اعتراف
]پير حسام الدين سان منهنجي پهرين ملاقات، ۽ سندس ڪتاب، ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ بابت ڪجهه رايا.[
مان سمجهان ٿو، اُها 1965ع جي اونهاري جي هڪ گرم، گِهميل، ۽ گُهٽَ واري شام هئي. مون پنهنجي اڻٿانئيڪي زندگيءَ جي واقعن کي ياد رکڻ ۽ قلم بند ڪرڻ لاءِ ڪابه ڊائري نه رکي آهي. مان تنهنڪري، يادگيرين جي بنواس ۾ ڀٽڪندي اوهان سان ڳالهائيندس. اُن شام ماحول ۾ ٻوسٽ هئي. بي انتها سوڙهه جو تسلسل وايو منڊل کي ورائي ويو هو. اونهاري جا اُهي ڏينهن ڏاڍو دلشڪتو ۽ مايوس ڪندڙ هئا. خوني باز ۽ ڳجهون ٻهروپ ڌاري انهن سرويچن جي سرن ۽ ساهه تي لامارا ڏئي رهيا هئا، جيڪي سوچيندا آهن، ۽ آئيندي ۾ پري تائين ڏسڻ جي ڏات رکندا آهن. ماڻهن کي اکيون هيون، پر هو اڳڪٿي پڙهڻ لاءِ تيار نه هئا. ماڻهن کي ڪن هئا، پر هو موت جي قدمن جو آواز ٻڌڻ کان نابري واري بيٺا هئا. سچ ۽ صداقت جي راهه ۾ فنا ٿيل خوابن جي ڊهه مان، مايوسين ۽ شڪستن جون سيون ۽ ڌاڳا ڳولي، ماڻهن پنهنجا چپ سبي ڇڏيا هئا. ظاهري طرح زمين تي مڪمل سڪون هو، ۽ آسمان خاموش هو.
خاموش تماشائين جي وچ ۾، مان ايلفنسٽن اسٽريٽ تي بي مقصد ڀٽڪي رهيو هوس. انهن ڏينهن ۾ سنڌيءَ ۾ ڪهاڻيون لکڻ کان سواءِ مان پاڪستان ٿيٽرز ۽ نيشنل ٿيٽرز لاءِ اردو ۾ ڊراما لکندو هوس، ۽ ڊرامن لاءِ ڊائريڪشن ڏيندو هوس. ڊرامن جا مسودا معمولي قسم جي ڪامورن آڏو پڙتال لاءِ پيش ڪرڻا پوندا هئا، جن پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ نه ڪڏهن ڪو ڊرامو پڙهيو، يا پيش ٿيندي اسٽيج تي ڏٺو هو. طور طريقا بيهودا ۽ بيزار ڪندڙ هئا.
بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيئي مان ايلفنسٽن ريسٽورنٽ جي سامهون بيهي رهيس. اوچتو مٿس منهنجي نظر پئجي ويئي. سندس گنڀير ۽ مانائتو منهن منهنجي لاءِ اوپرو نه هو. پر، البت، هو مون کي وڻندو نه هو. مان کيس پسند نه ڪندو هوس. هو ذري گهٽ قداور ۽ بدن ۾ ڀريل هو. هو آهستي آهستي هلي رهيو هو. سندس اکين تي ڪاري عينڪ چڙهيل هئي. مون اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس تصويرون ڏٺيون هيون. ان لحاظ کان هو منهنجي لاءِ اجنبي نه هو. اصل ۾ مان هن لاءِ اوپرو ۽ اجنبي هوس. اسان جي پاڻ ۾ اڳ نه ڪڏهن ملاقات ٿيل هئي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪا ڳالهه ٻولهه ٿيل هئي. هن جي حيثيت منهنجين نظرن ۾ سرڪاري دانشور برابر هئي، جن کي تخليقي ادب ۽ اديبن لاءِ، خاص ڪري ڪهاڻيڪارن لاءِ، دل ۾ ڌڪار هوندي آهي. ادبي کيتر ۾ اسين مختلف محاذن ۾ وراهيل هئاسين. هو تاريخدان ۽ مورخ هو، ۽ پنهنجين تحريرن لاءِ ماضيءَ مان مواد هٿ ڪندو هو. مان ڪهاڻيڪار آهيان. سندس گروهه جا دانشور اسان جي تحريرن کي واهيات سمجهي ڇنڊي ڇڏيندا هئا. حساب ڪتاب پورو ڪرڻ لاءِ اسان بضد هئاسين ته سندن دانشورانه تحريرون هرگز نه پڙهنداسين؛ ۽ حقيقت ۾ پڙهندا به نه هئاسين. اسان جا بزرگ اديب ۽ دانشور نوجوان ليکڪن جي خيال ۽ سوچ مان اتساهه حاصل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. ساڳي طرح اسين تخليقي ادب جا ليکڪ، بزرگن جي تجربي، ۽ سندن دانش مان ڪجهه پرائڻ پنهنجي لاءِ توهين سمجهندا هئاسين. ٻئي گروهه اهڙي نموني پنهنجي پنهنجي نقصان کان بيخبر هئا، جيڪو اصل ۾ سنڌي ادب جو گڏيل نقصان هو. سمورو ادب سڌو سنئون زندگيءَ مان جنم وٺندو آهي. ادب ۾ اظهار لاءِ مواد هڪ دور ۾ رهندڙ يا رحلت ڪيل انسانن جي زندگيءَ مان حاصل ڪيو ويندو آهي. اسان ٻنهي گروهن لاءِ مواد حاصل ڪرڻ جو سرچشمو ساڳيو هو، پر اسين ٻئي گروهه هڪٻئي جي محاذ آرائيءَ واري حيثيت ۾ هئاسين.
