا ٿو ڄاڻي ته مان ٽوهه چانڊيو نه آهيان.“
پڇيائون، ”پوليس کي ڇو شڪ آهي ته تون ٽوهه چانڊيو آهين؟“
چيم، ”ان ۾ سمورو ڏوهه منهنجي بدني بناوٽ جو آهي. ۽ ٻيو ته ٽيهه سال اڳ جنهن ڏينهن ٽوهه چانڊيو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو، ان ڏينهن منهنجو پهريون افسانو شايع ٿيو هو.“
پڇيائون، ”پوليس کي ٽوهه چانڊيي جو لاش هٿ آيو هو؟“
چيم، ”نه، پر هنن هڪ پوڙهي نابيني ڳوٺاڻي کي ڀت سان بيهاري، گولين سان ماري، سندس مڙهه کي ٽوهه چانڊيي جو لاش ظاهر ڪري اختياريءَ وارن آڏو پيش ڪيو هو.“
پڇيائون، ”ان جهڙو هڪ واقعو ويجهڙائيءَ ۾ به ٿيو آهي.“
چيم، ”ها، سنڌ صدين کان ستمگرن لاءِ شڪار گاهه رهي آهي.“
پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ کان پوءِ پڇيائون، ”جيڪڏهن اهو لاش، ٽوهه چانڊيي جو لاش نه هو، ته پوءِ يقين سان ۽ پڪ سان چئي سگهجي ٿو، ته تون ئي ٽوهه چانڊيو آهين. ۽ ٻهروپ ڪري اسلام آباد ۾ روپوش ٿيل آهين.“
”يار، چرچا نه ڪريو.“ کين عرض ڪيم، ”خدا جي واسطي مون کي هڪ عدد ريڊي ميڊ تقرير عنايت ڪريو.“
چيائون، ”اسان وٽ ڪجهه اهڙيون تقريرون تيار آهن جيڪي پوليس جي بهادر آفيسرن ۽ سپاهين ۾ تمغا ۽ سرٽيفڪيٽ وراهڻ وارين تقريبن ۾ صاحبن کي ڪرڻيون هيون پر، بدقسمتيءَ سان حادثاتي طور تي رهجي ويون.“
پڇيو مان، ”ڪهڙن ڪارنامن جي عيوض پوليس وارن کي تمغا ۽ سرٽيفڪيٽ پئي ڏنائون؟“
وراڻيائون، ”گذريل يارهن سالن کان سنڌ ۾ روزانو هڪ سئو ڌاڙيل جو پئي ماريائون پوليس مقابلي ۾. اهو ڪو گهٽ ڪارنامو آهي ڇا!“
مان ٻُڏتر ۾ پئجي ويس. سوچيم، ائين برابر آهي، جو سنڌ ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن طرفان ڌاڙيلن ۽ ليکڪن ۾ ڪو امتياز نه ڪيو ويو آهي، پر تنهن هوندي به ان قسم جي ريڊي ميڊ تقرير قمر شهباز جي فنڪشن ۾ ڪم نه ڏيندي.
