ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10912
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

1

چانھه ٺاھيندي، مون گلاب گونگي کي چيو، ” تون مون وانگر آڙيڪاپ نه آھين، بلڪه معصوم آھين، جنھن ڪم ۾ مان ناڪام ٿي چڪو آھيان، سو ڪم تون ڪري نه سگھندين. تون به مون وانگر پيو ڪم ڪر.“
جمعي جو ڏينھن ۽ صبح جو وقت ھو. گلاب گونگو آمليٽ لاءِ بصر ڪپي رھيو ھو، ۽ اکين مان ھنجون ھاري رھيو ھو. قميص جي ٻانھن سان اکيون اگھي ھن مون ڏانھن ڏٺو.
چانھه جي ڪوپ ۾ کير وجھندي چيم،” تون ڪنھن به صورت ۾ محمد اسلام قاضي محله روھڙي شريف کي ڳولي نه سگھندين. اسلام آباد ڏاڍو نامراد شھر آھي. اسلام کي کائي ويو آھي.“
گلاب گونگي کي منھنجي ڳالھه نه وڻي. ھن ڪنڌ کي سٽ ڏني ۽ بصر ڪپڻ لڳو.
چانھن جي سپ ڀريم، چيم ” اسلام آباد ۾ گم ٿيل اسلام کي ڳولڻ لاءِ مون سالن جا سال، مھينن جا مھينا، ڏينھن جا ڏينھن وڃائي ڇڏيا آھن. مان کيس ڳولي نه سگھيو آھيان. تون کيس ڪئين ڳولي سگھندين؟ “
گلاب گونگي ڇري رکي ڇڏي، قميص جي ٻانھن سان اکيون اگھي، ھن پينسل کڻي ڪاغذ تي لکيو ”تو کي اسلام آباد جون ڏائڻيون ورائي ويون آھن. تون اسلام کي ڳولي نه سگھندين. اسلام کي مان ڳوليندس.“
ڪاغذ پڙھي ڪاوڙ وچان چيم ”جنھن ڏينھن تون اھو ڪارنامو سر انجام ڏيندين، تنھن ڏينھن مان خودڪشي ڪندس.“
گلاب گونگو ٽھڪ ڏيئي کلي پيو.
چيم، ”ڇو؟ تون ڇا ٿو سمجھين، مان خودڪشي ڪري نه سگھندس؟“
گلاب گونگي ھڪدم ڪاغذ تي لکيو،”خودڪشي جيئرا ڪندا آھن، ورھيه ٿيا آھن جو تون مري ويو آھين.“
ڪاغذ مروڙي سروڙي باھ ۾ اڇلايم، چانھن جو ڪوپ کڻي ٻاھر ويندي چيم، ”تون اسلام کي ڳولڻ ۾ ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندين. اسلام آباد ڏاڍو نامراد شھر آھي. تون به اسلام وانگر ھن شھر جو کاڄ ٿي ويندين.“
بورچيخاني مان نڪري، ورانڊي ۾ وڃي ويٺس. اخبارون ٽڙيون پکڙيون پيون ھيون. جمعي ڏينھن چار پنج اخبارون اسانجي فليٽ تي اينديون آھن. مان صبح سوير ننڊ مان اٿي نه سگھندو آھيان. ھميشه سج اڀرڻ کان پوءِ ننڊ مان اٿندو آھيان. گلاب گونگو، منھنجو دوست، منھنجو ساٿي ڏاڍو نيڪ بخت آھي. صبح سوير ننڊ مان اٿندو آھي. اٿڻ شرط منھن تي پاڻي جا ڇنڊا ھڻي، جاگر پائي، ڊوڙندر ڪراچي ڪمپنيءَ کان ٻاھر ھليو ويندو آھي.
بدنما فليٽن جي طويل سلسلي کي اسلام آباد وارن ڪراچي ڪمپنيءَ جو نالو ڏيئي ڇڏيو آھي. چون ٿا پنھنجي نوعيت جو واھيات فليٽ ٺاھڻ لاءِ ٺيڪو ڪراچي جي ھڪ ڪمپنيءَ کي ڏنو ھئائون. ٺيڪيدار، پنھنجي ٺيڪي جا پيسا ڇڏائي ۽ پٺيان نھايت بدنما، بدصورت ۽ ڀوائتن فليٽن جو شيطاني سلسلو ڇڏي الوپ ٿي ويو ھو. ڪراچي ڪمپنيءَ وارو ٺيڪيدار پاڻ ته گم ٿي ويو، پر فليٽن تي پنھنجي ڪمپنيءَ جي ڇاپ ڇڏي ويو. اھو ڏينھن. اڄ تائين انھن فليٽن کي سڏين ڪراچي ڪمپني ! ڪراچي ڪمپنيءَ جي فليٽن ۾ سنڌ مان آيل گلاب گونگي ۽ مون جھڙا مولائي وڏي تعداد ۾ رھندا آھن. ھجين حياتي، سدائين ھڪٻئي کان رُٺل رھندا آھن !