مون ٽيڏي اک سان ڏانهس ڏٺو. اهو ڪو پهريون دفعو نه هو، جو مون کيس ايلفنسٽن اسٽريٽ تي گهمندي ڏٺو هو، (ايلفنسٽن اسٽريٽ جو نئون نالو زيب النساء اسٽريٽ آهي). مون جڏهن به کيس ايلفيءَ تي گهمندي ڦرندي ڏٺو هو، مون دانسته، هميشه کيس نظر انداز ڪري ڇڏيو هو.
هن لاءِ مون پنهنجيءَ دل ۾ بي پناهه ڪروڌ سانڍي رکيو هو. اصل ۾، سچ پڇو ته، سندس بي شمار ادبي ڪاوشن ۽ ڪتابن مان مون ڪجهه به نه پڙهيو هو. هن جي باري ۾ منهنجو تجزيو طرفداري، حسد ۽ ڪيني تي ٻڌل هو. انگريزي ادب جي نقاد ۽ محقق، هينري هڊسن جي لفظن ۾ تجزيو ڪندي مان پنهنجي راءِ بابت چئي سگهان ٿو ته ادب ۾ جيڪي اسين پسند ڪندا آهيون، ۽ جيڪي اسان کي پسند ڪرڻ گهرجي، تنهن ۾ بنيادي فرق کان اسان کي ضرور واقف هئڻ گهرجي. اسان منجهان تمام گهٽ ايمانداريءَ سان ان فرق کي محسوس ڪري سگهندا آهن. پهرين پسند اسان جي احساس سان ٻڌل هوندي آهي. ٻيءَ پسند جو تعلق اسان جي اڻ ڄاڻائي ۽ لا علميءَ سان هوندو آهي.
ادبي تجزيي ۾ مان پنهنجين اوڻاين کان واقف نه هوس. هن جي باري ۾ منهنجو رايو مبهم ۽ اڻ چٽو هو. بس، مون کي ايتري خبر هئي ته هو مون کي بنهه نه وڻندو هو. ان کان وڌيڪ پنهنجي رايي بابت مون کي ڪا پروڙ نه هئي.
هو آهستي آهستي، ايلفنسٽن ريسٽورنٽ سان لڳو لڳ ڪتابن جي ڪئبن ڏانهن وڌي رهيو هو. منهنجي وجود ۾ ڪروڌ جي باهه ڀڙڪي اُٿي. رت بدران آتش فشان جو رجيل لوهه منهنجين رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو.
مون سوچيو، ”ته هيءُ سمجهي ٿو، اسين تخليقي ادب جا ليکڪ، جن عوام جي دلين ۾ عزت ۽ احترام وارو مقام حاصل ڪري ورتو آهي، اسين آواره، بدمعاش ۽ باغي آهيون! سندس گروهه جي دانشورن جي رايي مطابق خاص طرح سان مون سنڌ جي نوجوان نسل کي گمراهه ۽ باغي ۽ ڇڙواڳ ڪري ڇڏيو آهي!“
تڪليف ۽ ڏک جو احساس مون دل ۾ محسوس ڪيو. ساڳيو سوال ساهه ۾ چڀڻ لڳو: ته ڇا، مون سچ پچ سنڌ جي نئين ۽ نوجوان نسل کي گمراهه ڪيو آهي! ٽي. ايس ايليٽ پنهنجي هڪ مضمون ۾ هڪ هنڌ لکيو هو ته: هڪ ليکڪ ڄاڻي ٻجهي، دانسته، پنهنجي دور تي اثر انداز نه ٿيندو آهي. اهو پڙهندڙن جي احساس تي منحصر آهي، ته هو سندس تحريرن جو ڪهڙو اثر قبول ڪن ٿا. اثر قبول ڪرڻ لاءِ ماڻهو نادانسته طور تي، حالتن پٽاندڙ، پنهنجي جذبي جي گهرج آهر اثر قبول ڪندا آهن.
