ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10912
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

40

صبح جو عجيب ۽ انوکي ذھني ڪيفيت ۾ اک کلي. مون کي لڳو، ڄڻ ڪنھن ڏورانھين سفر تان موٽيو ھوس. ائين محسوس ٿيو، ڄڻ زندگيءَ جو ھڪ حصو ڪنھن گمنام دنيا ۾ گذاري آيو ھوس. مون کي يقين نه پئي آيو ته مان جيئرو ھوس. لڳم پئي، مان مري ويو ھوس، ۽ مري وڃڻ کانپوءِ ٻيھر جيئرو ٿي پيو ھوس. سڀ ڪجھه اوپرو ۽ اجنبي پئي لڳو.
واچ ۾ وقت ڏٺم. صبح جا يارھن ٿيا ھئا. ڪنڌ ورائي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺم. ڪمرو ساڳيو نه ھو، جنھن ۾، مان ڪالھه رات سُتو ھوس. مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺس. تڏھن، محسوس ڪيم ته انيڪ تارون منھنجي سيني ۽ ٻانھن سان چنبريل ھيون. لوندڙي وٽ سور جي سٽ محسوس ڪيم. ويھي نه سگھيم، پلنگ تي ليٽي پيس. اھو سڀ ڪجھه سيڪنڊن ۾ ٿيو. سسٽر زيتون ڊوڙندي آئي. سندس ڪڍ ھڪ جونئر نرس به ڪمري ۾ ھلي آئي.
مون سسٽر زيتون کان پڇيو، ” ھيءَ ڪھڙو ڪمرو آھي، ۽ مون کي ايتريون تارون ڇو چنبرايل آھن؟“
سسٽر زيتون چيو، ” تون انٽينسو ( انتھائي نگھداشت) يونٽ جي ڪمري ۾ آھين. ھي تارون ٻن مانيٽرن سان لڳل آھن. تنھنجي دل جو ڌڙڪڻ، رفتار، بلڊ پريشر وغيره ڏسڻ لاءِ ھنن مانيٽرن جو ڪنيڪشن ٻاھر اسان جي مانيٽرن سان مليل آھي. تون ھنيئر اٿي ويٺو ھئين ڇا؟“
جواب ڏيڻ بدران کانئس تعجب وچان پڇيم، ” پر،مون کي انٽينسو يونٽ ۾ ڇو آندو اٿو؟“
وراڻيائين، ” ڊاڪٽر امان الله خان پاڻ تو کي انٽينسو يونٽ ۾ شفٽ ڪرائي ويو ھو.“
تعجب وچان چيم، ” ڪمال آھي ! مون کي ڪا به خبر نه پيئي.“
چيائين، ” تون ٽرينڪو لائيزرن جي اثر ھيٺ ھئين. تو کي ڪيئن خبر پوي ھا! “
پڇيم، ” پر مون کي انٽينسو يونٽ ۾ ڇو شفٽ ڪيائين ! مون کي ته ڪا تڪليف ڪونھي.“
اطمينان واري مرڪ چپن تي تري آيس. چيائين، ” برين ٽيومر لاءِ بائپسي ڪا معمولي ڳالھه ناھي.“
تڏھن اوچتو مون کي ڪالھه رات واري ڊرامي جو خيال آيو. ڊاڪٽر امان الله مون کي ساڄي لوندڙي وٽ ٽُڪو ڏنو ھو. مون لوندڙي کي آڱرين سان ڇھيو. مون کي مٿي تي پٽي ٻڌل ھئي. پر، پٽي به اھڙي نموني ٻڌي ويئي ھئي، ڄڻ پٽي بدران پٽڪو ٻڌو ويو ھو. نرڙ، اڌ مٿو ۽ ڪياڙي پٽين سان ڍڪجي ويا ھئا. پٽين کي ھڪ وڙاڪو لوندڙيءَ کان کاڏي تائين ڏيئي ڇڏيو ھئائون.
مون کي بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. مون سسٽر زيتون کي چيو، ” مون کي تارن کان آزاد ڪر، مان اٿڻ چاھيان ٿو.“
سسٽر زيتون وراڻيو، ” تارن سميت تو اٿي، ۽ ٽيڪ لڳائي ويھي سگھين ٿو.“
تارن ۾ مُٺ وجھندي چيم، ” نه نه، مان اٿڻ چاھيان ٿو. مان پنھنجي شڪل ڏسڻ چاھيان ٿو. مون کي آزاد ڪريو.“
سسٽر زيتون گھٻرائجي ويئي. منھنجي ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي چيائين، ” متان اھڙي ڪا غلطي ڪئي اٿئي ! جيستائين ڊاڪٽر امان الله نه ايندو، تو کي مانيٽرن سان منسلڪ رکبو. ان ۾ تنھنجو ڀلو آھي، ان ۾ اسان جو ڀلو آھي.“
مون بيوسي مان تارن مان ھٿ ڪڍندي چيو، ” سڀ ڪجھه غلط ٿي رھيو آھي. سڀ ڪجھه غلط ٿي ويو آھي.“
زيتون مون کي پٺي ھيٺان ويھاڻو ڏيئي ويھاريندي چيو، ” سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي رھيو آھي. ۽ سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي ويو آھي. تنھنجو ٽيومر ملينگٽ نه آھي.“
دل چاھيو ته چوانس، تون ڌوڙ جي نرس آھين. سا به سينئر نرس ! تنھنجي آڏو، تنھنجي اکين آڏو بدترين ڊرامو ھلي رھيو آھي، ۽ تون بيخبر آھين!
