باب ستون
اسين سنڌي وڏي ڪمال واري قوم آهيون. ڪو به واقعو، ڪوبه حادثو، ڪوبه سانحو اسان لاءِ نئون نه آهي. ڪوبه راز، ڪا به رمز اسان لاءِ نئين نه آهي. ڪابه ايجاد، ڪابه اوسر، ڪابه ارتقا، ڪابه تبديلي اسان لاءِ نئين نه آهي. ڪجهه به اسان لاءِ نئون نه آهي. اسين تجربن جي تاريخ جو مستقل حصو آهيون. زوال ۾ اسين پنهنجي عروج جي چڻنگ ڳوليندا آهيون. سنڌ جي اميرن کان ساليانو ڀُنگ ڇڏائڻ لاءِ افغانن ورهين جا ورهيه شڪارپور پنهنجي قبضي ۾ رکي هئي. اسين بهادريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهيون. تاريخ اسان جي جنگي ڪارنامن سان ٽمٽار آهي! اسين هڪ حملي ۾ افغانن کان شڪارپور کي آزاد ڪرائي ڇڏيون ها، پر اسان ائين نه ڪيو. اسان کان متاثر ٿي ٻئي مهاڀاري جنگ دوران فرانسيسين به ائين ڪيو هو. هنن پيرس جو شهر هٿ ٻڌي، جرمن فوجن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. فرانسيسين کي پيرس جو حسن، سونهن ۽ سوڀيا عزيز هئي. هنن شڪست جي ذلت قبول ڪئي، پر پيرس کي جنگ ۾ تباهه ٿيڻ نه ڏنو.
شڪارپور اسان لاءِ پيرس هئي. پٺاڻن جڏهن شڪارپور تي قبضو ڪري ورتو، تڏهن اسان جي قومي غيرت ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي پيئي هئي. اسان ڪفن سر سان ٻَڌو هو، ۽ پوءِ جڏهن جنگ نه لڳي، تڏهن اسان ڪفن جي ڪپڙي مان سلوارون سبائي ورتيون. اسين جنگ لاءِ تيار هئاسين، پَرَ اسان جي دانشورن اسان کي ليڪچر ڏيندي سمجهايو ته، ابا چريا نه ٿيو ـــ توهين وڏي جنگجو قوم آهيو ـــ پٺاڻ توهان جي هيبت آڏو دم جهلي نه سگهندا ـــ ڀڄي ويندا ـــ ۽ ڀڄندي ڀڄندي شڪارپور، يعني سنڌ جي پيرس کي تباهه ڪري ڇڏيندا!
اسان پنهنجن دانشورن جي صلاح تي ڌيان ڏنو هو، ۽ جنگ جوٽي شڪارپور کي آزاد ڪرائڻ بدران اسان افغانن کي ڀُنگ ۽ ڏن ڀري ڏيڻ قبوليو هو؛ ۽ اهڙي نموني شڪارپور جي سونهن ۽ حسن بچائي ورتو هو. تاريخ جي اُٿل پٿل ۾ ڪجهه افغان شڪارپور ۽ شڪارپور جي پسگردائيءَ ۾ رهجي پيا هئا، ۽ اڳتي هلي سنڌ جي سونهن جو سبب ٿيا هئا. آغا صوفيءَ سچل سرمست جي ڪلام تي تشريح، حاشيه ۽ ڪامينٽري لکي، ۽ رسالي کي شايع ڪرائي منصور ثانيءَ جي مريد هئڻ جو حق ادا ڪيو. آغا محمد يعقوب، جنهن شاهه لطيف جي ڪلام جو ٽن ضخيم جلدن ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ ڪلام جي مفهوم ۽ معنيٰ تي بحث ڪيو. ڊاڪٽر اي ڪيو (A. Q) افغان، جنهن فوجي جرنيلن آڏو عزت، شجاعت ۽ دٻدٻي سان انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو انتظام سنڀالي ۽ هلائي سڀني سنڌين جو مان مٿاهون ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر افغان جتي پنهنجي وائيس چانسلريءَ دوران مارشل لا کي منهن ڏنو، اُتي هن ڪنهن به وڏيري، پاٿاريدار جي دادگير پٽ کي اسٽوڊنٽ ليڊر ٿيڻ نه ڏنو. ڊاڪٽر افغان لاءِ اسٽوڊنٽ ليڊر فقط اُهو ٿي سگهندو هو جيڪو راندين، ڊبيٽن، چٽاڀيٽين ۽ پڙهڻ ۾ ڀَڙُ هوندو هو. ۽ آغا سليم ــ سنڌي ادب جي سهڻين ڪهاڻين جو سهڻو خالق ۽ انيڪ.
آمريڪا جي بادشاهه بُش جو نئون عالمي نظام گٺل ۽ جهوني پُراڻي دنيا لاءِ نئون نعرو آهي. گٺل ۽ پراڻي دنيا ۾ هڪ ٽئين دنيا به آهي، جيڪا وڌيڪ کٽاري آهي. ٽئين دنيا جي ڏتڙيل دانشورن جو خيال آهي ته بادشاهه بش جي نئين عالمي نظام کان پوءِ ٽئين دنيا ۾ ٻار پيدا ٿيڻ بند ٿي ويندا ۽ ماڻهو مرڻ کان اڳ مري ويندا. اهڙي نموني ٽئين دنيا جي پينو فقير قومن جي تعداد ۾ ڪمي ايندي.
