ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10913
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

25

اسڪول جي ٻاھران ڇولن واري جي گاڏي ڀرسان مجيد بيھي رھيو. مان امام واڙي ۾ داخل ٿي، ھلندر مجلس جي ماڻھن ۾ ويھي رھيس. ڪنھن به منھنجي اچڻ تي ڌيان نه ڏنو. ماڻھو ذاڪر جي دردناڪ لھجي کان متاثر ٿي روئي رھيا ھئا. مون ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو. سوچيم، ممڪن آھي ڪنھن گماشتي مون کي ڏسي ورتو ھجي، ۽ ڪجھه ئي دير ۾ نفري وٺي امام واڙي تي ڇاپو ھڻي ! اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٻه در ھئا. ھڪ در بند ڪري ڇڏيو ھئائون. ھال ۾ چئني طرف دريون ھيون. سيءَ سبب دريون به بند ڪري ڇڏيون ھئائون.
مان سرندو، چرندو ھڪ نويڪلي دري وٽ وڃي ويٺس. خبرداريءَ سان دريءَ جا بلٽ لاھي ڇڏيم. سوچيم، جيڪڏھن گماشتن ۽ سندن ڇاڙتن ڇاپو ھنيو، ته دري کولي ڀڄي ويندس. جيستائين گماشتا اچن، يا ڊاڪٽر سولنگي اچي، مان منھن مونن ۾ ڏيئي ويھي رھيس ۽ مجلس ٻڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
خيال منتشر ھئا. انديشا سوچ تي حاوي ھئا. وھم ورائي ويا ھئا. مون کي رکي رکي مجيد جو خيال پئي آيو. ھو ڇا ڪرڻ آيو آھي ! ڇا ھو به مون وانگر ۽ گلاب گونگي وانگر اسلام آباد ۾ گم ٿي ويل اسلام کي ڳولڻ آيو آھي؟ جيڪڏھن منھنجي يا گلاب گونگي جي ڪا مدد ڪرڻ آيو آھي ته پاڻ سان غير واجبي الزامن جي فھرست ڇو کڻي آيو آھي !
اسلام آباد ۾ مختلف سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جا ڪيترائي ڇوٽا موٽا ۽ گڙنگ ڪامورا کليو کلايو تبليغي جماعت جا ميمبر آھن. ھڪ نظر ۾ سڃاڻي سگھبا آھن. ڏاڙھي سيني کان ھيٺ، ذري گھٽ دُن تائين، مٿي تي اڇي ٽوپي، اکين ۾ پاءَ کن سُرمو، ۽ نڪ ھيٺان ڪن جو مُڇون صاف! اڪثر سُٿڻ قميص ۾ نظر ايندا آھن. سٿڻ جا پاچا ھميشه مُرن کان مٿي ! ڳالھائڻ جا ڌيما، پر آفيس جي ڪم ڪار ۽ ميٽنگن کھرا ۽ سخت ! ھڪ ٻئي لاءِ غار جا يار وارو محاورو استعمال ڪندا آھن. اسلام آباد ۾گذريل سال ساليانو اجتماع ڪيو ھئائون. ويھارو ھزار کن جماعت جا ميمبر اچي گڏ ٿيا ھئا. مجيد به ان اجتماع ۾ آيو ھو. اجتماع جي ختم ٿيڻ کانپوءِ مجيد اسلام آباد ۾ رھي پيو ھو، ۽ گڙنگ ڪامورن سان تبليغي جماعت جي نالي عليڪ سليڪ ڪري ويو ھو. اي کان وٺي سيڪريٽريٽ جي زيڊ بلاڪ تائين ڪنھن به کاتي جي ڪنھن به ميمبر کي نه ڇڏيو ھئائين.
مجلس ٻڌندي خيال آيو ته مجيد جي معرفت ڪنھن اثر رسوخ واري ڪاموري کي ھٿ ڪبو، ۽ کيس سموري حقيقت کان آگاھ ڪبو. تبليغي جماعت جا ميمبر ھڪٻئي تي اکيون بند ڪري اعتبار ڪندا آھن. ھڪ عدد سٺو وڪيل ڪري ڏنائون ته سندن وڏا وڙ ! ڪيس ۾ ڪجھه ڪونھي، پھرين شنوائيءَ ۾ معاملو ختم ٿي ويندو!