مون سسٽر زيتون کان پڇيو، ” ڊاڪٽر امان الله ڪڏھن ايندو؟“
وراڻيائين، ” يارھين ۽ ٻارھين جي وچ ڌاري ايندو.“
چيم، ” سسٽر مون کي آزادي گھرجي، مون کي آزاد ڪر.“
منھنجو ھڪ ھٿ پنھنجي ٻنھي ھٿن ۾ کڻندي چيائين، ” قلندر، تون آزاد آھين... ھي تارون، ۽ مانيٽر، ۽ انٽينسو ڪيئر جو محفوظ ڪمرو، سڀ ڪجھه عارضي آھي. تون آزاد آھين.“
پڇتاءَ وچان ڪنڌلوڏيندي چيم، ” ھيءَ ڪھڙي قسم جي آزادي آھي، جو پنھنجي مرضيءَ سان مان نه اٿي سگھان ٿو، ۽ نه ويھي سگھان ٿو ! نه ھيءَ ڪمرو، ۽ نه ھيءَ اسپتال ڇڏي سگھان ٿو. ھيءَ ڪھڙي قسم جي آزادي آھي !“
سسٽر زيتون مون کي سمجھائڻ واري نوع ۾ چيو، ” اسپتال ۾ اچبو پنھنجي مرضي سان آھي، پر وڃبو ڊاڪٽر جي مرضيءَ سان آھي.“
” نه سسٽر، نه“ بيچين ٿيندي پڇيم، ” مان انھن مريضن مان نه آھيان. مان ھتان ھليو ويندس. مان ھليو ويندس، وڌيڪ نه ترسندس.“
پيار وچان منھنجي ٻنھي ڪلھن تي ھٿ رکندي چيائين، ” ڪمال آھي ! تون ھڪ ٻن ڏينھن ۾ اسان کان ايتريقدر بيزار ٿي پيو آھين.“
” نه نه. توھان کان نه. خاص ڪري توکان ته ڪڏھن به نه.“ سندس منھن ۾ ڏسندي چيم، ” عام رواجي حالتن ۾، وس ۾ ھجي، ته تو وٽ مريض ٿي ھميشه لاءِ رھي پئجي.“
چپن تي مرڪ تري آيس. پڇيائين، ” مريض ٿي ڇو ! تون ھونءَ به مون وٽ رھي سگھين ٿو.“
پڇيم، ” ڪھڙي حيثيث ۾؟“
چيائين، ” منھنجي پٽ جي حيثيث ۾.“
مون کي ذري گھٽ کل اچي ويئي. چيم، ” ماڻھو مڃيندا.“
ڪاوڙ لڳس. چيائين، ” ماڻھن جو منھنجي ذاتي زندگيءَ سان ڪھڙو واسطو.“
ڪاوڙ لاءِ مون کي سبب سمجھه ۾ نه آيو. چيم، ” ماڻھن جو ڪھڙو ڏوھ ! اسان جي عمر ۾ ايترو گھٽ فرق آھي، جو سمجھين ٿي ڪو به اسان کي ماءُ پٽ جي حيثيث ۾ قبول ڪندو ! “
لاپرواھي وچان ڪلھن کي جھٽڪو ڏنائين. ڄڻ چوندي ھجي. مون کي پرواھ ناھي. مان ڏانھنس ڏسندو رھيس.
ھوءَ ڪرسي تي ويھي رھي. مون ڏانھن ڏسڻ کان سواءِ چيائين، ” ھڪ رشتي جي پائيدار تڪميل کان پوءِ، زندگيءَ ۾ ان رشتي جي خلا محسوس نه ٿيندي آھي. دنيا جو ڪو به مرد منھنجي زندگي ۾ شناس جي جاءِ والاري نه سگھندو. ڇو جو شناس اھا جاءِ خالي نه ڪئي آھي.“
ھو خاموش ٿي ويئي. سوچ ۾ گم ٿي ويئي. مان ڏانھس ڏسندو رھيس.