ادب جو مطالعو ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته ليکڪ جي تجربي، روح ۽ احساس ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪجي. خبرداري ۽ ڄاڻ سان مطالعو ڪرڻ کان پوءِ ئي اسين ٻئي شخص جي روح سان رابطو قائم ڪري سگهندا آهيون. ”ڇا هن شخص کي، جيڪو ٿڪل قدمن سان آهستي آهستي هلي رهيو آهي، خبر آهي ته تخليقي ادب ڇاکي چئبو آهي؟“ مان سوچيندو رهيس، ”ته ڇا هن شخص کي خبر آهي، ته هڪ تخليق لاءِ ڪهاڻيڪار کي ڪهڙي ڪهڙي ۽ ڪيتري عذاب مان لنگهڻو پوندو آهي! ڇا کيس خبر آهي ته تخليقي ادب هڪ وسيع ۽ ڀرپور زندگيءَ جي عڪاسي ڪندو آهي ۽ پنهنجي دور جي ترجماني ڪندو آهي!“
ڏانهس ڏسندي، تخليقي ادب بابت سندس رجحان ۽ لاپرواهيءَ متعلق سوچيندو رهيس.
ايتري دير ۾ هو ڪتابن جي ڪئبن تائين پهچي ويو، ۽ ڪتاب کڻي ڏسڻ لڳو، ورق ورائڻ لڳو. اوچتو هن ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺو. مان کانئس ٻه ـــ چار وکون پرڀرو بيٺو هوس. هو مون ڏانهن غور سان ڏسندو رهيو. مون سوچيو، ”هو شايد ان خيال سان مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي، ته مان اول کيس سلام ڪندس ۽ پوءِ وڌي وڃي ساڻس هٿ ملائيندس.“ پر مان پنهنجيءَ جاءِ تي پٿر وانگر اٽل رهيس. پنهنجي رويي مان مون کيس پڪ ڏيارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته هو منهنجي لاءِ ڪو اوپرو ۽ عام رواجي شخص هو ـــ ڄڻ مون کيس نه پئي سڃاتو! هو منهنجي لاءِ ڄڻ ايلفيءَ تان لنگهندڙ هزارين ماڻهن مان ڪو هڪ ماڻهو هو! کيس نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مان ٿڪجي پيس. خيال مٽائڻ خاطر مون ايلفيءَ جي ٻئي پاسي کان لنگهندڙ ٻن بي انتها خوبصورت ۽ سهڻين ڇوڪرين ڏانهن ڏٺو.
تڏهن اوچتو، مون کيس پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺو، وک کن پرڀرو. مون لڱن ۾ سينياٽو محسوس ڪيو. ان کان اڳ جو مان پاڻ سنڀالي وٺان، ۽ وري لاپرواهيءَ وارو انداز اختيار ڪري وٺان، هن منهن تي مرڪ آڻيندي چيو، ”جيڪڏهن منهنجو اندازو غلط نه آهي، ته پوءِ تون اروڙ جو مست آهين.“
”ڇا!“ مون تعجب وچان هن ڏانهن ڏٺو.
”تون امر جليل نه آهين!“ هن پڇيو.
مصنوعي فخر وچان چيم، ”ها، مان امر جليل آهيان.“
هن رسالي ”روح رهاڻ“ جي اپريل 1965ع واري پرچي ۾ منهنجي ڪهاڻي ”اروڙ جو مست“ پڙهي هئي. ”روح رهاڻ“ رسالو انهن ڏينهن ۾ سنڌي ترقي پسند تخليقي ادب جو نمائنده ۽ مثالي رسالو هوندو هو.
