منهنجو پهريون اُستاد
(مرحوم حبيب الله ڀٽو جي پهرين ورسيءَ تي سندس فرزند ڏانهن لکيل خط)
ڀاءُ نعمت الله،
قربائتي خط لاءِ اوهان جو ٿورائتو آهيان. سائينءَ جن جي پهرين ورسيءَ تي اچي نه سگهندس. باقي اوهان سان ويڙهيچن وارو وچن آهي، ته جڏهن به سنڌ اچڻ ٿيو، ڀيرو ڀرڻ ضرور ايندس.
پنهنجي اوائلي دور جا مون کي ٻه استاد سدائين ياد رهيا آهن، ۽ سدائين ياد رهندا. هڪ سائين حبيب الله جن، ٻيا سائين عبدالعلي قلباڻيءَ جن. منهنجي اُڀري سڀري ۽ عيبن هاڻي شخصيت ۾ جيڪي چار چڱايون دوستن ۽ دلبرن کي نظر آيون آهن، انهن تي منهنجي ٻنهي استادن ۽ رهبرن جي ڇاپ لڳل آهي.
سمجهان ٿو، ڪجهه عرصو اڳ سائين حبيب الله جن متعلق ڪٿي ڪجهه لکيو هيم. ياد نه ٿو پويم ته ڪٿي لکيو هيم. اهو به ياد نه ٿو پويم ته ڇا لکيو هيم. فقط ايترو ياد ٿو پويم ته عقيدت جا گل، لفظن ۽ جملن جي صورت ۾ سائينءَ جي قدمن ۾ رکيا هيم. اڄ جڏهن هيءُ خط لکي رهيو آهيان، تڏهن ائين پيو ڀانيان ڄڻ ورهين جا ويڇا لتاڙي پوئتي موٽي ويو آهيان. پنجن کن سالن جو آهيان ۽ شڪارپور جي ان اسڪول ۾ ويٺو آهيان، جنهن جي مٿئينءَ ماڙ تي مان بابا سان اڪيلو رهندو هوس، ۽ سائين حبيب الله جن کان علم ۽ روشنيءَ جا پهريان فيض پرائيندو هوس. ڪالهوڪي ڳالهه پئي لڳيم. چوئيتاليهن سالن جو اچي ٿيو آهيان. پوئين پهر جو مسافر آهيان. موٽي ويندس. ياد جي آسمان تي سائينءَ جن جي صورت آهي، ۽ سندن ڏنل پهرين درس جي تحرير آهي.
ها، ضروري ڳالهه بابت وضاحت رهجي ويئي آهي. اوهان سائينءَ ڏانهن منسوب ڪو مضمون لکڻ جو حڪم ڏنو آهي. سائينءَ جن سان مون کي جيڪا عقيدت آهي، ان ناتي جيڪر مضمونن جا انبار لکي روانا ڪري ڇڏيان! پر ڀاءُ، مان بنيادي طرح تخليقي ادب جو ليکڪ آهيان. ڪوشش جي باوجود مضمون لکي نه سگهندو آهيان. معذرت خواه آهيان. پنهنجي ڪوتاهيءَ تي نادم آهيان. شرمسار آهيان. جنهن شخص مون کي علم سان روشناس ڪرايو. جنهن شخص مون کي فهم جي فرهيءَ تي پهريون اکر اتارڻ سيکاريو، جنهن شخص منهنجو منهن هميشه لاءِ روشنيءَ ڏانهن ڪري ڇڏيو، ان رهبر ۽ رهنما متعلق ڪو مضمون نه لکي سگهڻ جو ڏک ڀڳل شيشي وانگر منهنجي روح ۾ چڀي رهيو آهي. آسمان ڏانهن ڏسي رهيو آهيان. پنهنجي بيوسيءَ تي ڦٿڪي رهيو آهيان. اک جي آلاڻ مَسُ جي سياهي ٿي نه سگهي آهي. مضمون منهنجي وس کان ٻاهر ڇو آهي؟ مون بار بار عرش کان پڇيو آهي. مون کي ڪوبه جواب ملي نه سگهيو آهي. ها، هڪ آواز لاڳيتو ۽ مسلسل ايندو رهيو آهي ته لِکُ، ۽ لکندو رهه، جو توکي خدائن جي خدا وٽان لکڻ جو حڪم مليل آهي. ڀاءُ نعمت الله ـــ مان حڪم جي بجا آوري ڪري رهيو آهيان. مان لکي رهيو آهيان.