ڪجھه دير کان پوءِ ٿڌو ساھ کڻي مون ڏانھن ڏٺائين. چيائين، ” مان جڏھن به پُٽ جو تصور ڪندي آھيان، ته ھو مون کي ڪجھه ڪجھه جنوني، ڪجھه چيڙاڪ، ڪجھه ڪجھه کلڻو، ڪجھه ڪجھه مايوس، ڪجھه ڪجھه سودائي ۽ ڪجھه ڪجھه بيچين نظر ايندو آھي. ھوبھو موتيءَ وانگر، ۽ تو وانگر.“
ان کان اڳ جو سندس ڳالھه تان ٽھڪ ڏيئي کلي پوان، سسٽر زيتون چيو، ” پر، تون موتيءَ وانگر نه ڪجان. مون کي سسٽر زيتي نه سڏجانءِ، ۽ بنا ٻڌائڻ جي ھليو به نه وڃجانءِ.“
موتي سترھن ارڙھن سوالن جو نوجوان ھو، ۽ ڊاڪٽر دراني جي اسپتال ۾ ٽيومر جي آپريشن دوران آپريشن ٿيٽر ۾ مري ويو ھو.
” تون ته ائين نه ڪندين نه؟“ سسٽر زيتون منھنجي ڀرسان ويھي رھي. منھنجا ٻئي ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ جھليندي چيائين، ” نه نه. تون ائين نه ڪجانءِ. مان ڏسان ٿي، مان ڏسي سگھان ٿي، تون وڏي عمر ماڻيندين. تمام وڏي تارن جيڏي!“
مان خاموشي ۽ اچرج وچان ڏانھنس ڏسندو رھيس. ھوءَ مون کي نرس بدران فلسفي محسوس ٿيڻ لڳي. ڪنھن اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو، اھو منھنجو پھريون تجربو ھو. نرسن جي باري ۾ مون انيڪ ابتيون سُبتيون ڳالھيون ٻڌيون ھيون. پر، ڪنھن نرس کي ويجھڙائي کان مون پھريون دفعو ڏٺو ھو.
اوچتو ڄڻ ڪجھه ياد آيس. ھڪدم منھن ورائي مون ڏانھن ڏسندي چيائين، ” اڙي ھا. مون کان ٻڌائڻ وسري ويو. اڄ صبح جو نائين لڳي وري اھا عورت آئي ھئي ، جيڪا ڪالھه شام تنھنجي بائپسي مھل آئي ھئي.“
” ھوءَ آئي ھئي! “ مون تعجب وچان پڇيو، ” پوءِ؟“
” تو سان ملڻ جو ضد پئي ڪيائين.“ سسٽر زيتون چيو، ” ” ضد ٻڌي بيھي رھي ھئي.“
پڇيم، ” ڇا تي؟“
وراڻيائين، ” تو سان ملڻ تي.“
دل کي جھوٻو آيو. سوچيم، اسلام آباد جي ڪوفي ۾ ڪو ته آھي جنھن منھنجي باري ۾ سوچيو آھي منھنجي باري ۾ فڪرمند آھي!
ائين ئي سسٽر زيتون کان پڇيم ” ڪيئن ھئي؟“
وراڻيائين، ” زندگيءَ جا لاڙھا چاڙھا ڏٺل پئي عورت لڳي. گھري ۽ بُردبار. ھن تو کي ڪافي دير تائين آبزويشن وندر جي شيشي مان بيھي ڏٺو ھو.“
پڇيم، ” ڪجھه چيائين؟“
وراڻيائين، ” ڪافي دير تائين تو کي ڏسڻ کان پوءِ پڇيو ھئائين، توھان کي پڪ آھي ته ھن مريض جو نالو قلندر آھي. ٻيو ڪو ته نالو نه آھي؟
مون کي ٻوسٽ ٿيڻ لڳي. شناخت سان گڏ مان پنھنجو نالو به وڃائي ويٺو ھوس.
مون سٽ ڏيئي سيني سان چنبڙايل مانيٽر جو تارون پٽي جدا ڪري ڇڏيون.
سسٽر زيتون ڊپ وچان مون کان وک کن پري ٿي ويئي.
مان اٿي بيھي رھيس.
ان وقت ڊاڪٽر امان الله خان ڪمري ۾ داخل ٿيو مون وڏي واڪ پڇيو، ” منھنجو نالو ڇا آھي؟“
ڊاڪٽر ھڪدم ماحول کي پرکي ورتو. ڌيرج سان وراڻيائين، ” تنھنجو نالو قلندر آھي. تون برين ٽيومر جو مريض آھين. ڪالھه تنھنجي بائپسي ٿي آھي.“
مان وک کڻي ھن جي سامھون بيٺس.
ڊاڪٽر امان الله خان ڪنڌ سان اشارو ڪندي سسٽر زيتون کي چيو، ” تون ھلي وڃ، سسٽر.“
سسٽر زيتون ڪمري مان ھلي ويئي.
ڊاڪٽر امان الله خان تازين اخبارن مان ھڪ اخبار جو پھريون ورق ورائيندي چيو، ” ھيءَ ڏس. جوڳي، جي پريس ڪانفرنس شايع ٿي آھي.“
خبر جي سرخي ڏاڍي معني خيز ھئي. گلاب ۽ مان دھشتگرد نه آھيون. اسين اسلام کي ڳولڻ لاءِ اسلام آباد آيا آھيون. جوڳيءَ جي صحافين سان ڳالھه ٻولھه.