گلاب گونگو ھونءَ ته ھفتي جا ڇھه ڏينھن فليٽ ۾ ئي ڏنڊ بيٺڪون ھڻندو آھي ۽ قسمين قسمين ڪسرتون ڪندو آھي. پر، خاص ڪري جمعي ڏينھن گلاب گونگو اسر ويل اٿي ڊوڙندو، ڪراچي ڪمپنيءَ جي فليٽن کي پوئتي ڇڏي، پشاور موڙ ڏانھن ھليو ويندو آھي. پشاور موڙ کان اوپن يونيورسٽيءَ وارو رستو وٺي، قبرستان کان ٿيندو، جھرن جھنگن مان شارٽ ڪٽ ھڻندو، فليٽ تي موٽي ايندو آھي. اچڻ شرط اخبارن جو بنڊل کولي ويھي رھندو آھي. اخبارن مان فقط ايڊيٽوريل پڙھندو آھي. سمورين اخبارن جا ايڊيٽوريل پڙھي گلاب گونگو بورچيخاني ۾ وڃي بيھندو آھي ۽ نيرن ٺاھڻ ۾ لڳي ويندو آھي. اھا ھن لاءِ ھر جمعي جي ڪرت آھي. ھونءَ نه ته، ھفتي جا ڇھه ئي ڏينھن اسين پنھنجي آفيس ۾ وڃي نيرن ڪندا آھيون.
سج چڙھئي کان پوءِ مان ننڊ مان اٿندو آھيان. ٿڙندو ٿاٻڙندو غسلخاني ۾ وڃي، نلڪي ھيٺان مٿو ڏيئي پاڻي کولي ڇڏيندو آھيان.مٿي تي پاڻي پوڻ سان ڪجھه، ھوش ۾ ايندو آھيان. غسلخاني مان نڪري ٿاٻا کائيندو، بورچيخاني ۾ وڃي پنھنجي لاءِ چانھن ٺاھيندو آھيان. گلاب گونگو نيراني چانھه نه پئيندو آھي. ھو نيراني پاڻيءَ جو ٿڌو گلاس پيئندو آھي. اھي نيڪ بندي جون نشانيون آھن. جنت ۾ کيس چانھه ملڻ جو امڪان ڪونھي. نيراني چانھه پيئڻ واري منھنجي عادت تي ھڪ دفعي پني تي لکيو ھئائين، تون ڪارو انگريز آھين ۽ فرشتن جي غلطيءَ سبب سنڌ ۾ ڄائو آھين.
ذري گھٽ ھر جمعي تي گلاب گونگو آمليٽ ٺاھيندو آھي. آمليٽ ٺاھڻ ۾ ھو پنھنجو مٽ پاڻ آھي. سموري سنگت جو مڪروھ فيصلو آھي ته آمليٽ ٺاھڻ ۾ گلاب گونگو فخر پاڪستان آھي، بلڪه فخر ايشيا آھي. ھو جڏھن آمليٽ ٺاھي ايندو آھي. تڏھن جھٽ ھڻي اخبار مون کان ڦري وٺندو آھي. سندس ان حرڪت جو مطلب ھوندو آھي نيرن تيار آھي.
چانھه جون سرڪيون ڀريندي مان سڀ کان اڳ اشتھار پڙھندو آھيان. ھر طرح جا اشتھار، ڪن جا گھريلو سامان، فليٽ، بنگلا ۽ پلاٽ وڪڻڻ جا اشتھار، شادي ۽ سڱابنديءَ جا اشتھار، مٿي تي وران وڌائڻ جا اشتھار. ان کان پوءِ ڌاڙا، اغوا، خونن جو خبرون پڙھندو آھيان. سياسي خبرون ڀُل وچان به نه پڙھندو آھيان. سياسي خبرون پڙھي مون کي ڪراھت ايندي آھي اھو سمورو ڏينھن اوڪارا ڪندي گذرندو آھي.
ھيءَ جنھن جمعي جي ڳالھه آھي، تنھن ڏينھن صبح جو چانھه پيئڻ کان پوءِ مون اخبارن مان اشتھار ويٺي پڙھيا، اشتھار پڙھندي مون کي گلاب گونگي جو خيال آيو. اسلام آباد ۾ ھو اسلام کي ڪيئن ڳوليندو ! اھڙو شھر، جيڪو سيڪٽرن ۾ ورھايل ھجي، جنھن ۾ ھڪ سيڪٽر جا رھواسي ٻئي سيڪٽر جي رھواسين کي ڪمتر سمجھن، پاڻ کي برتر ! اھڙي نڀاڳي شھر ۾ گلاب گونگو اسلام کي ڪئين تلاش ڪري سگھندو ! مان بريءَ طرح ناڪام ٿي چڪو آھيان. ڪو به حيلو بھانو ڪارگر ثابت نه ٿيو آھي. ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿي آھي. اسلام آباد ۾ اسلام، اسان جو سنگتي ۽ پاڙيسري، اھڙي نموني گم ٿي ويو آھي ، جئين سچ !
