ٻه رسمون
اسان سنڌين ۾ ڪي قومي خصلتون آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن لوڪ ۾ ورلي نظر اينديون. انهن خاصيتن يا خصلتن سبب اسين سموري جڳ ۾ ڄاتا سڃاتا ويندا آهيون. اهي خصلتون اسان کي پياريون آهن. اهي خصلتون اسان کي پنهنجن وڏن کان ورثي ۾ مليون آهن.
گذريل هفتي هلال پاڪستان ۾ ڪنهن صاحب جو خط شايع ٿيو هو، جنهن ۾ هن اسان جي ڪجهه انمول ۽ ناياب ريتن تي ڇوهه ڇنڊيا هئا. مان جيئن ته ڪٽر قسم جو سنڌي آهيان تنهن ڪري اُن صاحب جي مراسلي کي برداشت ڪري نه سگهيو آهيان. پنهنجين شاندار ريتن رسمن جي باري ۾ ڪجهه لکڻ کان اڳ، مان ان مراسلي جو پوسٽ مارٽم ضرور ڪندس.
سائين، اوهين پاڻ منصف ٿيو، ۽ فيصلو ڪريو ته ڪوبه غيرتمند سنڌي اهڙي خط جي اشاعت کي ڪيئن برداشت ڪندو جنهن ۾ اسان سنڌين جي اعليٰ روايتن تي ڇوهه ڇنڊيل هجن. اهي روايتون ۽ ريتون اسان کي پنهنجي جان کان عزيز آهن ــ اهي رسمون اسان جي عزتن جون امين آهن. اهو ئي سبب آهي جو صدين گذرڻ کان پوءِ به اسين انهن رسمن کي چهٽيا پيا آهيون. اهي رسمون خراب هجن ها، بد هجن ها، ته ڇا اسين انهن رسمن کي چهٽيل هجئون ها! تنهن ڪري، اهڙين اعليٰ ۽ معتبر رسمن تي ڇوهه ڇنڊي، ان صاحب سڀني سنڌين جي دل آزاري ڪئي آهي. مون کي افسوس آهي جو اهڙي غير ذميدار خط کي هلال پاڪستان اخبار جي صفحن ۾ جاءِ ڏني ويئي آهي.
ان خط ۾ اسان جي ٻن پيارين ريتن کي ننديو ويو آهي. هڪ ريت يا رسم آهي. سورهن سالن جي ڇوڪريءَ جي سٺ سالن جي پوڙهي سان شادي. ۽ ٻيو قرآن پاڪ سان نياڻين جو حق بخشائڻ.
اول پهرين رسم جو جائزو ٿا وٺون. اسين پنهنجن وڏڙن ۽ بزرگن جي بيحد عزت ڪندا آهيون. ڇا بزرگن کي سيني ۾ دل نه ٿيندي آهي! ڇا اها دل نه ڌڙڪندي آهي! ان دل ۾ جذبا جاڳائڻ لاءِ اسان جا بزرگ سڳورا حڪيمن جون گوريون ۽ ڪشتا استعمال نه ڪندا آهن! پوءِ اسان جا بزرگ ۽ وڏڙا ستر اسي سالن جي عمر ۾ جيڪڏهن پنهنجين پوٽين، ڏوهٽين، پرپوٽين ۽ پرڏوهٽين جيترين ڇوڪرين سان شادي رچائيندا آهن،ته ان ۾ ڪهڙي اربع خطا ڪندا آهن! اهو سندن بزرگيءَ جو حق آهي. اسانکي پنهنجن بزرگن لاءِ دل ۾ احترام آهي، تنهن ڪري سندن هر عمل کي اسين عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهيون. هونءَ به پوڙهن کي پيريءَ ۾ سهاري جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. ڇا پنهنجن پوڙهن کي اسين سهارن کان محروم ڪرڻ چاهيون ٿا! اصل ۾ ڏوهه ته انهن ڇورين جو آهي، جيڪي پنهنجن ڏاڏن ۽ نانن جيڏن قابل احترام ڪراڙن سان شادي ڪرڻ کان ڪيٻائينديون آهن يا ماڳهين نابري واري بيهنديون آهن!
هاڻي اچو ته ٻي رسم جو مختصر جائزو وٺئون. سائين، قرآن پاڪ سان حق بخشائڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي جو اهڙين ڇوڪرين جا ڀائر ۽ پيئر ضمير جي ڦٽ لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندا آهن. اهڙا ڀائر ۽ پيئر جيڪي عورت کي تفريح ۽ جنسي خواهشن جي تڪميل لاءِ رانديڪو سمجهندا آهن، سي پنهنجين ڇوڪرين کي پرڻائيندا ناهن. اهو سندن نفسياتي رد عمل آهي. تنهن ڪري هو پنهنجين نياڻين جو قرآن پاڪ سان حق بخشائيندا آهن. قرآن پاڪ سان حق بخشائڻ مان ٻيو فائدو اهو به ٿيندو آهي جو خاندان جي ملڪيت ٻاهر نه ويندي آهي. اهڙين حالتن ۾ قرآن پاڪ سان نياڻين جو حق خلاف واويلا اجائي آهي. جيڪي به شخص اسان جي اهڙين ريتن رسمن خلاف خيالن جو اظهار ڪري رهيا آهن، سي سنڌين جا دشمن آهن ـــ دشمن جا ايجنٽ آهن.
1976