مان ان هٿ سان لکي رهيو آهيان، جنهن هٿ جي مٺ ۾ مون پنهنجي پهرين محسن، مهربان ۽ استاد جي اشهد آڱر جهلي هئي. ان آڱر جي گرمي اڄ به مون کي پنهنجي هٿ ۾ محسوس ٿي رهي آهي. مان بدنام ۽ بڇڙين تحريرن جي وچ وچ ۾ جيڪي ٻه چار چڱيرڙيون تحريرون وطن کي ڏيئي سگهيو آهيان، سي سموريون تحريرون ابتدائي اوسر جون احسانمند آهن. اسين انهن جا پيروڪار آهيون جيڪي سون تي سيڻ نه مٽائيندا آهن. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻيا به استاد ڏٺا آهن ـــ پر عشق جي چڻنگ جن رهبرن جيءَ سان جوڙي ڇڏي سي اُتم آهن، سي عظيم آهن هڪ سائين حبيب الله ۽ ٻيو سائين عبدالعلي قلباڻي.
مان شڪارپور ضرور ايندس نعمت الله. اهو اوهان سان منهنجو واعدو آهي. شڪارپور سان انس جي هڪ سبب جو ذڪر ڪري چڪو آهيان. ٻئي سبب جو ذڪر نه ڪندس. ٻئي سبب جي ذڪر جي آرزو کڻي مان مري ويندس. ٻاهر ٻول نه ڪڍندس. ڪعبو ۽ ڪليسا ٺاهڻ جي حيثيت ۾ هجان ها ته جيڪر ٻئي شڪارپور ۾ عقيدتن جي پورهئي سان تيار ڪيان ها. مون جوڳ ورتو آهي. ڪعبا ۽ ڪليسا منهنجي وجود ۾ محفوظ ٿي ويا آهن. زندگيءَ جي ڪا گهڙي اهڙي نه گذري آهي جو سِرُ سجدي مان مٿي ٿي سگهيو هجي. ماڻهن ۽ ملن منهنجي خلاف الحاد جي فتويٰ ته ڏيئي ڇڏي آهي. پر منهنجي مٿي ته سجدن جو محراب ڏسي نه سگهيا آهن. ملحد عشق جي بارگاهه ۾ ڪشڪول کڻي نه گهمندا آهن. منهنجي هڪ هٿ ۾ ڪشڪول آهي، ۽ ٻئي ۾ تسبيح. زبان تارونءَ سان لڳل آهي ۽ دل ۾ فقط هڪ ئي ذات جو ذڪر ۽ فڪر آهي. ڪنهن سان ڪا شڪايت نه آهي ــ ڪنهن سان ڪا گلا نه آهي ـــ وقت وقت جي ڳالهه آهي. دل عبادتگاهه آهي. ڪلهن تي محروميءَ جي احساس جو صليب آهي. اسين اڻسونها نه عيسيٰ جا رقيب ٿي سگهيا آهيون ۽ نه عيسيٰ سان هم رڪاب ٿي سگهيا آهيون. عيسيٰ نذرٿ جي گهٽين مان صليب کڻي لنگهيو هو. مان شڪارپور جي گهٽين مان صليب کڻي لنگهندس. مان اوهان سان ملڻ ضرور ايندس.
مضمون ڏيئي نه سگهيو آهيان، ان لاءِ مون کي ڏک آهي نعمت الله! معافيءَ جو طلبگار آهيان. ها، هڪ ڳالهه ضرور ياد رکجو ته جنهن ڏينهن اوهين سائين حبيب الله جي ورسي ملهائي رهيا هوندا، منهنجو روح هجوم ۾ موجود هوندو. اوهان وٽ هوندو. اوهان سان شامل حال هوندو.
منهنجي حق ۾ دعا ڪجو.
اوهان جو
1980