مون کانئن کلي موڪلايو. پڇيائون، ”قمر شهباز جو پبلشر چريو ته ناهي، جو توکي يعني ٽوهه چانڊيي کي خاص مهمان ڪري گهرايو اٿائون!“
چپن تي مرڪ آڻي، دل ئي دل ۾ کين خوب گاريون ڏنم. روانو ٿيڻ تي هوس جو کلي پڇيائون، ”صدارت لاءِ ڪنهن کي گهرايو اٿائون؟“
سرحدن جهڙن اسلام آباد جي رستن تي هلندي سوچيم، ته هڪ عدد تقرير لاءِ ڪهڙو کاٽ هڻجي، ۽ ڪهڙو گهاٽ گهڙجي! امير، امرائو حاڪمن ۽ صاحبن جي E ۽ F سيڪٽرن کان وٺي غريبن، فقيرن، مسڪينن جي H سيڪٽر تائين رلندو رهيس، سوچيندو رهيس، پر تقرير هٿ ڪرڻ جي ڪابه ترڪيب هٿ نه آئي. بيگانن وانگر تقرير لاءِ ٿاٻا پئي کاڌم جو هڪ موڙ تي پوليس وارن کي ور چڙهي ويس. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽيءَ جو سٺو انتظام آهي. هڪ دفعي نامور ڪهاڻيڪار غالب لطيف کي پڇا ڳاڇا لاءِ مارگله ٿاڻي تي وٺي ويا هئا. قمر ۽ منهنجو همعصر هو. انفارميشن ۽ براڊڪاسٽنگ منسٽريءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هو. الاءِ ڇا، ڪيئن، ۽ ڪهڙي نموني پڇندا رهيس! صبح جو ڇڏيائونس. گهر پهتو. ڪجهه دير کان پوءِ مري ويو. پوليس وارن کي مون شناختي ڪارڊ ڪڍي ڏيکاريو. غور سان ڪارڊ جو جائزو ورتائون ۽ پوءِ منهنجو. پڇيائون، ”ڪارڊ تي لڳل تصوير جيڪڏهن تنهنجي آهي ته پوءِ تصوير جي ڏاڙهي ڪٿي آهي.“
مار! وڏو قانوني نقطو اٿاريو هئائون. ان قسم جي نقطي تي ايف آئي آر ڪٽي سپاهي ڦاهيون به ڏياري سگهندا آهن! کين ڳالهه سمجهائيندي چيم ”ڪارڊ لاءِ، تصوير ڪڍائڻ کان اڳ مون ڏاڙهي ڪوڙڻ ڇڏي ڏني. مون کي ڏاڙهي نڪري آئي. تصوير کي ڏاڙهي نڪري نه سگهي.“
پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ منهنجي جند ڇڏيندي چيائون، ”تون ڏاڙهي لاهي ڇڏ، يا شناختي ڪارڊ واري تصوير کي ڏاڙهي هڻاءِ ـــ ورنه مفت ۾ مارجي ويندين.“
مفت ۾ مارجي وڃڻ کان بهتر ڄاتم ته تقرير هٿ ڪرڻ جي مهم تان هٿ کڻان، ۽ بنا تقرير جي وطن وران. مان رام نه آهيان، پر مون رام وانگر اسلام آباد جي بن ۾ 14، بلڪه 15 سال گذاريا آهن. وطن جي ڇڪ، ساهه جي ڇڪ جهڙي! هليو آيس. سوچيم، پنهنجا آهن، خطا در گذر ڪري ڇڏيندا ـــ ميار نه ڏيندا. هونءَ به قمر جي ڪتاب جي مهورت آهي ـــ اٺين ترميم جي حق ۾ ڪنهن ڪتابڙي جي رونمائي نه آهي! قمر جي ۽ منهنجي تاريخ ۽ جاگرافي بلڪه فزڪس ۽ ڪيميسٽري بدلجي وڃڻ جي باوجود اسان جا پاڻ ۾ روح جا رشتا آهن. اسان ٻنهي، انمول ميراث وانگر ان رشتي جي تقدس کي قائم رکيو آهي. ورهين جا ورهيه نه ملئون ـــ هڪ ٻئي ڏانهن خط پٽ نه لکئون ـــ ڪو ڪتاب ڇپجي قمر ڪاپي موڪلي، مان نه موڪليان! پر، تڏهن به محسوس ٿيندو رهي، ته هڪ اڻ لکيل عهدنامو آهي اسان ٻنهي جي وچ ۾!
هليو آيس. سوچيم، قمر پاڻهيئي پنهنجي پبلشر کي سمجهائي ڇڏيندو، کيس ٻڌائي ڇڏيندو ته ان مولائي مڙس کان تقرير نه ڪرائبي ـــ تقرير مان بنهه نه ڄاڻي ـــ هڻڻ، هڪلڻ، ۽ ٻيلي سارڻ کان سواءِ ڪجهه نه ڄاڻي ـــ پوڙهو ٿي ويو آهي، پر افعال اُهي ئي اٿس! ايلفيءَ جو نالو زيب النسا اسٽريٽ ان ڪري رکيائون جو هن ايلفيءَ تي هڪ عشق ڪيو هو، ۽ ان عشق جو پڙلائو گهڻو پوءِ اسلام آباد جي بن مان ٻڌڻ ۾ آيو هو ـــ سنڌو منهنجي ساهه ۾! ايترو ڪجهه سوچڻ کان پوءِ مون کي پڪ ٿي ويئي ته ڪرم الاهي چنه ۽ شمشير حيدري منهنجي حال ۽ ماضيءَ تي رحم کائيندا، ۽ مون کي تقرير لاءِ مجبور نه ڪندا ـــ قمر جي ٻڌايل ڳالهين تي يقين ڪندا.