گلاب جھٽ ھڻي اخبار منھنجي ھٿن مان ڦري ورتي. ان جو مطلب ھو ته نيرن تيار ھئي. تڏي تي آمليٽ، ڊبل روٽيءَ جو سيڪيل سلائيسون، ڀُڳل سيون، چانھه جي ڪيٽلي ۽ ڪوپ رکيا ھئا. اسين ٻئي ھڪٻئي جي سامھون پلٿي ھڻي ويھي رھياسين. آمليٽ جو ٽڪر کائيندي گلاب کي چيم، ” تون جنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪندين، سا ڏاڍي سکي رھندين “
گلاب مرڪڻ لڳو.
مون گلاب کي چيو ”تون محمد اسلام کي ڳولڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ. مون کي پڪ آھي ته اسلام اسان کي اسلام آباد ۾ نه ملندو.“
پينسل کڻي پني تي لکيائين ؛ ٻيو ڇا ڪريان؟
آمليٽ تي سيون رکي کائيندي، چيم ”تون ڪو تاريخي ڪارنامو ڪري ڏيکار ڪنھن ايئر ھوسٽس سان عشق ڪري ڏيکار پنھنجي علائقي جو گونگو ڪائونسلر ٿي ڏيکار – گونگو سينيٽر، يا وري اسيمبليءَ جو گونگو ميمبر ٿي ڏيکار. “
گلاب گونگو مُرڪڻ لڳو.
چيم، ' تون ھئين ڪر گلاب ” تون چونڊن ۾ اول بيھڻ جو ۽ پوءِ ويھڻ جو اعلان ڪر ۽ وري بيھڻ جو اعلان ڪر ۽ آخر ۾ سمھي پوڻ جو. “
گلاب پينسل کڻي پني تي لکيو، ”تون پنھنجي بڪواس بند ڪر، تون جڏھن به بڪواس ڪندو آھين، آمليٽ جو خانو خراب ڪري ڇڏيندو آھين. “
خبر اٿئي ! مون گلاب کي چيو، ”ھندستان جي تاريخ ۾ ھڪ گونگو پھلوان ٿي گذريو آھي، ھن گاما پھلوان کي شڪست ڏني ھئي. “
گلاب گونگو ڊبل روٽيءَ جي سلائس سان آمليٽ کائيندو رھيو ۽ رکي رکي مون ڏانھن ڏسندو رھيو ۽ مرڪندو رھيو. ھن جي مُرڪ ڏاڍي پراسرار ھئي.
مون کيس ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي چيو، ”تون ڳالھاءِ گلاب، ڳالھاءِ ! سچ نه، ته کڻي ڪوڙ ئي ڳالھاءِ ! اسان جي ملڪ ۾ ڪوڙ ڳالھائڻ وارن جي ڏاڍي عزت ۽ ساک ھوندي آھي، تون ڳالھاءِ گلاب – ڳالھاءِ !“
گلاب پاسي ۾ رکيل پينسل کڻي، ڪاغذ تي لکيو، تون ماٺڙي ڪري آمليٽ کاءُ ٻوڙا ! پر ڌيرج سان.
”ٺيڪ آھي، ٺيڪ آھي، تنھنجي چوڻ مطابق مان ٻوڙو آھيان. ڪجھه ڪجھه خفي ٿيندي چيم، ان جو مطلب ته تون محمد اسلام آف قاضي محله روھڙي شريف کي ڳولڻ کان سواءِ اسلام آباد ۾ ٻيو ڪو ڪم نه ڪندين ! “
پني تي لکيائين، ھا مان ٻيو ڪو ڪم نه ڪندس.
”اسلام آباد ۾ اسلام کي ڳولڻ ھونءَ ئي امڪان کان ٻاھر آھي. ' کيس سمجھائڻ واري نوع ۾ چيم، پر، جيڪڏھن خاموش رھندين، ڳالھائيندين نه، ته پوءِ قيامت تائين اسلام کي ڳولي نه سگھندين.“
گلاب گونگي منھنجي ڳالھه کي اھميت نه ڏيندي ڪاغذ تي لکيو، ”آمليٽ ختم، پيسا ھضم، ٿانو کڻي، بورچيخاني ۾ وڃي ڌوءُ !“
مون کي ڪاوڙ لڳي، خالي پليٽون ۽ ڪوپ کڻي ڌوئڻ لاءِ بورچيخاني ڏانھن ھليو ويس.