”تنهنجي ڪهاڻي پڙهندي مون سوچيو هو ته، تون پاڻ پنهنجي ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار جهڙو هوندين.“ سندس چهري تي مرڪ هئي. هن پيار ۽ پاٻوهه مان مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”اڙي بابا! تون ته هوبهو اروڙ جو مست آهين!“
مون لاپرواهيءَ سان چيو، ”مان تخليق ڪار آهيان. مان ڪردار خلقيندو آهيان. تنهن ڪري مان پنهنجن خلقيل ڪردارن جهڙو لڳندو آهيان. ساڳي طرح، منهنجا ڪردار مون جهڙا محسوس ٿيندا آهن. ان ۾ ڪابه اچرج جهڙي يا غير معمولي ڳالهه نه آهي. جيڪڏهن توهان ڪاميو، هيمنگوي ۽ دوستوسڪي پڙهيو آهي، ته پوءِ توهان سندن تخليقن ۾ سندن موجودگيءَ کي ضرور محسوس ڪيو هوندو.“
هو ڪجهه ڪجهه وائڙو ٿي ويو. مان ظاهر ظهور گستاخ ٿي رهيو هوس. نهايت کُهري لهجي ۾ چيم، ”اسين خالق جو عڪس سندس تخليق ۾ ڏسي سگهندا آهيون. اهڙي طرح سموري تخليق ۾ پنهنجي تخليق ڪار جو عڪس موجود هوندو آهي. اهو تخليقي ادب ۽ تخليقي عمل جو اصول آهي.“
هن دلڪش مُرڪ منهن تي آڻيندي چيو، ”اڙي بابا! تون ته ڏاڍو ڪو ڪاوڙيل باغي آهين؟“
مان ساهه کڻڻ ۾ سوڙهه محسوس ڪري رهيو هوس. خاموش رهيس. هن چيو، ”ڪنهن ڏينهن پاڻ گڏجي ويهنداسين، ۽ تنهنجين ڪهاڻين جي باري ۾ ڳالهائينداسين. مون روح رهاڻ، نئين زندگي ۽ ڪونج ۾ تنهنجيون ڪهاڻيون پڙهيون آهن.“
اوچتو، منهنجي وجود ۾ ٻرندڙ جبل خاموش ٿي ويو. ڪروڌ ۽ انتشار جي جاءِ خاموشيءَ والاري ورتي. ”ته ڇا!“، مون سوچيو، ”هن منهنجون ڪهاڻيون پڙهيون آهن!“ مون محسوس ڪيو ته، منهنجي سموري ڪروڌ جو بنياد هڪ دٻيل ۽ دفن ٿيل خواهش ته بيٺل هو، ته هو مون کي پڙهي، مون کي سمجهي ۽ ادب ۾ منهنجي موجودگيءَ کي محسوس ڪري. اڻ سڌي طرح مون سندس ادبي شخصيت جي عظمت کي قبول ڪري ورتو هو؛ جيڪڏهن ائين نه هجي ها، ته مان جيڪر کيس نظرانداز ڪري ڇڏيان ها. پر نه. مان کيس نظر انداز ڪري نه سگهيس. منهنجي خواهش هئي ته هو منهنجيون ڪهاڻيون پڙهي ۽ ڪهاڻين کي قبول ڪري.
منهنجي خشڪ چپن تي مرڪ تري آئي.
پنهنجو هٿ مون ڏانهن وڌائيندي چيائين، ”مان حسام الدين آهيان، بابا.“
مون سندس هٿ، ادب ۽ احترام وچان، ٻنهي هٿن ۾ جهلي ورتو.
تڏهن، سنڌ متعلق سياسي، سماجي، تهذيبي ۽ ثقافتي مواد هٿ ڪري پڙهڻ ۽ پرائڻ لاءِ منهنجي سفر جي ابتدا ٿي هئي. هن منهنجي وجود ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ قديم آثارن لاءِ جذبو جاڳائي وڌو.
پير صاحب سان ملڻ ۽ سندن قربت ۾ ويهڻ جي سعادت مون کي تمام گهٽ نصيب ٿي. هڪ دفعي چرچو ڪندي چيو هئائون، ”اڙي بابا! تنهنجي لکڻ جو انداز ڏاڍو خطرناڪ آهي. ملان تو کي آرام سان ويهڻ نه ڏيندا.“ اها ڳالهه 1960ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ جي آهي ـــ شايد 1969ع جي آهي. گذريل ٻارهن سال مون ذهني تڪليفن ۾ گذاريا آهن. آرام سان ويهڻ ۽ آرام سان زندگي گذارڻ وارا لفظ مون لاءِ معنيٰ وڃائي ويٺا آهن. مختلف طريقن سان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش، مسلسل ڪئي ويئي آهي ته مان ليکڪ نه، بلڪه رهزن آهيان يا جادوگر آهيان ۽ سنڌ جي نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيو آهيان ۽ معاشري کي بدڪار ڪري رهيو آهيان.