پر، مجيد کي ڪيئن يقين ڏيارجي ته گلاب گونگو ۽ مان تخربيڪار يا دھشتگرد نه آھيون. اسان تي لڳايل الزام 1971 کان اڳ مشرقي پاڪستان جي بنگالين تي الزامن کان مختلف نه آھي ! اھي ڳالھيون مجيد کي ڪھڙي نموني ذھن نشين ڪرائجن !
ذاڪر قصي جي سڀ کان وڌيڪ دردناڪ ۽ المناڪ واقعي جي بيان تي اچي پھتو ھو. مجلس ۾ ويٺل ماڻھو اوڇنگارون ڏيئي، ۽ ھنجون ھاري روئي رھيا ھئا. ان وقت مون ڊاڪٽر سولنگيءَ بدران ڊاڪٽر امان الله خان کي مجلس واري ھال ۾ داخل ٿيندي ڏٺو. مون تي نظر پيس. وجھه وٺي منھنجي ڀرسان اچي ويٺو.
ڊاڪٽر امان الله اصل ۾ افغانستان جو ھو. پر، خيبر ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جي شھريت وٺي ڇڏي ھئائين. بيحد ذھين ھو. ھميشه مصروف ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ نظر ايندو ھو. جنگ جي شروعاتي دور کان وٺي ھو ڇاپامار دستن سان گڏجي روسي فوجن تي اوچتا حملا ڪندو ھو. سندس دھشت جي ھاڪ پشاور کان ڪابل تائين، ۽ ڪابل کان ماسڪو تائين ھلي ويئي ھئي. ھن روس جي ٻن ناراض اديبن، بورس پيسٽرناڪ ۽ سولزستن جي تحريرن مان ڏاڍو فيض پرايو ھو. ھڪ دفعي بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو ھئائين، اسين انسان جي فڪري، ذھني ۽ اظھار جي آزاديءَ لاءِ جنگ لڙي رھيا آھيون. اسان جي مذھب ۽ عقيدي کي ڪميونزم کان ڪو خطرو نه ھو.
ورھين تائين امان الله خان سان منھنجي ملاقات ڊاڪٽر سولنگي وٽ ٿي ھئي. ڪجھه عرصي کانپوءِ مون محسوس ڪيو ھو ته امان الله بظاھر افغان جنگ کان لاتعلق ٿي ويو ھو، پر ھو اندرين خاني، خفيه نموني ڪنھن مھم تي ڪم ڪري رھيو ھو. ھن واضع ڪري ڇڏيو ھو ته روس خلاف جنگ جي عيوض ھو افغانستان تي مُلن جو قبضو ڪرڻ نه ڏيندو ! ان سلسلي ۾ ھو ڇا ڪري رھيو ھو، مون کي تڏھن ڪا خبر نه ھئي.
ڊاڪٽر امان الله خان کي مون ڪڏھن به نوڪري وڃڻ ۽ وڃائڻ جي ڊپ ۾ گرفتار نه ڏٺو ھو. چوندو ھو، مان آھيان ھاري جو پٽ. نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون ته وڃي ھر ھلائيندس.
ھڪ دفعي صحت واري وزير کي لاجواب ۽ وائڙو ڪري ڇڏيو ھئائين. ڪنھن ميٽنگ ۾ وزير صاحب نوجوان ڊاڪٽرن تي ڇوھ ويٺي ڇنڊيا ته نوجوان ڊاڪٽر ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ، ۽ ڳوٺاڻن جو علاج ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. ڊاڪٽر امان الله خان اٿي بيھي رھيو ھو. وزير صاحب کي چيو ھئائين، پاڪستان جي ڪنھن به ڳوٺ ۾ مون کي ليبارٽري ۽ دوائون مھيا ڪري ڏيو. مان ھينئر جو ھينئر ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ تيار آھيان. پر، دوائن ۽ ليبارٽريءَ کانسواءِ ڊاڪٽر ڇومنتر سان مريضن کي صحتياب ڪندو ڇا !
وزير صاحب پنھنجي تقرير اڌ ۾ ڇڏي ھليو ويو ھو. اسان سڀني جي نگاھن ۾ داڪٽر امان الله خان جو مان ۽ مرتبو وڌي ويو ھو. اھڙو ھو ڊاڪٽر امان الله خان !
