هڪ ياد جا اولڙا
سائين حبيب الله ڀٽو گذاري ويو. منهنجي تعليمي زندگيءَ جو پهريون رهبر، رهنما، ۽ منهنجو استاد هليو ويو.
شڪارپور سان منهنجي محبت ۽ چاهت جا ٻه سبب آهن. هڪ سبب جو ذڪر ڪندس، ۽ ڪندو رهندس. ٻئي سبب جو ذڪر نه ڪندس. ٻئي سبب جو ذڪر منهنجي مرڻ کان پوءِ، منهنجي آتم ڪٿا جي حوالي سان ڪيو ويندو ـــ تڏهن مان نه هوندس.
شڪارپور سان پنهنجي محبت ۽ چاهت جي پهرين سبب جو ذڪر اوهان سان ڪندس.
مان 43 سالن جو اچي ٿيو آهيان. پوئتي، منهن ورائي ماضيءَ جي ڪوهيڙن ڏانهن ڏسان ٿو. 1941ع جو زمانو آهي. بابا جي بدلي ڪراچيءَ کان شڪارپور ٿي آهي. بابا تعليم کاتي ۾ آهي. فقط مون کي پاڻ سان شڪارپور وٺي آيو آهي. مان اسڪول وڃڻ جي عمر کي نه پهتو آهيان. بابا مون کي ٻاراڻي ڪلاس ۾ ويهاريو آهي. مون کي پنهنجي استاد جو نالو ياد نه آهي. مون کي پنهنجن ڪلاسين جا به نالا ياد نه آهن. ڪوهيڙي ۾ فقط هڪ چهرو ياد آهي ـــ سائين حبيب الله ڀٽي جو چهرو ـــ سائين روزانو شام جو بابا وٽ ايندو هو. مون کي ڪاٺ جي چوڪنڊن سان الف ب سيکاريندو هو. مان ڄائي ڄم کان انتها پسند آهيان. مون کي ڪجهه ماڻهو ڏاڍا وڻندا آهن ـــ پهرين نظر ۾ وڻي ويندا آهن. انهن سان ريجهي ويندو آهيان. ڪجهه ماڻهن کان مون کي وحشت ٿيندي آهي. اهڙن ماڻهن کان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان؛ ۽ ان ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيندو آهيان.
سائين حبيب الله ڀٽو، ۽ سندس عڪس چٽو آهي. مون سائين کان تعليم جو درس ورتو آهي. ڪاٺ جي چوڪنڊن تي مون الف ب ۽، 1 ۽ 2 سڃاڻڻ وارو هوش سنڀاليو آهي. سائين جي شخصيت ۾ ڪشش آهي ـــ قرب آهي، محبت آهي ـــ پيار آهي. هن منهنجي وجود ۾ ضد، هوڏ، ۽ رنج ڏسي ورتو آهي. هن محسوس ڪيو آهي ته ڏيڍ فوٽ جي هن ٻارڙي کي فقط محبت سان فتح ڪري سگهجي ٿو. سائين حبيب الله ڀٽي مون کي محبت سان فتح ڪري ورتو آهي.
مان سائين حبيب الله ڀٽي جو شاگرد ٿي پيو آهيان. سائينءَ کي ڏسي خوش ٿيندو آهيان. مون کي لغڙن سان چاهه نه آهي. مان ايٽي ڏڪر به نه ڪندو آهيان. مان چڌن راند به نه ڪندو آهيان. مان ڪاٺ جي چوڪنڊن سان راند ڪندو آهيان ـــ اڪيلو. گهر ۾ ٻيو ڪوبه ٻار نه آهي ـــ نه مون کان وڏو، ۽ نه مون کان ننڍو. ڪاغذ تي رنگا رنگي پينسلن سان ليڪا ڪڍندو آهيان. بابا مون کي سائين حبيب الله جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. مان سائينءَ سان لکي در ويندو آهيان ــ قلفي فالودو کائيندو آهيان ـــ گهڙيال جا ڪانٽا ڏسي خوش ٿيندو آهيان. موٽندي ڊرائينگ جي ڪاپي وٺي ايندو آهيان، جيڪا ٻئي ڏينهن شام کان اڳ ڀري ڇڏيندو آهيان. ڪا ڪارنيوال لڳي آهي. مان سائين حبيب الله سان گڏ ڪارنيوال ڏسڻ ويو آهيان. جانورن جا، ۽ پينگهن تي ماڻهن جا ڪرتب ڏسي حيران ٿيو آهيان.
شڪارپور ۾ ٻن ٽن مهينن جو عرصو اک ڇنڀ ۾ گذري ويو آهي. بابا جي ٻيهر ڪراچي بدلي ٿي آهي. مان شڪارپور مان وڃي رهيو آهيان. سائين حبيب الله ڀٽي مون کي هنج ۾ کڻي پيار ڪيو آهي. مون کان پڇيو اٿائين، ”مون کي وساري ته نه ڇڏيندين؟“
مان سائين حبيب الله ڀٽي جي شفقت، ۽ محبت وساري نه سگهبو آهيان.
مان حالتن جي مامري تي عجب کائيندو آهيان. حيران ٿيندو آهيان. هڪ ڀٽو سائين حبيب الله هو جنهن وٽان مون تعليم جي ابتدا ڪئي، ۽ محبت جي ميراث حاصل ڪئي. ٻه ڀٽا ٻيا آهن، جن سان مان ڪڏهن به نه مليو آهيان. هنن منهنجي خلاف پنهنجي دشمني ۽ نفرت انتها تي پهچائي ڇڏي آهي، جو هر هفتي حڪومت کي يادگيري ڏياريندا رهندا آهن ته امرجليل اڃا جيئرو آهي، نوڪريءَ ۾ آهي ـــ امرجليل جو جيستائين صفايو نه ڪيو ويندو تيستائين ملڪ ۾ ٺاپر وارو دورو نه ايندو ـــ امر جليل کي ماريو، ختم ڪيو؛ پوءِ ملڪ ۾ ڌاڙا نه لڳندا، چوريون نه ٿينديون ـــ رشوت نه ورتي ويندي ـــ ابهم ٻارڙن کي لولو لنگڙو ڪري پنايو نه ويندو ـــ ماڻهو بنا دوائن جي اسپتال ٻاهران نه مرندا ـــ بس امر جليل کي ماريو، نوڪريءَ مان ڪڍو ـــ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
مان سائين حبيب الله ڀٽي کي عقيدت سان ياد ڪندو آهيان، ۽ ٻنهي ڀٽن جي حق ۾ دعا ڪندو آهيان. اسين سچل جا مريد، وارو نه ورائيندا آهيون. اسين پنهنجو معاملو موليٰ جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهيون. اسين تاريخ جي فيصلي جو انتظار ڪندا آهيون.
ٻنهي ڀٽن ۽ سندن گروپ جي منهنجي خلاف دشمنيءَ جو فقط هڪ سبب آهي جو مون کي مهربان دوستن اوڻائين، غلطين ۽ خامين سميت قبول ڪيو آهي ـــ مون کي محبت ڏني آهي ـــ پيار ڏنو آهي. مان باهه ۽ مٽيءَ مان ٺاهيل آهيان. انسان آهيان. هنن مون ۾ فرشتو ڏسڻ جي خواهش نه ڪئي آهي. سنڌ جي لکين پڙهندڙن جي محبت جي عيوض مون کي ٻن ڀٽن ۽ سندن گروپ جي دشمني قبول آهي. اڄ وري مون کي سائين حبيب الله ڀٽي جي محبت ياد آئي آهي.
1979