پر، ايلفيءَ تي مان اڪيلو آواره گردي نه ڪندو هوس. قمر شهباز به مون سان گڏ هوندو هو. اسان سان گڏ شمشير حيدري به هوندو هو. اسان سان گڏ ٺاڪر شرما به هوندو هو. اسان سان گڏ اقبال جتوئي به هوندو هو. گُهمي گُهمي رُلي پِني ايلفي ريسٽورنٽ ۾ وڃي ويهندا هئاسين. ٽامي شيئر ڪري چانهه پيئندا هئاسين، ۽ گڏ کارا بسڪوٽ ۽ اوجهريءَ جا پيٽس کائيندا هئاسين. ادب جي بارگاهه ۾ حاضريءَ جا اهي منهنجا پهريان پهريان سال هئا.
ايلفيءَ تي اڪثر مان هڪ پراسرار شخص کي ڏسندو هوس. چڱي عمر جو، بلڪه بزرگ، شاهاڻي شخصيت، ڪپڙي لٽي ۾ ٺاهوڪو، اکين تي ڪاري عينڪ، هڪ هٿ ۾ پنجاهه داڻن واري مني تسبيح، ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪڏهن ڪتاب ته ڪڏهن رسالا! گهڻو ڪري اردوءَ جي ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس حميد ڪاشميريءَ جي ڪتابن جي ڪيبن ٻاهران نظر ايندو هو. مون کي ڏاڍو طلسماتي لڳندو هو.
هڪڙي ڏينهن قمر کان پڇيم، ”جيمس بانڊ جي فلمن ۾، وچ مشرق جي مانوس اجنبين جهڙو اهو پراسرار شخص ڪير آهي؟“
هڪدم منهنجي وات تي هٿ رکندي چيو هئائين، ”اهو پراسرار شخص پير حسام الدين راشدي اٿئي.“
ايوب خاني حڪومت سان زبردست جهيڙن جهٽن سبب ڪراچي يونيورسٽي اڪثر بند رهندي هئي. قمر ۽ مان هڪ ئي نوعيت جا، هڪ جهڙا ڏينهن گذاريندا هئاسين. سڄو سڄو ڏينهن ٿامس اينڊ ٿامس، پاڪ آمريڪن، لبرٽي ۽ ڪتابن جي ٻين دڪانن ۾ ڪتاب ڏسڻ، پنا اٿلائڻ، ۽ وس آهر ڪتاب وٺڻ ـــ ريگل بس اسٽاپ جي سامهون فريڊرڪس ڪيفيٽيريا جي مهڙ ۾ فٽ پاٿ تي ويهي پراڻا ڪتاب چونڊڻ ـــ ڪيفي جارج جا پيٽس کائڻ ـــ ڪرڪيٽ ميچون، ۽ پيراڊائيز، ڪيپيٽل ۽ ريڪس سئنيمائن ۾ انگريزي فلمون ڏسڻ ــ ترقي پسند ۽ رجعت پسند اديبن جي جهيڙن ۾ مخفي ۽ گمنام خط لکي ۽ ڇپرائي ڪانو کي لڙ ۾ مزي وارا ڪم ڪرڻ ـــ سائين عبدالواحد سنڌي ۽ رشيد لاشاريءَ کي پاڪستان پبليڪيشن جي آفيس ۾ وڃي تنگ ڪرڻ ــ پوليس ۽ شاگردن جي جهيڙن ۾ اڳڀرو ٿيڻ!