ڊاڪٽر امان منھنجي پاسي کان اچي ويٺو. دوائن جو پڙو ۽ ھڪ چٽي مون کي ڏنائين. چٽي کولي ڏٺم. لکيل ھو، لال ڪواٽرن جي ڪرڪيٽ گرائونڊ وٽ منھنجي ڪار بيٺي آھي. تون وڃي ڪار ۾ ويھه ۽ منھنجو انتظار ڪر.
ھن مون کي ڪار جي چاٻي ڏني ۽ اک سان کسڪي وڃڻ جو اشارو ڏنو. مان دوائن جو پڙو ۽ چاٻي کڻي، آھستي آھستي کسڪندو مجلس مان نڪري ويس.
امام واڙي مان ٻاھر نڪري ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺم مجيد مون کي نظر نه آيو. مون کي تعجب ٿيو. اسڪول جي ٻاھران بيھڻ ۽ مجيد بابت ڪنھن کان پڇا ڪرڻ مناسب نه سمجھيم. لال ڪواٽرن ڏانھن وڌي ويس. ڪرڪيٽ گرائونڊ وٽ ڊاڪٽر امان جي ڪار بيٺي ھئي. ھڪ وڻ جي اوٽ ۾ مان ترسي پيس. ڪار ۾ ويھي امان جو انتظار ڪرڻ مون کي ٺيڪ نه لڳو.
پنجن منٽن کانپوءِ ڊاڪٽر امان کي ذري گھٽ ڊوڙندي، ايندي ڏٺم. ھو سڌو وڃي ڪار وٽ بيٺو. ڪار جي ھينڊل ۾ ھٿ وجھي در کولڻ جي ڪوشش ڪيائين. در نه کليس. ڪار خالي ڏسي وائڙو ٿي ويو. تڏھن، مان وڻ جي اوٽ مان نڪري، رستو پار ڪري ڊاڪٽر امان جي سامھون وڃي بيٺس. ھٿ وڌائي کيس چاٻي ڏنم.
ھن ھڪدم ڪار جو در کولي ڇڏيو. ٻئي پاسي جو در کولي مون کي ويھڻ لاءِ چيائين. مان سندس کاٻي پاسي کان ويھي رھيس. ھن چاٻي ڦيرائي موٽر جي انجڻ کي حرڪت ۾ آندو ۽ پوءِ تيزيءَ سان اتان روانو ٿي ويو.
” مون کي تنھنجي ڳالھه وڻي “ ھن ڪار ھلائيندي چيو،
پڇيم، ”ڪھڙي؟“
چيائين، ” اڪيلي سر ڪار ۾نه ويھڻ واري “
ايف ڏھين جي رخ ۾ ھو ڪار ڊوڙائڻ لڳو. مون کانئس مجيد بابت پڇيو. وراڻيائين، ” مجيد پنھنجي ڊاڪٽر سولنگيءَ وٽ آھي.“
ڪجھه دير کانپوءِ، ڄڻ منھنجي ھورا کورا دور ڪرڻ لاءِ ڳالھايائين، چيائين، ” تو کي ڪجھه گماشتن اسپتال ۾ داخل ٿيندي ڏٺو ھو. جڏھن کان تو وارو معاملو متو آھي، ڊاڪٽر سولنگيءَ گماشتن جي اک ۾ آھي “
مان خاموش ويٺو رھيس.
ڊاڪٽر امان چيو، ” ايف – ٽين ۾ ھڪ پرائيوٽ اسپتال آھي. منھنجي ماروٽ جي آھي. مان اسپتال ۾ تو کي پنھنجو مريض ڪري داخل ڪرائيندس.
منھنجو تاثر ڏسڻ لاءِ ھن ڪنڌ ورائي مون ڏانھن ڏٺو. مون پاڻ کي حالتن جي حوالي ڪري ڇڏيو ھو. خاموش ويٺو رھيس.
ڊاڪٽر امان چيو، ” جيستائين تنھنجي لاءِ ڪنھن وڪيل جو بندوبست ڪريون، تيستائين تو کي پوليس کان بچائڻ ضروري آھي. اسان جي پرائيويٽ اسپتال نھايت محفوظ جاءِ آھي.“
ڊاڪٽر امان الله خان ايف – ٽين جي آخري حصي ۾ ھڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ اندر وڃي ڪار پورچ وٽ بيھاري ڇڏي.