دنيا ۾ گوڙ آهي
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ايڪنامڪس ڊپارٽمينٽ ۾ اسان جو هڪ پروفيسر ڪنن کان ويٺل هوندو هو. ماڻهو ٺاهوڪو، اخلاق جو آئينو. نه ڪنهن جي ڏيڻ ۾، نه ڪنهن جي وٺڻ ۾! پنهنجا اصول هئس. انهن تي سختي سان عمل ڪندو هو، تنهن ڪري عام طرح اسان شاگردن کي نه وڻندو هو. اسان کي ”پبلڪ فنانس“ جو پيپر پڙهائيندو هو.
ڪلاس هلندي مٿس چٿرون ٿينديون هيون، مٿس هوٽنگ ٿيندي هئي، پر پروفيسر ڪجهه ٻڌي نه سگهندو هو. پنهنجي ليڪچر ڏيڻ ۾ مگن رهندو هو. جڏهن گوڙ وڌي ويندو هو، تڏهن وڃي ڪو ڀڻڪو ڪن ۾ پوندو هوس.
انهن ڏينهن ۾ يونيورسٽيءَ ۾ روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڊپارٽمينٽ طرفان ڪا گڏجاڻي، يا ڪو فنڪشن ضرور پيو ٿيندو هو، ٻين ڊپارٽمينٽن جا شاگرد ۽ اُستاد اُتي وڃي پهچندا هئا، ۽ گڏجاڻيءَ يا فنڪشن ۾ حصو وٺندا هئا. اسان وارو ٻوڙو پروفيسر به گهڻو ڪري اهڙين گڏجاڻين ۾ نظر ايندو هو. ماڻهو کلندا، ته پاڻ به کلندو هو. ماڻهو ماٺ، ته پاڻ به ماٺ ٿي ويندو هو. کلڻ مهل ڪو پڇندو هوس، ته سائين ڪر خبر، ڳالهه وڻي؟ جواب ڏيندو هو ته، ها ڳالهه وڻي، سٺو چرچو هو.
هڪڙي دفعي گهمندي ڦرندي هڪ ڊپارٽمينٽ جي گڏجاڻيءَ ۾ پهچي ويو. اڃا ويٺو مس، ته شاگردن جي هڪڙي ٽولي زور زور سان ٽهڪ ڏيئي کلڻ شروع ڪيو. اسان وارو پروفيسر به ويچارو کلي پيو. ڪنهن پڇيس، ”سر، ڳالهه پسند آئي؟“
جواب ڏنائين، ”ها، بيحد پسند آئي. واهه جو چرچو هيو. اهڙين چرچائي ۽ وڻندڙ ڳالهين سان معاشري تي سٺو اثر پوندو آهي.“
ان وقت هڪ ٻيو پروفيسر پنهنجي جاءِ تان اٿي سندس پاسي ۾ اچي ويٺو. اسان واري ٻوڙي پروفيسر کي ڪاغذ تي ڪجهه لکي ڏنائين. ڪاغذ تي لکيل هو ته، فلاڻي ليڪچرار جي زال گذاري ويئي آهي، ۽ هيءَ گڏجاڻي تعزيت لاءِ سڏائي ويئي آهي! اسان وارو پروفيسر ويچارو گڏجاڻيءَ مان اٿي هليو ويو.
پوءِ، انهن ئي ڏينهن ۾ پروفيسر صاحب بازار مان ٻڌڻ جو اوزار وٺي ڪن ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ سڀ ڪجهه ٻڌڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن مون کانئس پڇيو، ”سر، ان اوزار سان ڪيئن پيا محسوس ڪريو؟“
جواب ڏنائين، ”بابا، توهان جي دنيا ۾ ڏاڍو گوڙ آهي.“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پروفيسر صاحب ٻڌڻ وارو اوزار ڪن مان ڪڍي ڇڏيو، مون ڪاغذ تي لکي کانئس پڇيو، ”سر، ٻڌڻ وارو اوزار استعمال ڇو نٿا ڪريو؟“
جواب ڏنائين، ”بابا، توهان جي دنيا ۾ ٻڌڻ لائق ڪجهه به ڪونهي.“
1975