پير صاحب سان منهنجي ملاقات گهڻو ڪري ايلفنسٽن اسٽريٽ تي ٿيندي هئي. هميشه گفتگوءَ جي شروعات کلندي ۽ مزاح سان ڪندا هئا، ايلفيءَ تي چڪر ڪاٽيندي ڏسي، چوندا هئا، ”اڙي بابا! تون اڃا تائين ٻاهر آهين ڇا!“
”ٻاهر! ڇا مان ٻاهر!“
”جيل مان.“
”ڇو سائين! مون ڪو ڌاڙو هنيو آهي ڇا؟“
”اڙي بابا!“ پير صاحب جن کلي چوندا هئا، ”فلاڻي رسالي ۾ تنهنجي فلاڻي ڪهاڻي پرائي زال ڀڄائڻ واري ڏوهه کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي.“
۽ پوءِ، پير صاحب جن دل کولي ٽهڪ ڏيندا هئا.
پير صاحب جن روايتن کان باغي تخليقي اديبن جا گهاٽا دوست ٿي پيا. اسين هڪ ٻئي لاءِ آگاهيءَ جو سبب ٿي پياسين. پير صاحب جن تاريخ ۾ تحقيق جو ڪم جاري رکيو، پر وسيع نصب العين سان ـــ نئين نسل کي پنهنجي شاندار ماضيءَ ۾ سرزد غلطين کان آگاهه ڪرڻ جي ارادي سان. پير صاحب جن تاريخ جي تهن مان اهي باب ڪڍي ورتا، جن ۾ سنڌ جي زوال ۽ ذلت جا اسباب قلمبند ٿيل هئا. پير صاحب جن محسوس ڪيو ته سنڌ ۽ سنڌين جي ڪسمپرسي، بدحالي ۽ غربت جو سڀ کان وڏو سبب وڏيرو آهي، جنهن مسڪين ماڻهن کي پنهنجي مطلب لاءِ، بيدرديءَ سان استعمال ڪيو آهي. پير صاحب جن جو ضخيم ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ وڏيرن جي ظلم، ڏاڍائي ۽ وطن دشمنيءَ جو دستاويز آهي. صفحي 94 مان هڪ حوالو ڏيان ٿو:
”ٻهراڙيءَ جي وڏيرا شاهيءَ جا مشغلا ۽ مسئلا ته هئا ئي اور: سريتان رکڻ، سينڌيون ويهارڻ، ڪنهن هٿ نه ڏنو ته ان جي عزيزن کي پوليس کي چُرچ ڏيئي ڦاسائڻ، ڪاٽڪن کي پالي، انهن جي ذريعي، جنهن تي ڪاوڙ ايندي، انهيءَ جون چوريون ڪرائڻ، خون ٿيو ۽ ڌاڙو لڳو ته مشير ٿي پوليس سان هلڻ، پئسا جيڪي ملن، تن مان ڪجهه پاڻ کائڻ ۽ ڪجهه پوليس کي چوڳو ڪرائڻ. پوليس وڏيرن کي استعمال ڪندي هئي ۽ وڏيرا پوليس کي هٿ جو هٿيو بڻائيندا هئا.“
سمورو ڪتاب وڏيرن جي ظلم بابت سڌن يا اڻ سڌن حوالن سان ڀريل آهي. صفحي 235 تي پير صاحب هڪ وڏي زميندار سان، سندس بنگلي تي ملاقات جو ذڪر ڪندي لکيو آهي:
”هڪ دفعي مان هڪ تمام وڏي زميندار جي بنگلي ۾ ويس، جيڪو انهيءَ طبقي ۾ طبيعت جي لحاظ سان نهايت سٻاجهو ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ نهايت متمدن سمجهيو ويندو هو. ڪجهه تعليم به هيس ۽ اسيمبلين ۾ مسلمانن جي نمائندگي به ڪندو هو. ڏٺم ته نوڪرن چاڪرن جا ڪٽڪ ورانڊي ۾ ويٺا آهن. هڪ آرٽسٽ شرناءِ ويٺو وڄائي، جنهن جي آواز ۽ سُر سان سڄو بنگلو ڄڻ ڀريو پيو هو. معلوم ٿيو ته صاحب پاڻ بيڊ روم ۾ لاهور جي ڪنهن طوائف سان خلاصو ويٺو آهي. نينگر لاءِ معلوم ڪيم؛ خبر پيئي ته ٻئي بيڊ روم ۾ اهو وري پنهنجيءَ آشنا کي ورتيون ويٺو خدا جي نعمتن جا شڪرانا بجا آڻي.“