بادشاهه بش جو نئون عالمي نظام سڄي دنيا لاءِ ڀَل ته نئون نعرو هجي، پر اسان سنڌين لاءِ نه. مون پنهنجي تڙ ڏاڏي، يعني پنهنجي ڏاڏي جي ڏاڏي کان نئين عالمي نظام بابت ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليڪچر ٻڌا آهن، ۽ ليڪچر هِئين سان هنڊايا آهن.
منهنجو تڙ ڏاڏو، جنهن جو شمار سنڌ جي نامور وڏيرن ۾ ٿيندو آهي، ۽ جيڪو يا ته شاديون ڪندو آهي، يا چونڊن ۾ بيهندو آهي، سو سنڌ جي درٻار ۾ موجود هو، جڏهن انگريزن سنڌ جي ٿلهن متارن، ۽ هلڻ کان لاچار حڪمرانن لاءِ طاقت جون دوائون آنديون هيون، ۽ ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو هو. سنڌ جي ميرن، جن سنڌ کي تين وال ڪري ڇڏيو هو، ۽ حيدرآباد، خيرپور ميرس ۽ ميرپور خاص ۾ پنهنجو پنهنجو ديرو ڄمايو هو، تن کي انگريزن جي دوستيءَ جو هٿ اهڙو وڻي ويو جو انگريزن کي وري سنڌ مان هٿ ڪڍڻ نه ڏنائون. راجا رنجيت سنگهه حملي جو دڙڪو ڏياري موڪلين ته سڌو وڃي انگريزن جي پيرن تي ڪريا. ”گورا بادشاهه، ڪاڻي سِکَ کان بچاءِ!“
انگريزن نئين عالمي نظام موجب سنڌين پاران راجا رنجيت سنگهه سان مذاڪرات ڪيا، ۽ کيس حملي کان ٽاري ڇڏيائون. عيوض ۾ سنڌونديءَ ذريعي فوجون ڪاهي افغانستان تي حملو ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيائون ۽ ميرن کي بيخبر رکيائون. اهو سڀ ڪجهه اُن دور جي نئين عالمي نظام جي عين مطابق ٿي رهيو هو.
ميرن پنهنجن محسنن کي افغانستان تي سنڌ جي رستي حملي ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، نتيجو اِهو نڪتو جو مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگ ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ ميرن سرچارلس نيپئر جي تنبوءَ ۾ وڃي پنهنجيون تلوارون شڪست جي اعتراف ۾ کيس پيش ڪيون ۽ سندس آڏو آڻ مڃيائون. ان وقت به منهنجو تڙ ڏاڏو اُتي موجود هو. هن مُرڪي ميرن ڏانهن ڏٺو هو، ۽ پوءِ سڌو وڃي نَوَن حڪمرانن، انگريزن جي هنج ۾ ويٺو هو.
نئين عالمي نظام موجب اول هندستان ۽ پوءِ سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ انگريزن پنهنجي فوج انگلستان مان نه آندي هئي. هُنن هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڪامندڙ ماڻهن کي ڀرتي ڪري خونخوار فوج تيار ڪئي هئي. پيڙهه پختي ڪرڻ لاءِ هند ۽ سنڌ جي وڏيرن ۽ وياج خور واڻين انگريزن جي دل کولي مدد ڪئي هئي. موٽ ۾ انگريزن کين سرخرو ڪرڻ لاءِ لقبن ۽ جاگيرن سان نوازيو هو. ڏسنديئي ڏسندي ڪي سَر ٿي پيا، ڪي خانبهادر، ڪي راءِ بهادر ۽ ڪي خان صاحب ٿي پيا. انگريزن وڏي شد مد سان سندن ذڪر هٿ ٺوڪي ۽ چچريل تاريخ ۾ ڪرايو. انهن ۾ منهنجي تڙ ڏاڏي جو ذڪر به هو. سندس شمار انگريزن جي خاص وفادارن ۾ ٿيندو هو.
انگريزن جي ڪوچ ڪرڻ کان پوءِ، تڏهن واري نئين عالمي نظام موجب ڪيترائي سر، خان بهادر، خان صاحب ۽ سردار ۽ جاگيردار ماٺڙي ڪري تاريخ جي وڌيڪ چچريل صفحن ۾ ڪاهي پيا. سندن شمار پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪندڙ قومي اڳواڻن ۾ ٿيڻ لڳو. سندن انگريز خلاف ”جدوجهد“ کي وڏي شد مد سان سونهري اکرن ۾ لکيو ويو.
تاريخ جي بيهودگين تي هڪ دفعي مون اعتراض ڪيو هو. منهنجي تڙ ڏاڏي چيو هو: هر نئين عالمي نظام ۾، هر دفعي ائين ئي ٿيندو آهي؛ ۽ اهو جائز آهي!
1991