منهنجا مثالي شاگرد
مون پاڻ کي شاگردن جي سياست کان هميشه ڌار رکيو آهي. مان ليکڪ آهيان، ۽ هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ شاگردن جي سياست سان منهن جو سڌو سنئون ڪو به تعلق ڪونهي. ها، مون شاگردن جي باري ۾ جيڪي محسوس ڪيو آهي، سو لکيو آهي. شاگرد قومن جي آئيندي جي علامت هوندا آهن. تنهن ڪري منهنجي ذهن ۾ مثالي شاگردن جو تصور مستقل صورت اختيار ڪري ويو آهي. تنهن ڪري مان جڏهن به شاگردن جي مسئلن بابت لکندو آهيان، اهي مثالي شاگرد منهنجي ذهن ۾ موجود هوندا آهن.
سنڌ لاءِ ساهه قربان ڪندڙ اُهي شاگرد محنتن جا مسيحا آهن ــ مون کي لائبريرين ۾ نظر ايندا آهن ـــ سنڌ جي تاريخ جا ورق ورائيندا آهن ــ سنڌ جي آئيندي متعلق سوچيندا آهن. هنن کي سنڌ جي ضرورتن جي خبر آهي. هو سنڌ لاءِ قوت ۽ طاقت جي خزانن کان واقف آهن. هو سنڌ کي طاقتور بنائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ کي هر سال ٽي سئو ڊاڪٽر، ٽي سئو انجنيئر، ٽي سئو سائنسدان، ۽ لاتعداد هنرمند، ڪاريگر، آپريٽر، ٽيڪنيشن، نرسون، ڪمپائونڊر، ٽائيپسٽ، اسٽينوگرافر، ريل گاڏيون، هوائي جهاز ۽ پاڻيءَ جا جهاز هلائيندڙ گهرجن. سنڌ کي اهڙن ڄاڻن جي ضرورت آهي، جيڪي ملڪي ۽ پرڏيهي واپار جا ماهر هجن ــ ناڻي جي مٽا سٽا جا ماهر هجن ـــ بينڪاريءَ جا ماهر هجن. منهنجا مثالي شاگرد راندين ۾ ميدان ماري رهيا آهن ــ چٽاڀيٽين ۾ اڳتي نڪري رهيا آهن ــ هو سموري جڳ ۾ سنڌ جو مان ۽ مرتبو مٿاهون ڪري رهيا آهن.
منهنجا مثالي شاگرد نه صرف پنهنجي پڙهڻ ۾ ڀڙ آهن، ۽ سنڌ کي طاقتور بنائڻ لاءِ پاڻ کي تعليم، ڄاڻ ۽ خود آگاهيءَ جي هٿيارن سان جهنجهي رهيا آهن، پر هو بين الاقوامي سطح جي سياست کي پڻ سمجهي سگهن ٿا. هو سامراجي ايجنٽن کي سڃاڻڻ واري نگاهه رکن ٿا. هو سنڌ ۾ رهڻ جي باوجود سموري دنيا جي ترقي پسند قوتن سان پاڻ کي شامل محسوس ڪن ٿا. جتي به جابرن ۽ استحصالي قوتن خلاف مظلومن ۽ ڏتڙيل عوام جي جدوجهد هلي رهي آهي، هو پاڻ کي ان جدوجهد جو هڪ حصو سمجهن ٿا. هنن دنيا کي ٻن وڏن ۽ واضح گروهن ۾ تسليم ڪيو آهي. هڪ گروهه ظالمن جو آهي ۽ ٻيو گروهه مظلومن جو آهي. هو مظلومن جي گروهه سان وابسته آهن ۽ سندن سر سان ڪفن ٻڌل آهي.
منهنجا مثالي شاگرد سنڌ جي استحصالي قوتن جا جاني دشمن آهن. هو سنڌ جي هاريءَ، ڪڙميءَ، مزدور، محتاج ۽ محنت ڪش جا دوست آهن. هو سنڌ جي پورهيت ۾ پورهيتن جي عالمي تنظيم واري سجاڳي ڏسڻ جا خواهشمند آهن. هو سنڌ جي ترقي پسند اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ دانشورن جا ٻانهن ٻيلي آهن.
منهنجا مثالي شاگرد سنڌ کي وهمن، سنسن، ۽ ڀرمن جي ڀوت کان نجات ڏيارڻ چاهين ٿا. هو قبر پرستيءَ جي مخالف آهن، ۽ قبر پرستيءَ کي ترقي پسند تحريڪن لاءِ سخت هاڃيڪارسمجهن ٿا.
منهنجا مثالي شاگرد ذهين آهن ۽ ترقي پسند آهن، تنهن ڪري سياسي طرح عام شاگردن کان وڌيڪ سجاڳ آهن. هو ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي چونڊن ۾ وڏيرن جي اولاد جي فتح کي وڏي سطح تي قومي چونڊن ۾ وڏيرن جي فتح سان وابسته ڪن ٿا. تنهن ڪري، سنڌ کي وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ رئيسن جي اجاره داريءَ مان آجو ڪرائڻ لاءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي چونڊن ۾ وڏيرڪن اميدوارن جي مقابلي ۾ ڪنهن هاريءَ يا مزدور جي پٽ کي بيهارين ٿا ۽ کيس ڪامياب ڪرائي ڏيکارين ٿا. هو وڏيري جي دولت کي تنظيم سان شڪست ڏين ٿا ــ اهڙا آهن منهنجا مثالي شاگرد.
1976