مان سمجهان ٿو، پير حسام الدين راشديءَ جن پنهنجي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب ”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“ کان متاثر ٿي ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ لکيو هو. ادب جي محقق ۽ نقاد، هينري هڊسن چواڻي: ”هڪ عظيم ڪتاب جي اهميت، سندس ليکڪ جي پنهنجي عظمت به هوندي آهي. هڪ عظيم ڪتاب جو مواد اصلي ۽ انفرادي هوندو آهي ۽ اهڙي ڪتاب جو پيرايو پڻ اصلي ۽ انفرادي هوندو آهي.“ منهنجو خيال آهي ته ڪجهه عرصي تائين ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ لازمي طرح ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ جي پاڇي ۾ پڙهيو ويندو. پر، تنقيدي نگاهه رکڻ وارا، هن ڪتاب کي پير صاحب جي ادبي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ڪارنامو تسليم ڪندا. (جيتوڻيڪ منهنجي پنهنجي راءِ ۾ پير صاحب جو غير معمولي ڪارنامو مڪلي نامي تي سندن ڪامينٽري آهي). بهرحال، ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ پير صاحب جي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جو ڪتاب آهي. پير صاحب هن ڪتاب ۾ پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي باري ۾ نهايت ڪشاده دليءَ سان ڳالهايو آهي، ۽ صاف گوئيءَ کان ڪم ورتو آهي. تنهن ڪري ڪتاب سان اختلاف رکڻ جي باوجود، هيءُ ڪتاب پڙهيو ۽ سانڍيو ويندو. لفظن جي چونڊ، تشبيهون، محاورا، استعارا ۽ جملن جي جوڙجڪ نهايت دلڪش، ۽ معنيٰ ۽ مفهوم کي عام رواجي معنيٰ ۽ مفهوم کان وڌيڪ گهرو ۽ معنيٰ خيز ڪندڙ آهي.
منهنجي لاءِ پير صاحب جن سنڌ جا آرنالڊ ٽوائن بي آهن. سندن ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ پڙهندي مون محسوس ڪيو ته پير صاحب جن کي تخليقي ادب لاءِ بي پناهه ڏات مليل هئي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪتاب ۾ پير صاحب پنهنجيون يادگيريون قلمبند ڪيون آهن، ۽ نهايت واضح ۽ چٽي نموني لفظن ۾ پنهنجي دور جي اهم ماڻهن، دوستن، دشمنن، حادثن ۽ واقعن جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. پر، سندن لکڻ جي اسٽائيل مان تخليقي ادب ليئا پائيندو رهي ٿو. جيڪڏهن وڌاءُ نه سمجهيو وڃي ته مان چوندس ته هن ڪتاب ۾ پير صاحب مئلن کي زنده ڪري، جيئرن جي وچ ۾ آڻي بيهاريو آهي.