پر پوءِ الاءِ ڇا ٿيو! سڀ ڪجهه بدلجي ويو. سائين حسام الدين راشدي نه رهيو. ايلفي ريسٽورنٽ بند ٿي ويئي. ايلفي ريسٽورنٽ ۾ ويهندڙ سموري سنگت ڇڙوڇڙ ٿي ويئي. ڪيفي جارج ۽ فريڊرڪس ڪيفيٽريا اليڪٽرانڪ ۽ واچن جي دڪانن ۾ بدلجي ويا. پيراڊائيز ۽ ڪيپيٽل سينيمائن کي ڊاهي شاپنگ پلازا ٺاهيا ويا. ۽ پوءِ جڏهن پنهنجن پيرن تي بيهڻ جهڙا ٿياسين، نوڪرين ۾ گهڙياسين ته ڪتاب مهانگا ٿي ويا. اڳتي هلي جڏهن ايلفيءَ جو نالو بدلائي زيب النساء اسٽريٽ رکيائون، تڏهن مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. نالي جي تبديليءَ تي مون کي هڪ دور خلاف سازش جو گمان ٿيو. سياسي، سماجي ۽ ثقافتي قدر بدلجي ويا.
تن ڏينهن ۾ جيل کان پوءِ ورلي ڪا آبادي هوندي هئي. ڪراچي يونيورسٽي جهرن جهنگن ۽ جبلن جي وچ ۾ ٺهيل محسوس ٿيندي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ جيل کان ڪجهه پَرَ ڀرو، ميدان ۾، جتي هينئر پوليس اسٽيشن آهي، پاڪستان انٽرنيشنل انڊسٽريل فيئر لڳو هو. قمر ۽ مان يونيورسٽي هاسٽل مان ڀڄي، نمائش ڏسڻ ويندا هئاسين. هڪڙي ڏينهن نمائش ۾ باٽا جي اسٽال تي نوان بوٽ لڳايا هئائون. هڪ بوٽ جي قيمت سئو رپين مان هڪ پيسو گهٽ هئي. يعني نوانوي رپيا نوانوي پئسا هئي ـــ ذري گهٽ سئو رپيا. اهي ڳالهيون 1960 واري ڏهاڪي جي اوائل جون ڳالهيون آهن. تڏهن سٺي ۾ سٺو بوٽ پنجويهن ٽيهين ۽ جي چڙهيو ته پنجاهين رپئي ملي ويندو هو. بوٽ جي قيمت سئو رپيا ائين محسوس ٿي هئي، جيئن اڄ ڪلهه بوٽ جي قيمت پنج هزار رپيا هجي. قمر دڪان ۾ گهڙي ويو. مينيجر کان پڇيائين، ”هي بوٽ ماڻهوءَ جي کل مان ٺاهيل آهي ڇا، جو ايڏو مهانگو آهي.“
مينيجر وائڙو ٿي ويو. ڪو جواب سمجهه ۾ نه آيس. ڪلها لوڏي کِلي پيو. اسين دڪان مان نڪري آياسين. الاءِ ڇو اداس ٿي پياسين! ايندڙ وقت راڪاس وانگر محسوس ٿيو. ۽ پوءِ، اهڙو دور به آيو، ۽ هميشه لاءِ آيو، جڏهن ماڻهوءَ جي کل مان ٺاهيل بوٽ سهانگا ٿي پيا. ۽ سوئر جي کل مان ٺاهيل بوٽ مهانگا ٿي پيا. توهين ۽ مان اهڙي معاشري جا فرد آهيون جنهن ۾ ماڻهوءَ جي قيمت پراڻي ۽ ڦٽيچر سوزڪي پڪ اپ جي اڌ قيمت کان به گهٽ مقرر ڪئي ويئي آهي. ۽ جي پوليس مقابلي ۾ مارجي وياسين، ته پوءِ پراڻي سوزڪيءَ جي پراڻي ٽائر جي اڌ قيمت جيترو ملهه به نه لهڻيوسين!
مان اوهان سڀني کان، قمر کان، ڪرم الاهيءَ کان، شمشير حيدريءَ کان معافيءَ جو طلبگار آهيان، جو تقرير لکڻ يا لکائي اچڻ واري مهم تان هٿ کڻي هليو آيو آهيان. ڪابه تقرير ڪرڻ کان سواءِ خاص مهمان واري ڪرسي والاري ويهي رهيو آهيان. مون کي معاف ڪجو.
زندگيءَ جا قافلا صحرا ۾ رلندا ئي رهيا.
ڪنهن پڇيو: هيءَ جيت آ، يا هار سان سرچاءُ آ.
1989