نيٺ گونگي ڳالهايو, ليکڪ : امر جليل

نيٺ گونگي ڳالهايو

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : نيٺ گونگي ڳالهايو
ليکڪ : امر جليل
ڪيٽيگري : ناول
ڇپيندڙ : عبرت بڪ ڪلب
شايع ٿيڻ جو سال : 1994
شامل ڪيو ويو : 2016-11-15
ڏِٺو ويو : 12549 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 4479 ڀيرا
امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ناول مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