تشبيهن، استعارن ۽ محاورن جي ڳالهه هلي آهي، ته مان هرمن ميليول جي ڪتاب مابي ڊڪ جي حوالي سان پير صاحب جو ذڪر ڪندس. گهڻو اڳ مون هرمن ميليول (Herman Melville) جو ناول مابي ڊڪ (Moby Dick) پڙهيو هو. وهيل مڇيءَ جي اڇاڻ ۽ چمڪ جي باري ۾ هرمن ميليول جا لاڳيتا صفحا پڙهي مان حيران ٿي ويو هوس. مون هميشه انهن صفحن کي ادب جو لازوال ورثو سمجهيو ۽ قبول ڪيو آهي. اهي صفحا ايترائي موهيندڙ ۽ دل تي اثر ڪندڙ آهن، ۽ ايترو ئي غيرمعمولي آهن جيترو چارلس ڊڪنس جي ناول ”ٽيل آف ٽو سٽيز“ جي. شروعات يا ڪرشن چندر جي ناول ”غدار“ جي پڄاڻي. پير صاحب جو ڪتاب ڪردار نگاريءَ سان ٽمٽار آهي. جن ماڻهن جو پير صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي، سي ڪيئن هئا، ڪهڙا هئا ۽ سچ پچ اهڙا هئا. جهڙي نموني پير صاحب جن کين چٽيو آهي، ان باري ۾ مان ڪجهه به چئي نٿو سگهان. پر جهڙي انداز ۽ پيرايي ۾ پير صاحب جن سندن ذڪر ڪيو آهي ۽ منظر چٽيو آهي، هو سڀيئي ساهه جي آواز ۽ دل جي ڌڙڪڻ سميت اسان آڏو اچي بيهي رهيا آهن. مون اصل ۾ هرمن ميليول جي حوالي سان پير صاحب جو ذڪر پئي ڪيو. هرمن ميليول وهيل مڇيءَ جي اڇاڻ ۽ چمڪ جي وضاحت لاءِ سڄا سمورا چار پنج حيرت انگيز صفحا لکيا آهن. پير صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ قمبر جي هڪ طوائف جو تذڪرو ڪيو آهي. سندس نالو هاج هو. سندس سونهن سوڀيا، انگ ۽ انگل، ناز ۽ نخرن، چاره گري ۽ جادوگريءَ بابت پير صاحب سڄا سمورا سورهن صفحا لکيا آهن. اعتبار ڪرڻ لاءِ سندن ڪتاب جا صفحا 65 کان 112 پڙهڻ ضروري آهن.
مون تحمل سان هن ڪتاب تي تنقيدون ۽ تنقيدي رايا ٻڌا آهن. منهنجو مضمون انهن تنقيدن لاءِ نه ته جواب آهي ۽ نه ئي ڪتاب جي بچاءَ ۾ لکيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب مون کي ان ڪري وڻيو آهي، جو هن ڪتاب ۾ اهڙن ڪردارن جو ذڪر به آيو آهي، جن بابت اڻسڌي طرح، يا سڌي طرح سنڌي تخليقي ادب ۾ بيشمار ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙي ڪردار جو نالو رمون مڪراني آهي. پير صاحب جن پنهنجي ڪتاب جي صفحن 278 ۽ 279 تي رمون مڪرانيءَ کي جيئرو ڪري ڇڏيو آهي. هو هوبهو اسان جي جديد ڪهاڻيءَ جي باغي، سرڪش، ظاهري طرح سخت پر دل جي ڪومل ڪردارن جهڙو آهي.
پير صاحب جن هي ڪتاب، پهرين دل جي دوري کان پوءِ، 1960ع ۾ لکيو هو. هيءُ پهاڙ جيڏو ڪتاب پير صاحب جن فقط ڇهن مهينن ۾ لکيو، (دل يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي!) مان سمجهان ٿو، ته ڪتاب جا ڪجهه حصا پير صاحب جن پنهنجي هٿ اکرين لکيا آهن، ڪجهه حصا زباني طرح بيان ڪندي لکرايا آهن، ۽ ڪجهه حصا ٽيپ رڪارڊر تي ٽيپ ڪيا آهن، جن کي بعد ۾ ڪاغذن تي اُتاريو ويو آهي. اهي منهنجا انومان آهن. ان باري ۾ مان پڪ سان ڪجهه به چئي نٿو سگهان. مون محسوس ڪيو آهي ته ڪجهه هنڌن تي لکيل ٻوليءَ بدران ڳالهايل (Spoken Language) استعمال ڪئي ويئي آهي. مثال طور، صفحي 58 تي ”جذبات“ بدران ”جذباتن“ استعمال ڪيو ويو آهي. ساڳي طرح ڳالهه ٻولهه ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”ڪاڏنهن“ صفحي 111 تي استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو اصل ۾ ”ڪيڏانهن“ هئڻ گهرجي. صفحي 121 تي ڳالهه ٻولهه وارو لفظ ”مسالو“ آيل آهي، جيڪو صحيح صورت ۾ ”مصالحو“ هئڻ گهرجي. ان قسم جون معمولي غلطيون ڪتاب ۾ اڪيچار آهن، جيڪي سولائيءَ سان پروف پڙهندي، يا مسودو نظر مان ڪڍندي دور ٿي سگهيون ٿي.
هيءُ هڪ عظيم دانشور جو اهم ڪتاب آهي، جنهن کي پنهنجي وطن، وطن جي مٽيءَ ۽ وطن جي ماڻهن سان محبت هئي. هن ڪتاب مان ڪجهه تيز لفظ (مثال لاءِ ڏسو صفحو 241) سولائيءَ سان ڪڍي سگهجن ها. هن ڪتاب جو مسودو اسان جي دور جي وڏي عالم ۽ دانشور سائين محمد ابراهيم جويي نظر مان ڪڍيو هو.
ڪتاب پڙهندي مون اڪثر، تاريخن ۽ سنن بابت مونجهارو محسوس ڪيو آهي. ڪتاب ۾ واقعن، حادثن ۽ ماڻهن جو ذڪر باريڪ بينيءَ ۽ وضاحت سان ڪيو ويو آهي. پر، ڪتاب ۾ اڪثر (۽ گهڻو ڪري) واقعن ۽ حادثن جي سنن، يا جنهن دور جي اهم ماڻهن جو ذڪر آيو آهي، ان دور جي سن يا سال کان آگاهه نه ڪيو ويو آهي. ذري گهٽ سمورا احوال، ڳالهيون ۽ باب مبهم نموني شروع ٿين ٿا. مثال طور، ”هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن ٻهراڙي تي وڏيرن جو راڄ هلندو هو.“ يا ”هي ان دور جو ذڪر آهي جڏهن سکر ۾ سياسي هلچل اوج تي هئي.“ يا ”هيءَ گونگين فلمن واري دور جي ڳالهه آهي.“ ڪتاب ۾ گهڻو ڪري سن ڏنل نه آهن، تنهن ڪري پڙهندڙ غير ارادي طور تي منجهيو پوي.
ڪتاب 1960ع ۾ لکيو ويو هو، ۽ سترهن سالن کان پوءِ 1977ع ۾ شايع ڪيو ويو. انهن سترهن سالن ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي. ايلفنسٽن اسٽريٽ جو نالو زيب النساءِ اسٽريٽ ٿي ويو آهي. ڪيپٽل سينيما ۽ پيراڊائيز سينيما مسمار ڪيون ويون آهن ۽ انهن جي جاءِ تي گهڻ ـــ ماڙ عمارتون اَڏيون ويون آهن. مولائي شيدائي، ۽ ڪجهه ٻيا اهم اديب، شاعر، دانشور ۽ سياستدان، جيڪي ڪتاب تحرير ٿيڻ وقت حيات هئا، هينئر گذاري ويا آهن. اُنهن متعلق ٻئي ڇاپي ۾ حاشيو يا فٽ نوٽ لکيو وڃي. اِهو تمام ضروري آهي. واقعن متعلق ٺهڪندڙ سن پير صاحب جي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ کان حاصل ڪري سگهجن ٿا. سنن کان سواءِ سمورو ڪتاب ڪجهه عرصي کان پوءِ ڏندڪٿائن جي ڪتاب وانگر پڙهيو ويندو.
هن ڪتاب ۾ پير صاحب پنهنجي زندگيءَ جي پنجاهه سالن جو ذڪر ڪيو آهي. پير صاحب انهن عناصر جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي ڌرتيءَ جي ڏتڙيل ماڻهن، جهانگين ۽ سانگين لاءِ ڏک، تڪليف ۽ تباهيءَ جو سبب ثابت ٿيا آهن. پٿر جي دل گهرجي هن ڪتاب جي صفحن 376 کان 388 تائين پڙهڻ لاءِ؛ ۽ پڙهڻ کان پوءِ نه روئڻ لاءِ، ۽ نه مايوس ۽ ملول ٿيڻ لاءِ! رشوت، بدڪاري، پوليس جا مظالم ۽ بي انصافي معاشري ۾ مضبوطيءَ سان موجود! قيدن ۽ لاڪبن ۾ بند ڏوهارين جي اکين آڏو سندن ڀينرن ۽ مائرن جون عزتون لُٽيون وينديون هيون. عورتن ۽ مردن جي پوشيده عضون تي عذاب ڏنا ويندا هئا. ڪيسن ۾ ڦاٿلن کي، يا قيدين کي ڪِرفتي کارائي ويندي هئي، ۽ پيشاب پيئاريو ويندو هو. مائن، ڀينرن ۽ گهر وارين کي اُگهاڙو ڪري، هڪ ٻئي جا پوشيده عضوه پَٽڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو، ۽ تماشائي دهلارين سان گڏ خوش ٿيندا ۽ ”ٽيڪب ٽيڪو، ٽيڪب ٽيڪو“ چوندا هئا.
پير صاحب جو هيءُ ڪتاب ڪالهه جو ڪتاب آهي؛ هيءُ اڄ جو ڪتاب آهي؛ هيءُ سڀاڻي جو ڪتاب آهي.
1983